شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 26 - فيبروري - 2021ع

ناول يوٿوپيا تي هڪ نظر


شام 04 لڳي 45 منٽ -خميس 18 فيبروري 2021  153 
image-1


سنڌي ادب ۾ واڌاري ۽ سڌاري لاءِ ڪيترن سالن کان ڪم ٿي رهيو آهي.اهو ڪم معياري يا غير معياري هجڻ جي تصديق تڏهن ٿي سگهندي جڏهن ليکڪن، ايڊيٽرن ۽ نقاد سان گڏ پڙهندڙن جي گهري نظرن مان گذري ان تي پنهنجي سمجهه آهر را ڏني ويندي. پڙهندڙ ڪابه تحرير پڙهي پنهنجي صلاحيتن جي سگهھ سان تخليق جو معيار واضع ڪري سگهي ٿو. ان ڪري مان به مارڪيٽ ۾ آيل ڪجهه نئون ناولن مان هڪ يوٿوپيا تي پنهنجي راءِ ڏئي رهي آهيان.

سنڌي ٻولي جي نامياري ناول نگار ڪليم ٻٽ جو سمبارا پبليڪيشن پاران ڇپيل 224صفحن تي مشتمل جديديت پڄاڻا ٽيڪنڪ تي لکيل ناول يوٿوپيا پڙهي اهو احساس ٿئي ٿو ته تخليقي ادب ۾ وڏي طاقت اهي ۽ تخليقي ادب ئي اهو واحد ذريعو آهي جنهن جي مدد سان اسان ڏکي کان ڏکي ڳالهه به سولائي سان ڪري سگهون ٿا.

 ليکڪ هن ناول ۾ ” يوٿوپيا“ نالي هڪ خيالي رياست ڏيکاري آهي. هي ناول ٽيڪنيڪ، ڪردارن ۽ ڪهاڻي جي حوالي سان هڪ منفرد ناول آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت هڪڙي رياست جو ماضي ۽ حال ڏيکاريل آهي ته ساڳئي ئي وقت ان ڳالهه ڏانهن به اشارو ڪيل آهي ته ايندڙ وقت ۾ رياستون ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري ڪهڙي نموني سندن شهرين کي غلام بڻائينديون..... جيئن ناول جو مک ڪردار هڪ هنڌ چئي ٿو ته:

”انسان جي آزادي هڪ خوبصورت ڏند ڪٿا جيان آهي. پاڻ کي آزاد سمجهندڙ انسان بلڪل ان يوناني نوجوان جيان آهي، جنهن جو نالو نرگسيت واري فلسفي جي بڻياد بڻيو...“  

هن خيالي رياست ۾ دريائي صوبي نالي هڪ صوبو ڏيکاريو ويو آهي ۽ جيبي نالي مک ڪردار جو تعلق ان صوبي  جي هڪ اهم سياسي خاندان سان آهي. ناول جيبي جي ڪهاڻي سان شروع ٿئي ٿو، جيڪو ان خيالي رياست ۾ لاڳو ٿيندڙ  هڪ ڪاري قانون  خلاف احتجاج جو اعلان ڪري ٿو. ناول جي سڀ کان دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيبي جسماني طور اڌ عورت ۽ اڌ مرد آهي، جڏهن ته ناول جو هڪ ٻيو ڪردار ماسمو به اڌ عورتاڻي ۽ اڌ مرداڻي جسم وارو ڪردار آهي. 

 ناول ۾ ڏيکاريل خيالي رياست جو حڪمران اڌڙوٽ عمر جي عورتن لاءِ قانون لاڳو ڪري هڪ  اهڙي شهر ۾ رهڻ جو چئي ٿو، جتي کين ڪي به انساني حق  نه هوندا يا وري اهي عورتون پنهنجو انت آڻي ڇڏين. انهن عورتن کي آئسوليشن سٽي ۾ رهڻ جو چيو وڃي ٿو .جڏهن اهڙي قانون جي خبر جيبي کي پئي ٿي ته سندس روح تڙپي اٿي ٿو ۽ احتجاج جو سڏ ڏئي ٿو ۽ ان حوالي سان هڪ هنڌ جيبي چئي ٿو:

”ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندي آهيان انسان جي هن وقت جي تاريخ تائين جيڪي به قانون ٺاهيا ويا آهن، پوءِ ڀلي اهي ديني هجن يا لاديني، سڀ جا سڀ انسان کي غلام رکڻ لا ٺاهيا ويا آهن....“

يوٿوپيا ۾ ڏيکاريل خيالي رياست وانگر اسان جي آسپاس به ڪيتريون ئي اهڙيون رياستون موجود آهن، جيڪي ڏاڍ ۽ جبر وسيلي انسانن کي غلام بڻائي ويٺيون آهن. هن ناول جي هڪ ٻئي خوبي ناول اندر  ڏنل آکاڻيون آهن،  جيڪي ڏاڍو متاثر ڪن ٿيون .پڙهندڙ کي اهو احساس به ٿئي ٿو ته اهو ڪهاڻين جي هڪ پوري جهان ۾ اچي ويو آهي، هر آکاڻي پنهنجي پاڻ ۾ سوچ سمجهه جا نوان در پڻ کولي ٿي. ناول نگار جو اهو ئي فن ڏاڍو متاثر ڪندڙ آهي ته هو ڳالهه مان ڳالهه ڪڍي ٿو ۽ مختلف ڳالهئين ۽ واقعن کي خوبصورتي سان هڪ ٻئي سان ڳنڍي ٿو. پڙهندڙ هڪ ئي وقت ناول ۾ موجود  خيالي توڙي حقيقي دنيا کي چڱي نموني محسوس ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته اهو پڻ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته هي ناول سنڌي ڊسٽوفيائي ناول جو پهريون تجربو آهي.

اها ناول جي خوبي ئي چئبي ته انڊاريڪٽلي دنيا ۾ ٿيندڙ ڏاڍ، صنفي ۽ جنسي فرق ۽ نا انصافين جي خلاف آواز اٿاري  ٿو ۽ پڙهندڙن جا ذھن جهنجهوڙي ٿو. هڪ ئي وقت ليکڪ ، مرد ۽ عورت جي ڪردار کي کڻي ٿو ۽ حقيقي ۽ تصوراتي دنيا ۾ پڙهندڙن کي گهمائي ٿو. ڪجهه لکڻيون اسان چاهيندي به پڙهي پوريون نه ڪري سگهندا آهيون جڏهن ته يوٿوپيا پڙهڻ وقت پڙهندڙ پاڻ کي اتي موجود ڏسي ٿو.  ها پر ناول ۾ ڪيترن ئي جاين تي پروفن جون غلطيون نظر اچن ٿيون جن کي درست ڪيو وڃي ها. باقي ڪهاڻي ايتري ته رواني سان ٻڌايل آهي جو پڙهندڙ ناول پڙهندو وڃي ٿو ۽ ڪهاڻي پوري ڪرڻ تائين ناول مان هٿ ڪڍڻ تي دل نٿي چئي. منهنجو خيال آهي ته منفرد ٽيڪنڪ تي لکيل ناول يوٿوپيا کي پڙهي سمجهڻ جي ضرورت آهي .

 



پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment