شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 20 - آڪٽوبر - 2020ع

ڇا مثالي استاد اڻلڀ ٿي ويا آهن


شام 02 لڳي 15 منٽ -سومر 05 آڪٽوبر 2020  109 
image-1

ڪجھه استادن جي فرضن جي ڪوتاهي سبب پيغمبري پيشو / استاد   جو وقار گهٽجي رهيو  آھي، هٿ گهڙيا لقب ڏئي (گوسڙو ) ۽ ڪي ٻيا نالا ڏئي  سندن عزت مجروع ڪئي وڃي ٿي اتي مثالي استاد هجڻ کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي.

مثالي استاد انفرادي طور تي شاگردن ۾ علم ذريعي لڪل  صلاحيتن کي اجاگر ڪري ذهني ،معاشرتي مسئلن جي حل ڪرڻ جي قوت پيدا ڪري سگهي ٿو . مثالي استاد درسگاهه جي ماحول کي سازگار بڻائيندو آهي، اڄوڪي معاشري ۾ استاد جي ذميواري ابتدائي تعليم کان يونورسٽي سطح  تائين  پهرين کان  وڌي وئي آهي. استاد جي ذميواري فقط ٻار کي نوڪري لائق بنائڻ نه آهي.

 

مثالي استاد شاگردن جي  جسماني، ذهني، جذباتي پرورش ۾ موثر  ڪردار ادا ڪري ٿو.  مثالي استاد شفقت ڀريو  رويو رکي ٿو ، شاگردن ۾ حاضر دماغي ،تنقيدي ،تخليقي ،صلاحيتن پيدا ڪرڻ کي ھٿي وٺرائي ٿو جذبن تي قابو پائڻ پسند نا پسند جو اظهار ،فيصلي ڪرڻ جي قوت صنفي اڻ برابري کان واقفيت ۽ صحتمند معاشري جا صلاحيتن ڀريا فرد پيدا ڪري ٿو .

مثالي استاد بي معني' غير اخلاقي گفتگو ،ڪوڙ کان ذهني دٻاء جي شڪار ٿيڻ کان بچاء ۾ مدد ڪري ٿو احساسن جذبن تي ضابطو آڻڻ ،درست فيصلا ڪرڻ جي قوت پيدا ڪري ٿو .

 

مثالي استاد رائج نصاب کي موجوده تبديلين کان واقف هئڻ گهرجي ،مثالي استاد  درسي ڪتاب تي ڀاڙڻ ۽ هڪ ئي پڙهائي جي طريقي اختيار ڪرڻ کان قاصر هوندو آهي

شاگردن کي تحقيقي طريقن  کان واقف ڪرائي ٿو ، مثالي استاد شاگردن کي غور فڪر ڪرڻ ۾ مدد گار ثابت ٿئي ٿو شاگرد مثالي استاد کي عزت جي نگاه سان ڏسن ٿا

استاد شاگردن جي تربيت لاء جاکوڙي ٿو ،خد مختيار پراعتماد بڻائي سکڻ جون صلاحيتون اجاگر ڪندو آهي.

 

 مثالي استاد  پر اعتماد شاگرد ،ڪامياب ۽ ڪارائتا شهري ثابت ڪرڻ ۽ ڪامياب انسان بنائڻ ۾ مدد ڪري ٿو ،شاگرن کي سماجي ماحول  کان آگاهي ڏئي معاشري جي ذميوارن کان واقف ڪري بدلجندڙ موجب نوان قدر قبولي اڳتي وڌڻ ۽ سٺا تعلق پيدا ڪرڻ ,شاگردن ۾ مشاهدي تجسس ،مسئلا حل ڪرڻ تعليم تحقيق جو جذبو پيدا ڪري ٿو .

مثالي استاد درسگاهن ۾ موثر ماحول پيدا ڪرڻ لا رٿابنديون جوڙيندو آهي درسگاهن جي  ترقي ۾ مدد ڏئي ترقياتي منصوبا جوڙيندو آهي .


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment