شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

سنڌ ڄائِي کان ڪجھه عام سوال


شام 01 لڳي 21 منٽ -خميس 18 جون 2020  198 
image-1

وفاق پاران اين ايف سي ايوارڊ مان سنڌ جي حصي جا 229 ارب ڪٽوتي ڪرڻ تي سنڌ ڄائي ۽ سندس پارٽي خاموش؟ ارڙهين ترميم جي ذريعي صوبن کي مليل معمولي اختيارن تي به وفاق پاران سازش تي سنڌ ڄائي خاموش؟ وبائي صورتحال ۾ وفاق پاران صحت لاءِ مجموعي بجٽ مان صرف %40.

بجٽ رکڻ تي سنڌ ڄائي خاموش؟ وبائي صورتحال ۾ تعليم جي لاءِ %1.30 سيڪڙو بجٽ تي سنڌ ڄائي خاموش؟ دفاع جي نالي تي ملڪي پيداوار جا 1400 ارب ڦٻائڻ تي سنڌ ڄائي خاموش؟ NICVD ۽ NICH جهڙيون اسپتالون جيڪي سنڌ جي عوام جي پيسن سان ٺهيل آهن انهن کي وفاق پاران ڦٻائڻ جي سازش تي ادي سنڌ ڄائي ماٺ؟

وفاق پاران اسٽيل مل بند ڪري هزارين ملازمن کي هن وبا جي دور ۾ بيروزگار ڪري فاقا ڪشي تي مجبور ڪرڻ تي ادي سنڌ ڄائي خاموش؟ وبا جي دور ۾ وڏي خساري واري صورتحال ۾ به ڊيم لاء 80 بلين بجٽ ۾ رکڻ تي ادي سنڌ ڄائي خاموش؟  

اهڙيون ڪيتريون ئي ٻيون سازشون وفاق صرف پ پ دشمني ۾ سنڌ جي عوام خلاف ڪري رهيو آهي، سنڌ ڄائي ۽ سندس سٿ نه صرف خاموش پر وفاق سان گڏ بيٺل آهن! بندرگاهن تي قبضو، تيل گيس ۽ ڪوئلي تي قبضو، ٽيڪس کان وٺي روڊن ۽ سنڌ زمينن قبضا، درياھ تي ڌاڙي سميت سنڌ جا اهم قومي معاملا ته اڃا الڳ آهي، انهن معاملن تي سنڌ ڄائي ته ڇا سندس سمورو سٿ وفاق جو ڀرجهلو ٿي بيٺل آهي.

اوهان پ پ جي بيڊ گورننس ۽ ڪرپشن تي ڀلي تنقيد ڪريو اسان کي ڪو اعتراض ڪونهي اسين اوهان سان گڏ آهيون پر پ پ دشمني ۾ وفاق جي انڌير نگري چرٻٽ راجا واري نظام جي حمايت تي اوهان تي به سوين سوال اٿن ٿا، انهن جا جواب ڪير ڏيندو؟ پ پ کي سنڌ جي عوام ووٽ ڏئي حڪومت ۾ آندو آهي ۽ پ پ پاران اسيمبلي ۾ پيش ٿيندڙ بجٽ ٻڌڻ جو سنڌ جي عوام کي حق آهي، اوھان جو بجٽ تقرير دوران شور شرابو به مهذب عمل ڪون هو، اوهان کي بجٽ تي ڳالهائڻ جو پورو موقعو ملڻو آهي ان دوران اوهان انگن اکرن سان بجٽ تي تنقيد ڪري سگهو ٿا.

سنڌ ڄائي جي حق ۾ اٿيل غيرتي برگيڊ جي دوستن کي عرض ڪندو هلان ته سياست ۾ پير رکڻ کان پوء اها عورت پبلڪ فگر هوندي آهي ان تي تنقيد ڪرڻ ڪو گناهه ڪبيره ناهي، ۽ ٻي ڳالھ ته اوهان پاڻ فردوس عاشق اعواڻ کان وٺي مريم نواز تائين لاءِ ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندا رهيا آهيو ڇا اهي عورتون ڪون آهن، اهو منافقت وارو ٻٽو معيار ڇو؟

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment