شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

ادب ڇو پڙهڻ گهرجي


شام 05 لڳي 44 منٽ -سومر 01 جون 2020  175 
image-1

هن ترقي آفتا دنيا ۾ ڪجهه وقت کان اهو سوال به ٿي رهيو آهي ته سائنسي علم، تحقيق، فلسفي، تاريخ ۽ ٽڪنالاجي جهڙا علم ڇڏي اسين ادب ڇو پڙهون، اڄ جي دور ۾ تخليقي ادب جي ڪهڙي ضرورت آهي ۽ ادب پڙهڻ مان ڪهڙو فائدو ملي ٿو؟

انهن سوالن ڪو اڄ جنم نه ورتو آهي پر اهي سوال ڪيتري ئي عرصي کان هلندا پيا اچن، هتي اهو سوال به ڪري سگهجي ٿو ته ڇا اًڄ جي هن ترقي آفتا دور ۾ ادب عفاديت وڃائي ويٺو آهي؟

منهنجي نظر ۾ ڪنهن به معاشري مان جيڪڏهن ادب کي ڪڍيو وڃي ته اهو معاشري بي رنگ، ذهني ترقي کان خالي ٿي پوندو ۽ ان معاشري مان سهپ به ختم ٿي ويندي، ادب ۽ فن نه رڳو اسان ۾ سهپ واري مادي کي وڌائيندا آهن پر اهي مخلتف ثقافتن، ماڻهن، ٻولين ۽ قومن جي رهڻي ڪرڻي ۽ سوچ جي انداز جي ترجماني به ڪندا آهن.

ان ڳالهه کان هٽي ڪري ته ڪهڙي قسم جو ادب پڙهڻ گهرجي ۽ ڪهڙي قسم جو ادب نه پڙهڻ گهرجي، هتي پاڻ ان نقطي کي بيان ڪريون ٿا ته ادب ڇو پڙهڻ گهرجي؟

اي بريو نيو ورلڊ جي ليکڪ ايلڊوس هڪسلي هڪ هند لکيو ته ”جيڪڏهن اوهان صحيح نموني لکو ته لفظ ايڪسر جيان ٿي سگهن ٿا، اهي ڪنهن ۾ به گهڙي وڃي سگهن ٿا، اوهان پڙهندا ۽ اوهان جو من چيرجڻ لڳندو.“

جڏهن ته ايني فرنڪ لکي ٿي ته ”جڏهن مان لکڻ پڙهڻ ويهندي آهيان ته مون کان سڀ ڪجهه وسري ويندو آهي، ان سان هڪ نئين اميد ۽ نئون جوش جاڳي پوندو آهي.“

مشهور ناول نگار رابرٽ لوئس اسٽيوسن چيو ”مان سدائين کيسي ۾ ٻه ڪتاب رکندو آهيان هڪ پڙهڻ لا ٻيو لکڻ لا.“

جڏهن ته چارلس بڪوسڪي چيو ”ادب بنا هي زندگي دوزخ جيان آهي.“  

ادب پڙهڻ جا ڪيترا ئي فائدا ٿي سگهن ٿا، انهن مان ڪجهه هتي ڏجن ٿا؛

1_ سٺو ادب پڙهڻ سان پرهندڙ جي تخيل ۽ تصور ڪرڻ جي سگهه وڌي ويندي آهي، اسان کي ڪهاڻين مان لطف ملندو آهي، اسان مختلف ڪردارن سان گڏ سندن دنيا ۾ رهڻ لڳندا آهيون ۽ ڪيترا ئي ڪردار اسان جي زندگين جو حصو بڻجي ويندا آهن. جڏهن اسان جي تخيل ۽ تصوراتي حس اجاگر ٿي پوندي آهي ته اسين حقيقتن کي مختلف زاوين سان پرکڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، ان کانسوا سٺو ادب پڙهڻ سان اسان جي فيصلي ڪرڻ جي سگهه به وڌي ويندي آهي، سٺو ادب اسان کي منطق ۽ دليل کي صحيح نموني استعمال ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.

2_ سٺو تخليقي ادب اسان کي هڪ زمان ۽ مڪان مان ڪنهن ٻئي زمان ۽ مڪان ڏانهن کڻي ويندو آهي   ۽ نت نئون ڪردارن سان ملائيندو آهي، ڪيترن ئي افسانوي ڪردارن کي اسان پنهنجي زندگي جو حصو سمجهڻ لڳندا آهيون.

3_ سٺي تخليقي ادب مان هڪ فائدو اهو به هوندو آهي ته اسان ٻين جي اکين سان دنيا کي ڏسندا آهيون، سندن دنيا کي ڏسڻ ۽ سندن نظرين جي خبر پوندي آهي، سٺو تخليقي ادب پڙهڻ سان مختلف ڳالهين ۽ ماڻهن جي حوالي سان رحم ۽ نرم ورتا اجاگر ٿيندو آهي.

4_ سٺو تخليقي ادب نه رڳو فرد کي پر سماج کي به سنوارڻ جي ڪم ايندو آهي، ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ادب انساني جذبن، ڏکن سورن، مجبورين، احساسن ۽ رهڻي ڪرڻي جي ترجماني ڪندو آهي.

5_ سٺي تخليقي ادب ۾ اها پڻ سگهه هوندي آهي ته اهو اسان کي پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

ان ڪري سٺي تخليقي ادب جي ضرورت هر فرد سان گڏ هر سماج کي آهي، اسان ۾ جيڪي جمالياتي حسون آهن اهي رڳو تخليقي ادب وسيلي ئي نروار ٿي سگهن ٿيون.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment