شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 20 - آڪٽوبر - 2020ع

لاڪ ڊائون ۽ سنڌ جي تعليم


شام 02 لڳي 04 منٽ -ڇنڇر 03 آڪٽوبر 2020  106 
image-1

عالمي وبا ڪيتريون ئي جانيون ڳڙڪايون آهن، ان حوالي سان ڪيترن ئي مهينن تائين لاڪ ڊائون جي ڪري ملڪ جا تعليمي ادارا اتي بند رهيا، پر سمپٽمبر جي آخري هفتي ۾ مرحلي وار اسڪول کوليا ويا، انهن جي کولڻ سان هڪ ڀيرو وري اهي خبرون اچڻ لڳيون ته ڪورونا جا ڪيس وڌي رهيا ۽ اهي خبرون به اچڻ لڳيون ته هڪ ڀيرو ٻيهر اسمارٽ لاڪ ڊائون ڪرڻ گهرجي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن کي هڪ ڀيرو وري بند ڪجي. 

وبا جي  تباهي  کان بچڻ لاءِ احتياطي لاڪ ڊائون جي ڪري، ڪاروبار، موروثي  بيمارين ۾ وچڙيل مريض، گهريلو زندگين سان گڏ تعليم پڻ متاثر ٿي آهي، لاڳيتو ڊگهي عرصي تائين تعليمي ادارا بند رهڻ ڪري پاڪستان ۾ خاص طور تي سنڌ صوبي جي تعليم تي پڻ گهرو اثر پيو آهي.

 سنڌ صوبي جي ٻهراڙي واري علائقن جي اسڪولن ۾  بنيادي سهولتن ۽ تدريسي سکيا ڏيندڙن جي کوٽ سان گڏ گهڻ جماعتي تدريسي طريقيڪار تي آڌاريل، جيڪو هڪ کان وڌيڪ درجن جي تدريسي طريقيڪار تي مشتمل آهي، استاد ان کان اڻ واقف هجڻ ڪري ڪيترن ئي ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيو هو.

 اسڪول توڙي يونورسٽي جا شاگرد گهرن ۾ رهجي ويا جتي کين پڙهڻ لاءِ ڪارائتو ماحول ملڻ مشڪل هو، نالي ماتر ادارن آنلائن ڪلاس هلائڻ شروع  ڪيا،  جيڪي فني خرابي ۽ ٻين مونجهارن سان گڏ علم ڏيڻ بدران رڳو ٽاسڪ پورو ڪرڻ ۾ رُڌل رهيا.

هڪ طرفي (ون وي) ڪميونيڪيشن  هلي رهي هئي. جنهن کي ٽرانسميشن بورڊ چئي سگهجي ٿو، ٽرازيڪشن ۽ ٽرانسفارميشن نه هلي سگهي. آن لائين ڪلاسن هلڻ ڪري شاگردن کي معياري تعليم جا هڪ جهڙا موقعا نه ملڻ ڪري سامنهون ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. 

 جڏهن ته اسٽينڊرڊ بيسڊ ڪريڪيولم کي تيار ڪرڻ جو مقصد سڀني شاگردن کي هڪ  جهڙي تعليم جا موقعا ڏيڻ  آهي. شاگردن ۾ علمي، جسماني، جذباتي ترقي ۽ نشوونما، توڙي  اخلاقي قدر  بهتر ڪرڻ سان گڏ هڪ بهتر  شخصيت بنائڻ واري مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ کان محروم رهجي  ويل تدريسي ادارا وبا جي ور چڙهي ويا.

 ان کان وڌيڪ فڪر ان ڳالھ جو آهي ته ڇا سنڌ حڪومت اهڙي نقصان جي پورائي لاءِ اهڙيون ڪي ترڪيبون جوڙيون آهن جنهن سان سنڌ ۾ متاثر درس تدريس کي سائنسي انداز سان هر ٻار جي  تدريسي کوٽ پوري ڪئي وڃي، نه فقط اهو پر شاگردن جي ذهني صلاحيتن جي واڌاري لاءِ پڻ ڪا حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. تعليم جو معيار ڪجھ اهڙو جوڙڻ گهرجي، جنهن ۾ شاگرد کي مستقبل ۾ جنهن دور سان منهن ڏيڻو آهي ان قابل بنايو وڃي. 2020 جي شاگردن ۽ استادن کي ٽيڪنالاجي ICT اسڪل کان اڻ واقف هجڻ ڪري  ڪيترن چلينجز سان منهن ڏيڻو پيو.

    اڄ جي ٻار کي 2030 جي ۾ ايندڙ مشڪلن سان منهن ڏيڻ لاء تيار ڪرڻ جون  ڪي ترڪيبون اڳواٽ جوڙڻ گهرجن. 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment