شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 21 - جنوري - 2021ع

آمري ناوليٽ - آمريءَ جو نئون تعارف


شام 03 لڳي 09 منٽ -اڱارو 05 جنوري 2021  97 
image-1


مون کي ان ڳالهه جي گهڻي خوشي آهي ته سنڌي ادب ۾ ناول هن وقت جنهن انگ ۾ لکيو پيو وڃي اهو نه رڳو سنڌي ادب لاءِ ڀلو آهي پر ناول جهڙي صنف کي به شاهوڪار ڪرڻ لاءِ هڪ سٺو عمل آهي. اسان وٽ تاريخي ناول نه هئڻ برابر آهي، اسان کي نثر جي شڪل ۾ ته ملي ٿي پر جڏهن اها افسانوي رنگ ۾ هجي ته ان کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جو مزو ئي الڳ آهي. دنيا ۾ تاريخي واقعن ۽ شخصيتن تي ڪيترائي ناول موجود آهن. جيڪي پئي پراڻا نٿا ٿين.

تازو ئي سنڌي ۾ محمد يوسف جويي جو ناول “آمري” ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. آمري جيئن ته هڪ تاريخ شهر رهيو آهي، ان جي هڪ پنهنجي تهذيب رهي آهي تنهنڪري ان تي ناوليٽ لکڻ هڪ ساراهه جوڳو ڪم آهي. ڇاڪاڻ ته ناول ۾ تاريخ کي نئين سر پيش ڪيو ويندو آهي. هن ناول جو مرڪزي ڪردار موهين آهي، جيڪو حاڪم گهراڻي ۾ جنم وٺي ٿو ۽ شاهي ٻار وانگر پلجي جوان ٿئي ٿي. جنهن کي هر اهو گُر سيکاريو وڃي ٿو، جيڪو ان زماني ۾ بادشاهن جي ٻارن کي سيکاريو ويندو هو. هن ناول جي شروعات ئي موهين جي جنم کان ٿئي ٿي. جيئن ته سنڌو ندي تهذيبن جي ماءُ رهي آهي، تنهنڪري ليکڪ هن ناول ۾ به سنڌو کي اهو ئي مانُ ۽ مرتبو ڏنو آهي. هڪ پاڻي جي صورت ۾ وهندڙ ديوي جيڪا تهذبين کي جنم ڏئي انهن کي پالي ٿي. ناول ۾ ليکڪ نه رڳو سنڌو کي ڪيترين ئي جاين تي ڀيٽا پيش ڪئي آهي بلڪه ان جي مهانتا کي به ساراهيو آهي.

موهين جي جوان ٿيڻ کانپوءِ هو سنڌيا پڌر واري شهر روانو ٿئي ٿو، جتي ان شهر کي نئين سر اڏڻو هوندو آهي، جتي هو سنڌيا نالي شهزادي سان عشق ۾ اڙجيو وڃي ۽ پوءِ هن سان وهانءُ ڪري ٿو. شهر جي اڏاوت کان پوءِ اهي هڪٻئي جا جيون ساٿي ٿي ويندا آهن، ائين محسوس ٿيندو آهي ته سڀ ڪجهه بهترين نموني هلي رهيو آهن پر اوچتو آمريءَ ڀرسان هڪ اهڙو ويڙهاڪ ۽ وحشي قبيلو اچي رهي ٿو، جنهن جو ڪم روتو ڇاڻ ڪرڻ آهي، جيڪو تباهي جي نشاني آهي ۽ ان قبيلي کي ليکڪ حملي آور يا ڌارين طور پيش ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ اهو قبيلو نه رڳو آمري تي پنهنجو راڄ چاهي ٿو بلڪه پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجون رسمون به سنڌ واسين تي مڙهڻ چاهي ٿو. تنهنڪري موهين جنگ جو اعلان ڪري ٿو ۽ جنگ جو ميدان تيار ٿيو وڃي. جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مارجن ٿا نيٺ موهين جنگي حڪمت عملي وسيلي ان قبيلي کي ان جنگ ۾ شڪست ڏئي ٿو، پر ڀالو آرپار ٿيڻ جي ڪري جنگ جي ميدان ۾ ئي مارجي ويندو آهي، جنهن کان پوءِ سندس زال سنڌيا هڪ پٽ ئي جنم ڏئي ٿي جنهن مان اهو تاثر ملي ٿو ته موهين وري موٽي آيو آهي.

ناول جي هڪ خوبي ته اها آهي ته ليکڪ ٻولي ڏاڍي سهڻي استعمال ڪئي آهي ۽ منظر نگاري پيش ڪرڻ ۾ به ڪامياب ويو آهي، جيئن جنگ جي ميدان جو سجڻ، سنڌو درياهه جو وهڪرو ۽ چيٽي چنڊ جي رات، ماڻهن جو ناچ گانو اهي سڀ عنصر ناول کي جاندار ٺاهين ٿا، پر جيئن ته هي ناول موضوعاتي حوالي سان ڪافي وسيع ڪئنواس رکندڙ هو، ان کي ليکڪ سُسائي مختصر ڪري ڇڏيو آهي. مثال جنگ جوٽڻ وارو عمل بنهه تڪڙو ڏيکاريو ويو آهي. ان کانسواءِ جيڪو قبيلو آمري تي حملي آور ٿيڻ وارو آهي، ان جي باري ۾ رڳو مختصر ڳالهه ٻولهه ليکڪ پيش ڪئي آهي ۽ اهي ئي ساڳيون ڳالهيون ڪردار وسيلي به بيان ڪرايون آهن، جيڪو ورجاءَ آهن. ظاهر آهي اهو قبيلو جيڪو هن اوپري ڌرتي تي پهتو آهي ته ان جا پنهنجا نفسياتي ۽ سماجي مونجهارا هوندا، ان جي پنهنجي ڪا ڪهاڻي هوندي، اهي پاڻ ۾ به ڳالهائيندا هوندا، ڪي ڳالهيون بيان ڪندا هوندا. جيڪي سازشون ڪري رهيا هئا، انهن کي به پاڻ ۾ به بحث هيٺ آڻيندا هوندا، پر ناوليٽ ۾ انهن جو ڪوبه ذڪر ناهي ڪيو ويو، جنهن جي ڪري اهو محسوس ٿئي ٿو ته ان قبيلي جي ڪهاڻي بيان ئي ناهي ڪئي وئي. جڏهن ته اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪو قبيلو حملي آور ٿئي ۽ اهو ڪجهه ڳالهائڻ بنا ئي حملو ڪري ڏي.

ان کانسواءِ جنگ جو عرصو به ايترو مختصر ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته ان ۾ وقفي جي گنجائش موجود هئي ته جيئن جنگي حڪمت عمليون به بيان ڪيون وڃن ها. ان ڪري ناوليٽ کي وڌائڻ جي گهڻي گنجائش موجود هئي. تنهنڪري هي ناول پڙهڻ ۽ ختم ٿيڻ وقت اهو تاثر ڏئي ٿو ته ڪهاڻي اڃا باقي هئي پر ليکڪ ان کي مختصر ڪري ويو آهي. بهرحال ناول ۾ گيت سٺا ڏنا ويا آهن. ههڙا ناول سنڌي ۾ اچڻ گهرجن ته جيئن اسين پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب کان واقف ٿي سگهون. محمد يوسف جويي آمري جو نئون تعارف هن ناوليٽ وسيلي پيش ڪيو آهي.  

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment