شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - جون - 2021ع

منڇر ناول مون کي ڪيئن لڳو؟


شام 04 لڳي 32 منٽ -سومر 25 جنوري 2021  357 
image-1

        

سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول نگار جنهن ريت ناول لکن پيا، ان مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته اسين ناول جهڙي اهم صنف ڏانهن ڪجهه سنجيدگي ڏيکاري رهيا آهيون. جيئن ته ناول ادب جي هڪ اهڙي صنف آهي، جيڪا افسانوي ادب ئي ليکي وڃي ٿي، تنهنڪري اها نه رڳو وڌيڪ موهيندڙ آهي پر پڙهندڙ جو ڌيان به پاڻ ڏانهن ڇڪائي ٿي. هن وقت به دنيا ۾ هر موضوع تي ناول لکجي رهيو آهي. سنڌي ادب ۾ ناول جي هاڻوڪي دور کي آئون ناول جو ”پنر جنم“ سمجهان ٿو. ڇاڪاڻ ته گذريل ستن اٺن سالن ۾ اسان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ جتي گهڻي انگ ۾ ناول پڙهڻ لاءِ مليا آهن، اتي ڪجهه سٺا ناول پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتا آهن.

تازو ئي منظور ٿهيم جو ناول “منڇر” ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هي ناول منڇر جهڙي اهم موضوع تي لکيل آهي. ظاهري طور منڇر هڪ ڍنڍ ناهي بلڪه هڪ پورو ڪلچر آهي. مهاڻن جو اهڙو ڪلچر جيڪو اڃا تائين به قائم آهي پر ان جي صورت ڪجهه هاڻ تبديل ٿي وئي آهي. پر جڏهن ڪنهن تاريخي ماڳ يا واقعي کي ناول يا افسانوي شڪل ۾ قلمبند ڪبو آهي ته ان سان نڀاءَ ڪرڻ بنهه ڏکيو هوندو آهي. هي ناول جتي اسان کي منڇر جي اوج ۽ زوال جا قصا ٻڌائي ٿو، اتي ناول ۾ منڇر جي مهاڻن سان لاڳاپيل مسئلا پڻ پيش ڪري ٿو. ناول جي سيٽنگ (زمان ۽ مڪان) ورهاڱي کان اڳ ۽ ان کان پوءِ واري دور جي رکي وئي آهي. جنهن ۾ منڇر جي تباهه حالي کي ڏيکاريو ويو آهي ۽ اها تباهه حالي هاڻوڪي دور تائين وڃي پهتي آهي.

هن ناول ۾ ڪهاڻي 1933ع واري زماني کان شروع ٿئي، جتي مهاڻا ڪاشي رام جي ظلم جو شڪار ڏيکاريا ويا، جيڪو هڪ ٺيڪيدار آهي ۽ مهاڻا ان جي استحصال مان ڇوٽڪارو چاهين ٿا. هڪ ڏينهن بوبڪ جا مهاڻا انگريز عملدار سان ملي ڪاشي رام جي شڪايت ڪن ٿا ۽ پوءِ انگريز عملدار مهاڻن کي منڇر لکي ٿو ڏئي، اهو فيصلو ڪاشي رام کي نٿو وڻي، ائين ناول ۾ اڳيان هلي ورهاڱي جا منظر پيش ڪيا ويا آهن، جتان لڏپلاڻ ٿئي ٿي، فرقيواريت جو عنصر به ڏيکاريو ويو آهي ۽ نئين ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ نون آقائن هٿان آهستي آهستي منڇر صفا تباهه ٿي وڃي ٿي.

ناول نگار منڇر کي ورهاڱي کان اڳ ڏيکارڻ وقت انهن واقعن کي به ساري ٿو، جنهن ۾ ڀڳت ڪنور رام به آهي ته بوبڪ شهر جو اهو ڪلچر به ڏيکاريو اٿس جيڪو مذهبي ڀائپي وارو هو ۽ ان زماني ۾ بوبڪ شهر جي سونهن به ڏيکاري اٿس. پر اهو ان ناول جو تاريخي پاسو آهي، ڪنهن به ناول لکڻ وقت ان ۾ تاريخ شامل ڪرڻ جو مقصد اهو ئي هوندو آهي ته جيئن اسين ماضي جي واقعن، ڪلچر، اهم ماڳ مڪانن ۽ ان وقت جي سماجي ۽ نفسياتي روين جي باري ۾ ڄاڻي سگهون. پر افسانوي ادب ۾ تاريخ کي پيش ڪرڻ وقت اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته اسين ڪو تاريخي نثر نه لکي رهيا آهيون ڇو ته ائين ڪرڻ سان پڙهندڙ کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته هو ڪو تاريخ تي لکيل مقالو پڙهي رهيو آهي.

منڇر جي ناول نگار سان به اهو مسئلو نظر اچي ٿو. ان کانسواءِ هڪ اهم مسئلو سڄي ناول جي هر باب ۾ نظر آيو آهي سو آهي زمان جي استعمال جو. ڪٿي ليکڪ زمان حال استعمال ڪيو آهي ته ڪٿي وري زمان ماضي ۾ ڳالهه ٿو ڪري، جڏهن ته ڪنهن به ناول جو زمان اڳواٽ ئي طئي ڪيو ويندو آهي.

مثال:

“هنن کي ڏاڍي دير ٿي رهي آهي، ماڻڪ ٻيڙي جي تختي تي ليٽيو پري کان پکين ۽ مهاڻن جا آواز ٻڌڻ ۽ انهن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.” (زمان حال)

“مون کي پنهنجي رستي وڃڻ ڏي، هو زور سان رڙيون ڪري ماڻڪ کي چئي رهيو هو.” (زمان ماضي)

هي معاملو سڄي ناول ۾ رهيو آهي، جنهن جي ڪري هڪ پڙهندڙ کي مونجهارو ٿئي ٿو. ان کانسواءِ ڪنهن به برادريءَ جو ٻوليءَ جي حوالي سان هڪ خاص لهجو هوندو آهي. جيئن کدڙن فقيرن جا پنهنجا اصطلاح ۽ لهجو آهن، اهڙي ريت مهاڻو به سنڌي ٻوليءَ جو الڳ لهجو، ترڪيبون ۽ لفظ رکي ٿو پر سڄي ناول ۾ ان ٻوليءَ جو ڪٿي به سواد نظر نٿو اچي، جنهن مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته ناول نگار منڇر جو مشاهدو بهتر نموني نه ڪيو آهي.

ڪوبه ڪردار جيڪو ورهاڱي کان اڳ منڇر تي مڇي ماريندڙ هوندو، اهو ان انداز سان پنهنجن ڪيفيتن کي بيان نه ڪندو، جيڪا ٻولي ناول نگار پنهنجن ڪردارن لاءِ استعمال ڪئي آهي. ائين ٿو لڳي ته منڇر جا مهاڻا ڪي جينٽل مين آهن. جيئن جڏهن لعل پرشوم پاڻ ۾ ورهاڱي تي ڳالهه ٻولهه ڪن ٿا ته لعل چوي ٿو:

“توکي ائين نٿو لڳي ته جيڪا شيءِ صدين کان نه ٿي آهي سا هاڻ ٿيڻ طرف وڃي ٿي.”

“ڇا ٿيڻ طرف وڃي پيو؟” پرشوتم لعل کان هٻڪندي پڇيو.

اهي جملا ورهاڱي کان اڳ واري زماني جا ته نه آهن پر ان کان پوءِ به اتي رهندڙ مهاڻن يا انهن سان گڏ رهندڙ آباديءَ جا به نه آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ان قسم جا جملا (ڇا ٿيڻ طرف وڃي پيو) گذريل 10 کان 12 سالن ۾ رڳو صحافت جي ٻولي ۾ استعمال ٿيندا آهن، جيڪي به هڪ حساب سان مناسب نه آهن.

اهڙي ريت جڏهن انگريز عملدار سان ماڻڪ وارا ملن ٿا ته  مائي هاجران گوري انگريز آڏو اچي بيهي ٿي ۽ چوي ٿي ته “باوجود ان جي تون هن وطن جو ناهين پر مهاڻن کي تنهنجو فيصلو هميشه ياد رهندو.”

اصل ۾ هي ڪردار جي ٻولي نه پر ليکڪ جي ٻولي آهي، جيڪا هن ڪردار کي ڏني آهي. جڏهن ته ڪهاڻي يا ناول ۾ ڪردار جي ٻولي ڪردار پاڻ ئي طئي ڪري وٺندو آهي. ليکڪ رڳو ان کي لکت واري صورت ڏيندو آهي.

ناول ۾ ڪهاڻي ڄڻ ته ورهاڱي وارو دور پورو ٿي وڃڻ کان پوءِ اڳيان هلي شروع ٿئي ٿي. اها هن ناول جي هڪ ڪمزوري آهي. سوڍي ۽ ساجن جا ڪردار سٺا آهن. ان کانسواءِ ناول ۾ ڪٿي ڪٿي منظر نگاري به سٺي ٿيل آهي، جنهن جي ڪري ائين محسوس ٿئي ٿو ته ليکڪ وٽ منظرنگاري جو ڏانءَ آهي. پر جهڙي ريت ناول جو موضوع جيترو اهم هو ۽ ان کي اڃا به سهڻو ڪري لکڻ جي ضرورت هئي، ان جي کوٽ نظر اچي ٿي. ان کانسواءِ پروف جون ڪافي چڪون رهجي ويون آهن.

منطور ٿهيم جو ناول پڙهڻ کان پوءِ اهو تاثر جڙي ٿو ته هو منڇر جو ڪيس نظرياتي طور پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي پر هڪ ناول نگار طور منڇر جي ڪيس کي ائين پيش نه ڪري سگهيو آهي جو ان کي پڙهڻ کان پوءِ ڪو پڙهندڙ چئي سگهي ته مهاڻن جي ڪهاڻي هيئن لکبي آهي.

 ڪجهه وڻندڙ سٽون:

منڇر پنهنجي سُر ۽ ساز ۽ انهن رولاڪ روح وارن پکين، مڇين، کير ٿر ۽ مهاڻن ڪري ساهه کڻي ٿي.

پاڻ کي منڇر جو ائين حصو ٺاهيو، ڄڻ منڇر ان جي اولاد مان وڏي ڌيءَ هجي.

کير ٿر جا پهاڙ اتان شروع ٿين ٿا، هن جي صورت ائين آهي جيئن پوڙهو آزاديءَ جي جنگ جا داستان ٻڌايئندو سمهي رهيو هجي.

آسمان جا تارا ائين لڳا ڄڻ موتي ڇٽيل هجن.

هن جو بي پرواهه روح پورو ڏينهن منڇر جي مٿاڇري تي آڙي جيان اڏرندو رهي ٿو.  

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment