شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 17 - اپريل - 2021ع

دي لاسٽ ڪلر- سماجي ٽريجڊي جي تصوير


شام 01 لڳي 43 منٽ -سومر 18 جنوري 2021  212 
image-1

ڀارت جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڌرمي عقيدي سبب بيواهن لاءِ عام نارمل زندگي گذارڻ تي پابندي آهي ۽ انهن کي هڪ عام ماڻهو وارا زندگي گذارڻ جا حق حاصل ناهن، انهن تي ڪيتريون ئي پابنديون لڳل هونديون آهن. آگسٽ 2012ع ۾ ڀارت جي سپريم ڪورٽ بيواهن جي ڀلائي ۽ سهائتا لاءِ هڪ فيصلو ڏنو، انهيءَ آڌار تي مارچ 2013ع ۾ ڀارت ۾ پهريون دفعو بيواهن عام رنگن واري هولي ملهائي. ان ڏينهن کان رنگن کي نئين جنم، آزادي ۽ فتح جي استعاري طور سمجهيو وڃي ٿو، ان ڏهاڙي ملهائڻ تائين بيواهن جي زندگيءَ ۾ ڪيتريون ڏکيائون، تڪليفون ۽ ڀوڳنائون رهيون آهن، ان ڪانسيپٽ کي فلم هدايتڪار وڪاس کنا دي لاسٽ ڪلر جي نالي سان فلمايو آهي، هي فلم 4 جنوري 2019ع تي ريليز ٿي.


عنوان ۽ ڪانسيپٽ نوٽ جي حساب سان هي فلم بيواهن جي زندگيءَ، انهن جي ڀوڳنائن بابت آهي پر ڪمال ڪاريگريءَ سان هدايتڪار ٻين اهم سماجي موضوعن جي بهترين ۽ دل ڌوڏيندڙ عڪاسي ڪئي آهي، ان ۾ اڇوت سان عام هندوئن جو سلوڪ، کدڙن ۽ يتيم ٻارن سان ٿيندڙ زيادتيون پڻ شامل آهن، هي فلم ڇوٽي ۽ چنٽو جي ڪردارن سان شروع ٿئي ٿي، جيڪي يتيم ۽ اڇوت ٻار آهن ۽ وينارسي شهر جي هڪ گھاٽ تي رولاڪ ۽ پر خطر زندگي گذارين ٿا. اهي ٻار مختلف ڪرتب ڪري پنهنجي لاءِ گذر سفر جو ثمر تلاش ڪندا آهن، انهن جي پاڻ ۾ بي انتها محبت هوندي آهي، پر پوليس سندن پويان هوندي آهي، جيڪا پاڻ هر جرم ڪندي پئي هوندي آهي، هنن ٻنهي ٻارڙن جي پاڻ ۾ بي انتها محبت ڏيکاريل آهي.


ٻيو اهم ڪردار آهي نور نالي بيواهه عورت جوجيڪو سينيئر اداڪاره نينا گپتا ادا ڪيو آهي. انارڪلي نالي کدڙي جو ڪردار رودراني چيتري ادا ڪيو آهي ۽ راجا نالي ظالم ۽ ڪرپٽ پوليس اهلڪار جو ڪردار اسلم شيخ ادا ڪيو آهي، هي فلم جا اهم ڪردار آهن پر سموري فلم جي ڪهاڻي توڙي ڪردار ڇوٽي جي ڪردار جي اردگرد گهمن ٿا، جيڪو ڪردار اقصى صديقي ادا ڪيو آهي، ننڍڙي عمر ۾ ڪمال جي اداڪاري جو مظاهرو ڪيو اٿائين، جنهن ۾ خاص طور هن جي ڊائيلاگ ڊليوري ۽ چهري جا تاثرات آهن.


ڇوٽي جو پهريو دوست چنٽو هوندو آهي اهڙي طرح انارڪلي سان به هن جو بي حد لڳائو هوندو آهي جيڪا ڇوڙي کي پوليس وارن جي جنسي حوس کان بچائڻ لاءِ پاڻ جنسي حوس جو ۽ ظلم جو نشانو پئي بنجندي آهي. ائين گهاٽ تي گهمندي ڦرندي ڇوٽي جي ملاقات نور سان ٿيندي آهي جيڪا پنهنجي بي رنگ ۽ خاموش زندگي هڪ وڌوا آشرم ۾ گذاريندي آهي، عبادت لاءِ ڪجهه وقت گهاٽ تي ايندي آهي. ڇوٽي جي معصومانا ڳالهين، پنهنجائپ وارين حرڪتن ۽ فرمائشن سبب نور ۾ زندگي جي دلچسپي واپس اچڻ لڳندي آهي، پر ان تي هن کي آشرم جي مالڪياڻي جي شديد مخالفت کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. 

ڇوٽي جي ڪوشش هوندي آهي ته نور عام ماڻهن وانگر زندگي گذاري ان جي ۽ انارڪلي جي ملاقات ڪرائڻ جي به تمام گهڻي ڪوشش ڪندي آهي، پر زماني جي ستم ظريفي سبب هنن جي ملاقات ناهي ٿي سگهندي. ڇوٽي مسلسل سماج جي هٿان ذلتن جو شڪار ٿيندي رهندي آهي، ڪير به پسند ناهي ڪندو ته هو ڪنهن شئي کي ڇهي ناپاڪ ڪري، پر جنسي بک اجهائڻ لاءِ ان جي پويان هوندا آهن. ان سڀ جي باوجود ڇوٽي خوشگوار زندگي پئي گذاريندي آهي مختلف حرڪتن ۽ ڳالهين سان نور توڙي انارڪلي کي پئي وندرائيندي آهي ۽ اهي بي انتها دردناڪ ڪيفيت ۾ ان جو ساٿ پيون ڏينديون آهن. ڇوٽي جي هڪ ئي خواهش هوندي آهي ته چنٽو وڏو ٿي پوليس وارو ٿئي جيڪو ان کي سڀني ظلمن کان بچائڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ چنٽو جي خواهش هوندي آهي ته ڪنهن به طرح ڪجهه پئسا ڪري ڇوٽي کي پڙهائي.

جيتوڻيڪ هن فلم جي هدايتڪار وڪاس کنا جو ڪو خاص فلمي بئڪ گرائونڊ ناهي پر هن نهايت ئي ڪاريگري سان هن اهم سماجي موضوع کي فلمايو آهي، سماجي متڀيد، مذهبي ڳالهين جو غلط استعمال، قانون جي رکوالن جي هٿان قانونن جي ڀڃڪڙي، سماج جي ڏاڍ ۽ جبر جو شڪار ٿيل فردن جي هڪ ٻئي سان بي لوث محبت ۽ قرباني جو جذبو، سماج ۾ ڏاڍي جي حيثيت رکندڙ فردن جي طرفان ظلم ۽ بربريت جي واقعن کي اهڙي حقيقي ۽ پراثر انداز سان تسلسل سان فلمايو ويو آهي جو سموري ڪهاڻي ڏسندڙ جي حواسن تي ڇانئجي ٿي وڃي. ڇوٽي جو هر ڊائلاگ دل کي ڇهندڙ آهي، نور جو اڻپڙهيل هوندي به ٽئگور جي نظمن جو ڪتاب هر وقت پاڻ سان گڏ رکڻ، جنهن لاءِ هو چوندي آهي ته سندس پيءُ چوندو هيو ته گنگا پاڻ ٽئگور وٽ هلي ايندي آهي شاعري ٻڌڻ، انتهائي احساساتي ڪيفيت پيدا ڪري ٿو، نور جي شادي وڏي عمر جي ماڻهو سان ٿيڻ، شادي کان پوءِ جلد ئي ان جو موت ٿي وڃڻ، ۽ سموري زندگي نور کي بيواهن واري زندگيءَ جون پرمپرائون نڀائڻ لاءِ سماجي بندشن هٿان مجبور ٿيڻ. ظالم پوليس واري راجا جا پنهنجي گهر پٽ جي پئدائش لاءِ گهر واري کان مذهبي سنوڻ ساٺ ڪرائڻ، سندس زال جو ظلم برداشت ڪندي به سدائين انڪار جو متان پٽ به پيءُ جهڙو ظالم نڪري، انارڪلي جو هر وقت ڇوٽي کي دلاسا ڏيندڙ درد ۾ ٻڏل آواز، نور جو هر وقت ڇوٽي کي همٿائيندو رهڻ، چنٽو جو ڇوٽي جي ڪري تڪليفون برداشت ڪرڻ، اهي سڀ ڳالهيون ملي ڪري هن ڪهاڻيءَ کي انتهائي احساساتي ٺاهين ٿيون.

اختتام هڪ مثبت نوٽ تي ٿئي ٿو، جنهن سان يقينن ڏسندڙ جي دل کي ٿوري تسلي ملي ٿي. ڪيترائي اهڙا منظر ۽ ڊائلاگ آهن، جيڪي حساس جيءَ کي جهوري ٿا وجهن، وڪاس کنا جي هي بهترين سماجي موضوع تي ٺهيل فلم ضرور ڏسڻ جهڙي آهي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment