شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 08 - آگسٽ - 2020ع

سُهڻي/ سُونهڻيءَ جي لَٺِ جي تاريخي حقيقت


شام 01 لڳي 44 منٽ -اڱارو 09 جون 2020  182 
image-1

 

سنڌ ساڻيهه جي قديم پرڳڻي ٺٽي جو آڳاٽو علائقو چليا قديم آثارن ۽ تاريخ جي لحاظ کان هڪ اهڙو علائقو آهي، جنهن جي ٽڪرين جي ڀاڪر ۾ قديم ’جھول ڍنڍ‘ به موجود آهي ته ڪلريءَ جي پراڻي پيٽ ۾ ’کوهي ڍنڍ‘ به موجود آهي. جتي جھول ڍنڍ ڪناري ڄام تماچيءَ جي ’جھول ماڙيءَ‘ جا آثار به آهن، ته ٻروڙي چاڙهيءَ جي ڏکڻ ۾ سنڌوءَ ڪناري سان ٽڪريءَ جي ويجهو قديم ’ڪوٽ گل مير‘ جا نشان به موجود آهن. جتي هتان سنڌ جي ڪوهستاني علائقن کان ٿيندو ايران ۽ ٻين ملڪن تائين ويندڙ قديم رستي جا ڦٽل آثار به آهن، ته شاهه لطيف واري پراڻي پيچري جا سَنڌا اڃا به موجود آهن.

 هن ئي علائقي ۾ موسو اصحابو (اصحابي) ۽ گھراڻو قبرستان به آهي ته ڄاڃڪي جهڙو قديم قبرستان اڄ به کوڙيل اوچن پٿرن سان موجود آهي. جتي چليا پتڻ جا اهڃاڻ به آهن ته هالار واري پتڻ جا عجيب نشان به آهن. جتي سٻاجھي سنڌوءَ جي آڳاٽن وهڪرن ڪلري ۽ بگھياڙ جا آثار به موجود آهن ته درياهه بادشاهه جو هاڻوڪو وهڪرو اڄ به وڏي گولائيءَ ۾ ڦرندو ڄڻ ته چليا کي ڀاڪر پائيندو، سمنڊ ڏانهن نڪرندو وڃي ٿو. اُتي سنڌوءَ ڪنڌيءَ سُهڻي منظر تي انگريز دور ۾ تعمير ڪرايل اهو ڊاڪ بنگلو (لوڪا بنگلو) به اڃا موجود آهي، جنهن ۾ ڪيترائي وڏا ماڻهو اچي رهندا هئا. لُوڪا بنگلي جي نالي سان مشهور اُنهيءَ بنگلي ۾ ڪنهن زماني ۾ سائين جي ايم سيد به اچي رهندو هو، جنهن جو هن پنهنجي ڪتابن ۾ به ذڪر ڪيو آهي، ته پراڻو ايريگيشن جو اُهو بنگلو به اڃا موجود آهي جنهن ۾ شيخ اياز ڏينهن جا ڏينهن اچي رهندو هو، جنهن جو ذڪر هن پاڻ به پنهنجي شاعري ۽ نثر ۾ ڏاڍي سهڻي انداز سان ڪيو اٿس. هِيءُ علائقو جنهن ۾ قديم ماڳ ساريجِي (مٽيءَ ۾ پوريل ئي سهي) بُٺي به موجود آهي، ته اُتي اُهو پليجاڻو به قديم قبرن ۽ ٻين ڪيترن ئي آثارن سميت اڃا موجود آهي.

تصوير- محمد علي مانجهي

چليا جي بيهڪ:

لکين سال آڳاٽا انساني آثار پنهنجي پناهن ۾ سانڍيندڙ چليا نيشنل هاءِ وي تي ٺٽي شهر کان 12 ڪلوميٽر ۽ ڇتي چنڊ کان 4 ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي. هاڻوڪو چليا بنگلو (بس اسٽاپ) ٺٽي کان 13 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. ٺٽي کان حيدرآباد ويندڙ رستو (نيشنل هاءِ وي) چليا جي ٽڪريءَ جي وچ مان گذري ٿو. مڪلي ٽڪريءَ جي اوڀر طرف سنڌوءَ جو وهڪرو ڪِنجھر کان اڳتي روانو ٿي جنهن ٽڪريءَ کي اڌ گولائيءَ کان به وڏو وڪڙ ڪندو (پراڻي دور ۾ جڏهن ٻن وهڪرن ڪلري ۽ هاڻوڪو ساڳيو وڏو وهڪرو ۾ ورهائبو هو) اولهه طرف کان ٿيندو اڳتي ويندو هو، اهو وڏي وڪڙ وارو علائقو (ٽڪري) چليا آهي.

چليا جو علائقو ڪِينجھر ڍنڍ جي اولهه ۾ اُتر اولهه کان اولهه ڏکڻ تائين پکڙيل آهي. سندس ڏکڻ طرفان سنڌو وهي ٿو. اُتر کان ڪِينجھر جي ڪنڊ لڳي ٿي، جتان کان ئي ڪراچيءَ لاءِ ويندڙ ڪِينجھر_گجو ڪئنال ۽ ڪلري بگھياڙ بئراج ڪڍيا ويا آهن جيڪي ٻارهو ئي وهندا رهن ٿا.

سُهڻيءَ جي لٺ ڪٿي آهي؟

چليا جي ٽڪري جتي درياهه جي وڪڙ ۾ وڃي، اُپ ٻيٽ بلڪِ سنهي پٽيءَ جي شڪل ۾ درياهه ۾ ڪنڌيءَ سان لڳي ڇيڙو ڪري ٿي، (جيڪو قديم پتڻ به هو) اُتي ئي ايراضيءَ ۾ بنهه ننڍي اُڀي ٽڪري،جيڪا ديهه لُڪا ۾ آهي. اُن اُڀي ٽڪريءَ تي هڪ اُڀو کوڙيل پٿر آهي جيڪو سُونهڻيءَ جي لٺ جي نالي سان مشهور آهي.  هي اُتر    24’48’3o.1 N   ۽ 68’ 0’20.68 E   اوڀر ۾ آهي.

سُهڻيءَ جي لٺ تائين ڪيئن پهچجي؟

       سُهڻيءَ جي لٺ ٺٽي کان حيدرآباد طرف نيشنل هاءِ وي تي 13 ڪلوميٽر فاصلو طئي ڪرڻ سان (هاڻوڪي) ڪلري بگھياڙ واهه جي پُل اچي ٿي. انهيءَ پُل وٽان بگھياڙ واهه جي کاٻي (اوڀارئين)  ڪپ واري رستي سان اٽڪل ٽي ڪلوميٽر اڳتي سُونهڻيءَ جي لٺ واري ٽڪري آهي. بگھياڙ واهه واري پُل جي کاٻي پاسي وارو ڪنارو وٺي اڌ ڪلوميٽر جي پنڌ کانپوءِ هڪ ننڍو رستو(3 ڪلوميٽر فاصلو) اوڀر ڏکڻ طرف نڪري اڳتي ويندو، اهو رستو ڦرندو ڪراچي واهه ۽ آر بي او ڊي جون پُليون (جيڪي گڏ گڏ آهن، پهريائين ڪراچي واهه واري ۽ ٿورو اڳيان آر بي او ڊي واري پل) جيئن ئي لنگھبيون ته ٽڪريءَ تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ ڏسڻ ۾ ايندو، اُهو ئي آڳاٽي دور جو چليا پتڻ آهي. پُليون لنگھڻ سان ئي رستي جي ٻنهي طرفن کان ننڍيون پٿريليون ٽڪريون / بُٺيون نظر اينديون،اوڀر واري بُٺيءَ تي قديم قبرستان آهي ۽ اولهه واري بُٺيءَ تي هڪ ڊگھو گھڙيل ۽ لسايل پٿر اڀو لڳل نظر ايندو اُن قديم پٿر کي ئي سُونهڻيءَ جي لٺ چيو وڃي ٿو.           

سُونهڻي جي لٺ واري بٺيءَ جي ايراضي:

            اُن بُٺيءَ جي ايراضي اوڀر کان اولهه اٽڪل 2000 فوٽ ۽ اُتر کان ڏکڻ ڪٿان 100 فوٽ ته ڪٿان گھٽ آهي.

سُونهڻيءَ جي لٺ واري بٺيءَ جي صورتحال:

بٺيءَ جي مٿاڇري (مختصر ايراضيءَ) تي ڏکڻ اولهه واري ڪنڊ تي هڪ پراڻي  قبر آهي، جيڪا فيض شاهه جي چئي وڃي ٿي. پر قبر تي ڪوبه ڪتبو وغيره ناهي. هتان جي هڪ جھوني شخص جان محمد جو چوڻ آهي ته هن جي درست نالي جي خبر ناهي. سندس چوڻ آهي ته اڳ ۾ ان قبر کي سُونهڻيءَ جي لٺ واري اولياءَ جي قبر چيو ويندو هو پر پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ ٻڌايو کيس خبر پئي آهي ته ان جو نالو فيض شاهه آهي.(1)  اوڀر واري ڪنڊ تي هي سُونهڻي جي لٺ وارو پٿر لڳل آهي جنهن جو ٽٽي ڪريل مٿيون حصو به گڏ سلامت پيل آهي. قبر ۽ پٿر جي وچ وارو ڀاڱو خالي پيل آهي.

       سُهڻن منظرن ۾ گھيريل هن بٺيءَ تي جڏهن چڙهي ڏسبو ته پري پري تائين نظر وڃي ٿو. هتان کان سنڌوءَ جو هاڻوڪو وهڪرو ڏکڻ پاسي کان ڪٿان ڏيڍ ڪلوميٽر ته ڪٿان پر ڀرو ٿي وهي ٿو. هن هنڌ کان اوڀر کان اولهه طرف ويندڙ سنڌوءَ جو سُهڻو منظر بِنهه موهي وجهي ٿو.هن ٽڪريءَ جي اوڀر طرف کان لُوڪا ٻيلي (جنهن کي شاهه لوڪو ٻيلو به چئجي ٿو) جا وڏا وڏا وڻ ۽ ڪجھه ڪچي ۾ زرعي آباديون نظر اچن ٿيون.

سُونهڻي جي لٺ واري ٽڪريءَ جي اوڀر طرف ٻن اڍائين ڪلوميٽرن جي فاصلي تي سامهون هڪ ٻي بُٺي/ ٽڪري آهي جنهن کي ميهار واري بُٺي سڏجي ٿو.ان بُٺيءَ تي پٿر مان گھڙيل هڪ ڪونڊو به هو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُن ۾ ميهار جون مينهون چارو کائينديون هُيون.(ٰ2) هتي ٻيا به ڪجھه اهڙا نشان آهن جن کي ميهار جي قصي سان ڳنڍيو وڃي ٿو پر شايد ايئن نه هجي. البت اُهي هزارين سال آڳاٽن ماڻهن جا آثار ضرور آهن. ڪجهه پٿرن جي چڪاس مان معلوم ٿئي ٿو ته اُهي پٿر جي دور جا آهن.           

سُونهڻي جي لٺ جي ماپ ۽ اُن تي اُڪريل نقش:

       سُونهڻيءَ جي لٺ واري پٿر جي اُوچائي/ ڊيگھه (زمين جي مٿاڇري کان) ساڍا اٺ فوٽ آهي. ٿي سگھي اهو ٽن کان چئن فوٽن تائين زمين اندر به کُپيل هجي. پٿر چورس ۽ سندس چار ئي پاسا ڏيڍ ڏيڍ فوٽ ويڪرا آهن. پٿر جي مٿئين ڇيڙي ۾ ٻن پاسن کان سورج مکيءَ جا نقش اُڪريل آهن. قديم زماني کان دنيا جي ڪيترن ئي علائقن سميت هند ۽ سنڌ ۾ به سج جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. آئون ڀانيان ٿو ته هن پٿر جو سنڌ ۾ سج جي پوڄا سان تعلق ضرور آهي. سنڌ ۾ ٻين هنڌن تي اهڙا آثار اڄ به ملن ٿا. بدقسمتيءَ سان مناسب سار ۽ سنڀال نه هئڻ سبب سُونهڻيءَ جي لٺ واري پٿر جو مٿيون حصو (جنهن ۾ سورج مکي اُڪريل آهي) جھُري پٽ تي پيل آهي ۽ وچ مان به پٿر ڪجهه ڀريل آهي. ٽڪريءَ جي چوٽيءَ کان هيٺ ڀرن ۾ ڪجهه اهڙا پٿر به پيل ڏسجن ٿا، جن تي سهڻي اُڪر ٿيل آهي.

سُونهڻيءَ جي لٺ متعلق روايتون:

روايتن موجب: ”سُهڻي ميهار جي قصي جو تعلق هن علائقي (پراڻي چليا) سان آهي.“ اها به روايت آهي ته: ”سُهڻيءَ جو ڳوٺ به انهيءَ لٺ واري ٽڪريءَ جي ڀرسان آباد هو. سهڻي اُن پتڻ وٽان اُڪري وڃي پنهنجي محبوب ميهار سان ملندي هُئي. هن ٽڪريءَ جي اوڀر طرف ميهار جي نالي سان منسوب اها ٽڪري به آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُتي ميهار جو گھر ۽ سندس مينهن جو وٿاڻ هوندو هو. تنهن زماني ۾ انهن ٻنهي ٽڪرين جي وچان درياهه وهندو هو. (جنهن جا ڀڏا اڃا به ڏسي سگهجن ٿا.) چون ٿا ته ان هنڌ وٽان سهڻي گھڙي تي درياهه اُڪري پنهنجي محبوب ميهار سان وڃي ملندي هئي.“

چيو وڃي ٿو ته: ”ميهار سان ملڻ لاءِ، سهڻي جڏهن رات جو ڳوٺ مان نڪرندي هئي ته پاڻ سان گڏ جيڪا لٺ کڻي نڪرندي هُئي، ان کي بُٺيءَ تي اُڀي کوڙي پوءِ پار درياهه ڪري وڃي پنهنجي محبوب ميهار سان ملندي هئي. سهڻي ٻڏڻ واري رات به اها لٺ بُٺيءَ تي کوڙي درياهه ۾ گھڙي هُئي. هن ڀيري دوکي سان مليل ڪچي گھڙي جي ڪري سهڻي درياهه پار ڪندي وچ سير ۾ ميهار کي پُڪاريندي ٻڏي ويئي. سهڻيءَ جي کوڙيل اها لٺ وَقت گذرڻ سان پٿرائجي(پنڊ پهڻ بڻجي) ويئي ۽ هاڻي هن پٿرايل لٺ جي صورت ۾ موجود آهي.(3). پر منهنجي خيال ۾ اها هڪ ڏندڪٿا کان وڌيڪ ڪجھه به نه آهي.

سُونهڻيءَ جي لٺ جي اصل حقيقت:

آئون ڀانئيان ٿو ته سُونهڻيءَ جي لٺ جي باري ۾ جيڪي روايتون ٻڌايون وڃن ٿيون اُن ۾ ڪا صداقت ناهي پر منهنجي خيال ۾ سُونهڻيءَ جي لٺ جون اصل حقيقتون هي ٿي سگھن ٿيون بلڪه آهن:

هي پٿر ڪنهن شخص پاران جوڙائي اتي لڳايل يادگار پٿر آهي. هن پٿر جي چوٽيءَ ۾ ٻن پاسن کان نقش ڪيل سورج مکيءَ مان اهو به اندازو ڪري سگھجي ٿو ته شايد پٿر ٺهرائيندڙ شخص سج جي پوڄا ڪندڙ فرقي سان تعلق رکندڙ هو.

اهو به ٿي سگھي ٿو ته هيءُ پٿر پتڻ جو ڏس ڏيندڙ (سُونهي) طور لڳايو ويو هجي. انهيءَ ڪري هن پٿر تي نالو ئي سُونهڻي وارو پٿر ۽ پوءِ سُونهڻي واري لٺ پئجي ويو. (هتي انهيءَ ڪري ئي سُونهڻي لفظ لکيو ويو آهي.) ڇاڪاڻ ته هي اهو علائقو آهي، جنهن هنڌ تي قديم دور ۾ سنڌوءَ جو وهڪرو گهرو هوندو هو ۽ ايستائين وڏا ٻيڙا به اچي سگهندا هئا. هِي اهو ئي هنڌ آهي جنهن وٽان ڪلريءَ جو وهڪرو گذرندو هو. هتان ئي خانواهه (دولهه درياخان جو ٺهرايل) جو مُنهن هو.  

اهو به ممڪن آهي ته اهو پٿر مٿي بيان ڪيل اُن قبر واري شخص جي يادگار طور لڳايو ويو هجي.

سُونهڻيءَ جي لٺ واري ٽڪريءَ جي ڀرپاسي وارا ڪجھه آثار:

(1) هتي ويجهو ئي هڪ آڳاٽي مسجد به آهي جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اها  سُهڻيءَ جي زماني جي آهي، جنهن ۾ ’ساهڙ پير‘ نماز پڙهي هئي.

(2) هن ٽڪريءَ جي ويجھو درياهه جي ڪپ تي انگريزن  پاران اڏايل هڪ سهڻو ڊاڪ بنگلو موجود آهي، جيڪو ’لُوڪا بنگلي‘ جي نالي سان مشهور آهي. اُهو بنگلو ٿوري مرمت سان استعمال جوڳو آهي.

(3) لُوڪا بنگلي جي ڏکڻ اولهه واري پاسي ڪنهن پراڻي وستيءَ جا گهڻي علائقي ۾ آثار (پٿر ،ٺڪراٺو وغيره) موجود آهن. هن ٽڪريءَ جي آسپاس ۾ برساتن ۽ تيز هوائون لڳڻ جي ڪري پراڻا سِڪا وغيره ظاهر ٿي پوندا آهن. انهن مان ڪجهه سڪا اسان کي به ڏيکاريا ويا، پر گهڻو ڳري وڃڻ جي ڪري، انهن تي هاڻي ڪو به نشان نه رهيو آهي، جيڪو پڙهي، ڏسي زماني جو ڪو اندازو ڪري سگهجي. ساريجي بُٺيءَ جي رهواسي محمد آدم ميربحر جو چوڻ آهي هتان کين ڪيتريون ئي شيون ملنديون رهن ٿيون.

(4) هن ئي ٽڪريءَ سان لڳ لُوڪا نالي ٻيلو ۽ هڪ قديم ڳوٺ به آباد آهي.

(5) ٽڪريءَ جي اتر اولهه ۾ اڍائي ڪلوميٽرن تي قديم ڳوٺ چليا آهي. هتي ڪلهوڙن ۽ پوءِ هندو سنڌين پاران ڇڏيل آڳاٽين جاين جا آثار اڄ به چٽي نموني ڏسي سگھجن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر محسن عباسي ۽  خاموش عباسي جو اصل ڳوٺ به اهو ئي چليا آهي.

(6) ٽڪريءَ جي ڏکڻ اولهه واري ڪنڊ طرف ٽن ڪلوميٽرن تي قديم آثارن وارو ماڳ ساريجي بُٺي/ ٽڪري آهي.

(7) هن ٽڪريءَ جي اُتر طرف اٽڪل پنجن ڪلوميٽرن تي ڄاڃڪو قبرستان آهي.

(8) اُتر طرف ستن ڪلوميٽرن تي جھول ڍنڍ ۽ ڄام تماچيءَ جي جھول ماڙيءَ جا آثار پڻ موجود آهن.

(9) ٽڪريءَ جي اوڀر طرف اٽڪل پنجن ڪلوميٽرن تي قديم ’ڪوٽ مير گل‘ جا آثار آهن.

(10) اوڀر طرف قديم قبرستان پليجاڻو آهي، جنهن جي ويجھو ٽڪريءَ تي ڪجهه اهڙيون قديم قبرون به آهن، جيڪي سڪندر اعظم جي دور جون جون چيون وڃن ٿيون. ٽڪريءَ جي ويجھو ٻيا به ڪيترائي قديم آثار اڄ به موجود آهن.   

حوالا ۽ حاشيا

 1. زباني روايت: محمد آدم ميربحر، عمر 60 ورهيه، بتاريخ 21 جولاءِ 1987ع

 2. زباني روايت: جان محمد خاصخيلي (لُوڪا بنگلي جو چوڪيدار) عمر 57 سال، بتاريخ 8 آگسٽ 1992ع

3. زباني روايت:  علي محمد ملاح، عمر 50 سال بتاريخ 8 فيبروري 2000ع

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment