شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 19 - سيپٽمبر - 2020ع

واٽ اَواٽي- انڊونيشيائي ڳڀرن جي ڪهاڻي


شام 01 لڳي 01 منٽ -اربع 26 آگسٽ 2020  103 
image-1


 

مزاحمتي ادب جڏهن ناول جي صورت ۾ پڙهڻ لاءِ ملندو آهي ته پڙهڻ جو مزو ئي ٻيڻو ٿي ويندو آهي. دنيا ۾ پنهنجي وطن لاءِ ويڙهه ڪندڙ ڪيترن ئي ڪردارن کي اڄ به وڏو مانُ ڏنو وڃي ٿو۽ تاريخ ۾ ٿيندڙ ڏاڍ، ماڻهن جا حق ڦٻائڻ کان وٺي ڌرتي ڌڻين تي ٿيندڙ يلغار کي ڪيترن ئي ناولن نگارن پنهنجين ڪهاڻين ۾ پيش ڪيو آهي.

تازو ئي مختار لوبيس جو ناول “واٽ اََواٽي” پڙهڻ لاءِ ملي ويو، جيڪو “اي روڊ ود نو اينڊ” جو ترجمو آهي، جنهن کي سنڌي ويس ننگر چنا ڏنو آهي. هيءُ ناول انڊونيشيا ۾ٿيندڙ اتان جي عوام تي ڏاڍ ۽ انهن جي مزاحمتي تحريڪ تي لکيل آهي. مختار لوبيس جو هي ٻيو ناول آهي پر هو بنيادي طور ڪهاڻيڪار رهيو آهي. هن ناول کان اڳ ۾ هن Twilight in Jakrta  لکيو هو. اهو ڪتاب هن جيل ۾ لکي پورو ڪيو هو. اتان ئي ان ڪتاب جي مسودي کي جيل مان انڊونيشيا کان ٻاهر موڪليو ويو. جيڪو 1963ع ۾ انگليڊ ۾ ڇپيو هو. ناول نگار صحافي به رهيو آهي، هو “انڊُونيشياريا” اخبار جو ايڊيٽر به رهيو. هو انڊونيشيا ۾ پريس ۽ اظهار جي آزاديءَ تي ڇوهه ڇنڊيندو رهيو، ان ڪري ڪيترائي ڀيرا گرفتار به ٿيو. پر هن جي قيد جو عرصو ڪو ايترو ڊگهو ناهي رهيو. هن ناول جي سيٽنگ 1946ع واري رکي وئي آهي، جڏهن ولنڊيزين برطانوي نگراني ۽ لنگارجاتي معاهدي ڀڃڪڙي ڪئي. جيڪو پهريون پوليس وارو اپاءُ سمجهيو وڃي ٿو. انڊونيشيا تي ڊچ فوجين کان وٺي جاپان جي فوجين به ظلم ڪيا آهن، ان کانسواءِ هندستاني فوجين جو ذڪر به هن ناول ۾ ملي ٿو.

ناول جي ڪهاڻيءَ جا مُک ڪردار عيسيٰ ۽ حاضل آهن. عيسيٰ هڪ اسڪول ۾ استاد آهي ۽ حاضل نوجوان آهي، جيڪو پنهنجي وطن لاءِ مزاحمت ڪري ٿو ۽ انقلابين جي جٿي ۾ شامل ٿئي ٿو. هو سٺو وائلن وڄائيندڙ آهي. جڏهن حاضل عيسيٰ سان ملي ٿو ته کيس ان ڳالهه لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته هو به ويڙهاڪن سان شامل ٿئي، ان تي عيسيٰ گهٻرائجي ويندو آهي پر نيٺ هو ان سٿ جو حصو ٿيندو آهي، پر ان هوندي به هو هڪ خوف ۾ ورتل هوندو آهي. اهو ڊپ هن جو آخر تائين پيڇو ڪندو رهندو آهي. پر ان دوران مزاحمت ڪندڙن پاران فوجين تي حملا ۽ انهن خلاف رٿابندي هلندي رهندي آهي. پر عيسيٰ سموري ناول ۾ هڪ اهڙي ڪردار طور سامهون اچي ٿو، جنهن تي خوف گهڻو حاوي آهي. سندس زال فاطمه جي جڏهن حاضل سان ويجهڙائي ٿئي ٿي ته ٻئي هم بستري به ڪن ٿا. جڏهن عيسيٰ کي حاضل جي وهاڻي هيٺ لڪايل پائيپ وسيلي اها خبر پئي ٿي ته حاضل سندس زال سان عشق ڪري رهيو آهي ته هو ان واقعي تي پريشان ته گهڻو ٿئي ٿو ته پر هو ڪجهه ڪري نٿو سگهي ڇاڪاڻ ته هو پاڻ شاديءَ جي ڇهين مهيني ئي ڊپريشن جي ڪري نامرد ٿي ويندو آهي. جڏهن انقلابي هڪ هوٽل ۾ دستي بمن سان حملو ڪن ٿا ته اتان عيسيٰ ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي پر نيٺ کيس به پوليس سوگهو ڪري ٿي، هڪ اونداهي ڪمري به واڙيو وڃي ٿو، جتي حاضل به هوندو آهي. جيڪو سڀ ڪجهه باسي ڇڏيندو آهي. پر عيسيٰ جيڪو ظاهري طور هڪ ڊنل ماڻهو آهي، ان ۾ اهڙي قوت اچي ويندي آهي، جو هو هر تشدد برداشت ڪندي به ڪجهه ناهي باسيندو. هن کي جنهن رستي جي ڳولا هوندي آهي، اهو کيس ان ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ئي نظر اچڻ لڳندو آهي ۽ هو هر تڪليف سهڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي.

ناول آخر تائين پڙهڻ ۾ مزو ڏئي ٿو. پڄاڻي اميد ڀري آهي. عيسيٰ جيڪو سڄي ناول ۾هيسيل ۽ ڪمزور ڪردار طور نظر اچي ٿو، اهو جڏهن عقوبت خاني ۾ پهچي ٿو ته اتي هڪ ٻئي انسان طور نروار ٿئي ٿو. بلڪه هو پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ٿو ته هو ڪير آهي.

ڪجهه سٽون:

*آزاد انسان هڪڙي رڍ جيئن رنجيرن ۾ جڪڙيو، ڪيئن ٿو جيئرو رهي سگهي؟ ساڍن ٽن سون سالان تائين انڊونيشي انسانن مٿان دچ حڪمرانن کين رڍ سمجهي ظلم ڪيا آهن.

*ڄڻ رات جو ٿڌو هٿ موت جي ڳـڱاٽيل مٿ بنجھي کيس ٿڌڙا ڪڍي رهيو هجي.

*محبت جي ڀنل روشڻي جيڪا هن جيجي ڍچمڪندڙ ڪارين اکين ۾ ترندي رهندي هئي.

*مارجرين جي دٻي ۾ ڪرندڙ پاڻيءَ جو آواز مٿس ٽوڪون ڪندي محسوس ٿي رهيو هو.

*سندس دل اهو اطمينان ائين پيتو جيئن سج جي تپش کان سڙيل ڌرتي تيز مينهن کي پي ويندي آهي.

*هنن جا اڇا هيلمٽ رات جي اونداهي ۾ مئل انسانن جي ڪيپراٽين جيئن لڳي رهيا هئا.


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment