شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

بابا سائين جويو صاحب , پليجو صاحب ڪجهه ملاقاتن جا اهم حوالا


شام 06 لڳي 56 منٽ -آچر 21 جون 2020  107 
image-1

هڪ ڀيري حيدرآباد ۾ هڪ شاعر جي ورسي ۾ موجوده ليکاري اديب شاعر پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي پنهنجي قابليت ۽ شاعر کي خراج پيش ڪندي 7 آسمان تائين ذري گهٽ پهچي چڪا هئا ان پروگرام ۾ محترم رسول بخش پليجي زبردست ڳالهه رکي ته "ڪنهن شاعر کي مڃتا ڏيڻ لاءِ هاڻي اسان وٽ معيار اهو وڃي بچيو آهي ته سڀني جي ڪم ۽ پورهيي کي ليڪ ڏيئي، رڳو ڪنهن هڪ کي مٿي ڪري بيهاريون.

پليجي صاحب ادب ۾ اهڙو رويو رکندڙن کي ” جهالت جا احرام“ ڪوٺيو هو. " پليجي صاحب موجب 90 جي ڏهاڪي کان پوءِ هڪ مراعت يافته ادبي صحافتي لڏو سامهون آيو . غير سنجيدگي قومي فڪر کان وانجهيل شاعري جي ڪري ڳڻتي جوڳي صورتحال پيدا ٿي.پليجي صاحب سان منهنجون جيڪي به ملاقاتون ٿينديون هنيون خاص طور تي جڏهن سائين جويي صاحب جو ڪو به ڪتاب شايع ٿيندو هو ته پاڻ فون ڪري چوندا هئا ته ڪتاب کڻڻ ۽ سائين سان ملاقات ڪرڻ پاڻ ٿو اچان.

پليجي صاحب سان بحث جا موضوع سوال جواب بين الاقوامي سياست, جناح جي سياست, مسلم ليگ سائين جويي صاحب سائين جي ايم سيد جي ڪتاب هوندا هئا. دليل ڪتاب ٻيو رڪارڊ فوٽو ڪاپيز پر پليجو صاحب ناراض ڪڏهن به نه ٿيندو هو.

جويي صاحب وٽ رچرڊ ڊاڪنس ,اسٽيفن هاڪنگ جي ڪتابن تي بحث ڪمال هوندو هو. جيئن پليجي صاحب 90 جي ڏهاڪي جو ذڪر ڪيو روس جا ڀاڱا ٿيا. آدرشن جو دور ختم ٿيو. سنجيده سياسي علمي نظرياتي ماحول ختم ٿيو. ڪي صوفي ٿيا ڪي صحافي ڪي اقتداري سياست ۾ پناهه ورتي.

رڳو 60 کان 80 جي ڏهاڪي تائين اسان جي بزرگن مفڪرن دانشورن جي ڪمن کي ليڪ ڏئي هڪ اهڙو اڪثريتي ادب جي نالي ۾ بي ادب طبقو سامهون آيو جنهن جي دشمني ۽ دوستي جو معيار اهو هو ته اياز هٿ نه ملايو, سائين جويي صاحب گارين جي ڪتاب تي مهاڳ نه لکيو ته سموريون اخلاقيات جون حدون لتاڙي الزام ڪردار ڪشي سڀ رجعت پسند ٽولي جون شڪليون اختيار ڪري اهڙي مهم ۾ لڳي ويا. پر وري به جيڪي اسان جا بزرگ هئا اهي پنهنجو ڪم ڪندا رهيا.

مون تازو ڪاوش ۾ ان تي مضمون لکيو ته هاڻي هر ماڻهو بنا ڪنهن قرباني ڪم جي يا ته هڪ ٻئي کي پنهنجي پنهنجي سنگت کي هيرو پيا قرار ڏين ۽ جنهن سان ذاتي طور نٿا ٺهن پوءِ انهن جي پورهيئي کي لوئڻ آهي. بحرالحال اڃا سنڌ ۾ خاص طور تي نوجوانن تائين تاريخ جو سچ پهچڻ ۽ انهن جو شعور جڏهن حقيقي انداز ۾ پهتو ته هو پنهنجا اصل هيرو سڃاڻيندا جنهن جي شروعات ٿي چڪي آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment