شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 05 - آگسٽ - 2020ع

ٻڌ خانقاه ۾ رهڻ جا اصول


صبح 12 لڳي 15 منٽ -جمعو 10 جولاءِ 2020  124 
image-1

ٻڌ ڀڪشو جنهن خانقاه ۾ گڏ ڪميونٽي جي صورت ۾ رهن ٿا ان کي مونٽيسوري سمجهو.. يا مَٺ چئو جيڪو سمنا/سمگا به سڏجي ٿو.. ان جي ڊسيپلين جا ٻه سئو ستاويهه اصول آهن جن مان "چند " هي آهن

1-      جنسي ميلاپ يا سيڪس ناهي ڪرڻو.

2-      چوري ناهي ڪرڻي.

3-       -خون ناهي ڪرڻو. 

4-       ڪنهن به حاصلات جي ڪوڙي ٺلهي دعوا آهي ڪرڻي.  

سمگهاڊسيساس جا اصول؛  

1-      مردانه مادو خارج ناهي ڪرڻو.

2-      عورت کي ناهي ڇهڻو.

3-      عورت سان خراب انداز ۾ ناهي ڳالهائڻو.

4-        عورت کي جنسي عمل جي صلاح يا تجويز ناهي ڏيڻي.

5-       پريمي جوڙا پاڻ ۾ ملائڻا ناهن.

6-       ڪوبه گھر 2.7 بائي 1.6 ميٽر کان وڌيڪ ماپ جو ناهي ٺهرائڻو.

7-        ڪا خانقاه سمگاه جي اجازت کان سواءِ ناهي ٺهرائڻي جيڪا جيت جڻي، جيوت کي نقصان ڏي.

8-        سمگا ۾ ڪو نفاق ناهي وجهڻو.

9 اهڙي ڪنهن ڀڪشو جي همٿ افزائي به ناهي ڪرڻي جيڪو نفاق وجهي.

10 هن تي اگر ملامت ڪجي يا هدايت ڪجي ته ان کي رد ناهي ڪرڻو.

  11 ماڻهن جو ڌرم، ڌما يا پراڪرتي ۾ ويساه کي وڃائڻو ناهي.

   انييتاس جا اصول؛

1-      ڪٿي به ڏورانهين ماڳ مقام تي عورت سان گڏ رهجي جو جنسي خيال اٿن.

  2-      اهڙي ڪنهن عليحدگي واري ماحول کان، ڏورانهين ماڳ کان پاسو ڪجي جو عورت سان ڳالهائڻ جي به طمع ٿي پوي.  

    نساگياس جا اصول؛

1-      ڏهن ڏينهن کان وڌيڪ پاڻ وٽ اضافي ڪپڙا نه رکو.

2-      واڌو ڪپڙا سبڻ جو ساز سامان هڪ مهيني کان مٿي پاڻ وٽ نه رکو.

3-        ڪنهن به اهڙي ڀڪشو جا ڪپڙا نه رڱيو نه ڌئو جيڪو اوهان جو مائٽ نه هجي.

  4-      رشتيدار ڀڪشو کانسواءِ ڪنهن به ٻي ڀڪشو کان ڪپڙا تحفي ۾ نه وٺو.

   5-      سلڪ وارو گلم تحفي ۾ نه قبول ڪريو.

  6-        پيسا قبول نه ڪريو.

   7-      -پيسا استعمال نه ڪريو.

   8-      شين جي ڏي وٺ نه ڪريو.

   9-      پنڻ جو اضافي پيالو ڏهن ڏينهن کان مٿي پاڻ وٽ نه رکو.

   10-   -ڪاري رڍ جي ان مان ٺهيل غاليچو نه وٺو.

   11-   فرش جي ماپ جي اڌ کان مٿي غاليچو نه وٺو.

   12-   -تيستائين ڪو نئون غاليچو نه وٺو جيستائين اڳ ۾ ورتل غاليچي کي چھ سال نہ ٿي چڪا هجن.

   13-   نئون غاليچو ايستائين نه ٺاهيو جيستائين ان ۾ پراڻي گلم جو چوٿون حصو نه وجهو.

   14-   سفر ۾ آهيو ته پنڌ جي ٽن ڏينهن کان مٿي اُن نه کڻو.

  15-   ڪنهن به ڀڪشو لاءِ اُن کي نه رنگ ڪريو نه ڌئو.

  16-    جيڪا غذا دوا طور استعمال ڪريو ٿا بيماري لاءِ کنيل خوراڪ ستن ڏينهن کان مٿي پاڻ وٽ نه رکو.  

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment