شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 20 - آڪٽوبر - 2020ع

آواز جي دنيا جي ليجنڊ لتا منگيشڪر


شام 04 لڳي 09 منٽ -سومر 28 Sep 2020  119 
image-1

برصغير توڙي سموري دنيا کي پنهنجي آواز جي سحر ۾ جڪڙيندڙ لتا منگيشڪر 28 ڊسمبر 2020 تي پنهنجو 91هون جنم ڏينهن ملهائي رهي آهي، سندس پيدائش هن تاريخ تي 1929ع ۾ ڀارتي شهر اندور ۾ دينا ناٿ منگيشڪر جي گهر ٿي.

1945ع ۾ 16 سالن جي عمر ۾ فلم ”بڙي مان“ جي گاني ”تم مان هو بڙي مان“ کان گلوڪاري جي شروعات ڪيائين، ان فلم ۾ سندس آواز فلمي موسيقي جي مداحن جي من کي اهڙو ته موهيو جو پوءِ لتا ڪيترين ئي سالن تائين باليوڊ جي گيتن جي ملڪه بڻجي موسيقي جي دنيا تي حڪمرائي ڪئي.

  اندازي موجب سندس ڳايل گيتن جو تعداد 50 هزار کان وڌيڪ آهي.  جنهن سبب 1974ع ۾ سندس نالو ”گنيز بوڪ آف ورلڊ ريڪارڊ“ ۾ پڻ شامل ڪيو ويو. سندس گلوڪاري جو عرصو 6 ڏهاڪن کان به وڌيڪ جي عرصي تي مبني آهي ۽ 20 مختلف زبانن ۾ هن ڪيترائي يادگار گيت ڳايا آهن.

13 سالن جي هئي ته سندسن والد وفات ڪري ويوم ان سبب سموري خاندان جي ذميواري لتا تي اچي ويئي، روزگار خاطر هن پهريو پيشو اداڪاري جو اپنايو، شروعات ۾ پاڻ ڪجهه فلمن ۾ چائلڊ آرٽسٽ طور اداڪاري به ڪيائين 1942ع ۾ سندس ريليز ٿيل فلم منگل ڪوڙ سندس پهرئين فلم هئي.

1945ع ۾ ان وقت جي مشهور موسيقار غلام حيدر هدايتڪار ايس مکرجي کي چيو ته هو هن ٻارڙي کي ڳائڻ جو موقعو ڏيئي، پر ايس مکرجي لتا جو آواز ٻڌي ان کي ناپسند ڪندي رد ڪري ڇڏيو. ان ڳالهه تي موسيقار غلام حيدر کي ڪاوڙ آئي ۽ هن چيو ته اڳتي هلي هدايتڪار هن کي پنهنجي فلمن لاءِ ڳائڻ لاءِ منٿون ڪندا.

1947ع ۾ ريليز ٿيل فلم ”آپ ڪي سيوا مين“ جي گيت ”اب ڪون سني گا ميري من ڪي بات“ لتا کي بحيثيت گلوڪاره هڪ سڃاڻپ ڏني. 1949ع ۾ فلم ”محل“ جو گيت ”آئي گا آئي والا“ کيس جهرجهنگ مشهور ڪري ڇڏيو.

ان کان پوءِ لتا ڍ پنهنجي آواز جي مقبوليت کي ڏسندي اداڪاري ڇڏي هن پنهنجي پاڻ کي گلوڪاره طور وقف ڪري ڇڏيو. بيرصغير پاڪ و هند جون ڪيتريون ئي پيڙهيون لتا جو آواز ٻڌي جوان ٿيون آهن.

1949ع ئي اهو سال هو جنهن سال راجڪپور جي مشهورِ زمانا ڪلاسڪ جو درجو رکندڙ فلم ”برسات“ ريليز ٿي. منهنجي خيال ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هجي جنهن کي هن فلم جي گانن متاثر نه ڪيو هجي، ان فلم جي ريليز جي ڪيترن ڏهاڪن کان پوءِ به اسان کي هر هنڌ ان فلم جا گانا ٻڌڻ ۾ ايندا رهيا.

شنڪر جي ڪشن جهڙي موسيقار جي لازوال ڌنن تي ٻڌل هن ميوزيڪل فلم جا گانا ”برسات مين هم سي ملي تم“ ”هوا مين اڙتا جائي ميرا لال دو پٽا ململ ڪا.“ ”جيا بي قرار هي ڇائي بهار هي.“ سميت هن فلم ۾ لتا جا ڳايل 10 گيت شامل هئا، جن مان ٻه مڪيش سان گڏ ڊوئيٽ هئا. ساڳي ئي سال ريليز ٿيل فلم ”بڙي بهن“ جو گانو ”چپ چپ کڙي هو ضرور ڪوئي بات هي“ جنهن کي سنڌي گلوڪار به ٻهراڙين ۾ ڳائيندا هئا هڪ نه وسرندڙ گيت آهي.

ان ئي سال جي ٻي فلم ”دلاري“ به لتا جي ڳايل گيتن جي ڪري هر فلم بين کي ياد هوندي، ”نوشاد“ جهڙي موسيقار جي ڌنن ۾ ”اي دل تجهي قسم هي همت نه هارنا“ ”محبت هماري زمانا همارا“ ”رات رنگيلي مست فضا“ (محمد رفيع سان گڏ ڳايل) گيت موسيقي جي دنيا ۾ هميشه تازگي جو احساس ڏياريندا رهندا.

1949 لتا جي ڪيريئر جو مصروف ترين سال هو. هن سال هن نوشاد، شيام سندر، انيل بسواس، ونود، غلام محمد، حسن لال ڀڳت رام، ايم اچاريه، کيم چند پرڪاش، سي رام چندر سميت ڪيترين ئي موسيقارن هن کان گيت ڳارايا، هي هر هدايتڪار توڙي موسيقار جي پهرئين ترجيح بنجي ويئي.

”آئيي“ ”انداز“ ”برسات“ ”بالم“ ”بازار“ ”بڙي بهن“ ”لاهور“ ”چڪوري“ ”چاندني“ ”دلاري“ ”دل ڪي بستي“ ”ايڪ ٿي لڙڪي“ ”لاڊلي“ سميت هڪ ڊگهي لسٽ آهي 1949ع ۾ ريليز ٿيل فلمن جي جنهن ۾ لتا پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو. 1951ع ۾ ”آواره“ ۽ ”ديدار“ جا گانا ”بڙي ارمانون سي رکا هي صنم تيري قصم“ ”گهر آيا ميرا پرديسي“ 1952ع ۾ بيجو باوره جو گيت ”تو گنگا ڪي موج“ 1953ع ۾ آهه جا مڪيش سان گڏ ڳايل گانن سميت سندس ڳايل هزارين گانن مان لاتعداد گيت اهڙا آهن جن کي ڪلاسڪ جو درجو حاصل آهي. 2015ع ۾ سندس ڳايل ”جينا ڪيا هي جانا“ سندس آخري فلمي گيت آهي. 1945ع کان 2015ع تائين جي سندس 70 سالن جي ڪيريئر ۾ 2013ع واحد سال آهي جڏهن سندس ڪو گانو ريليز نه ٿيو. 2000ع ڏهاڪي کان پوءِ جڏهن موسيقي جا رجحان دنيا ۾ تبديل ٿي چڪا هئا، نواز ساز ۽ موسيقي جا ڊجيٽلائيز طريقا رائج ٿي چڪا هئا، باليوڊ ۾ ڪيتريون ئي نالي واريون گلوڪارائون اچي چڪيون هيون ان جي باوجود جڏهن 2004ع ۾ ”وير زارا“ ۾ جاويد اختر جي موسيقي ۾ ڳايل لتا جا گيت هر دل جي پسند بنجي ويا.

”گنيز بوڪ ورلڊ ريڪارڊ“ سان گڏ ڀارت جي سڀ کان وڏو سويلين اعزار ”ڀارت رتنا“ سميت سوين اعزاز ۽ ايوارڊ لتا جي نالي ٿي چڪا آهن. سندس مقابلو اگر ڪنهن ڪيو موسيقي جي دنيا ۾ته اها سندس ئي ڀيڻ آشا ڀوسلي هئي. باقي هن جي گلوڪارانا صلاحيتن کي مڪيش، ڪشور ڪمار توڙي محمد رفيع به پهچي نه سگهيا.

محمد رفيع سان گڏ هن ڪيترو ئي وقت ڳايو، وچ ۾ سندن وچ ۾ اختلاف به رهيا. لتا منگيشڪر 1984ع ۾ ريليز ٿيل سنڌي فلم ”هل ته ڀڄي هلون“ ۾ سي ارجن جي موسيقي ۾ ”منهنجا سپرين توکان وڇڙي منهنجي دل ڇا ڪري“ نهايت سهڻي انداز سان ڳايو آهي، جنهن مان محسوس ئي نه ٿو ٿئي ته ڪا هن جي ٻولي سنڌي نه آهي. سندس ڄمار جا 91 سال پورا ٿيڻ تي سندس لکين مداح سندس سٺي صحت ۽ وڏي ڄمار لاءِ دعاگو آهن. لتا جي آواز ۾ ڳايل سندس گيت موسيقي جي دنيا جو اهڙو سرمايو آهن جو ڪڏهن به پراڻو ناهي ٿيڻو.        

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment