شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 26 - مئي - 2020ع

اينتون چيخوف موجب ڪهاڻي ڪيئن لکجي


شام 05 لڳي 29 منٽ -جمعو 22 مئي 2020  76 
image-1

اڻويهين ۽ ويهين صدي دوران روسي اديب سموري دنيا تي راًڄ ڪيو، دوستوسڪي، ٽالسٽا،گريگرويچ ۽ ٻيا ڪيترا ئي اديب هئا، جن جو تخليق ڪيل ادب نه رڳو روس پر سموري دنيا جي پڙهندڙ ۾ مشهور ٿيو. جڏهن دوستوسڪي ٽيويهه سالن جو هو ۽ سندس پهرين ناول تي ڪم ڪري رهيو هو ته گريگرويچ کيس همٿايو هو ۽ انهي جي چاليهن سالن کانپو سال 1886 ۾ پوڙهي گريگرويچ کي ”اينتوشا چيخونوت“ نالي هڪ نوجوان جو لکيل طنز و مزاح سان ڀرپور خاڪو پڙهڻ لا مليو ۽ هن ان همراهه جي ڳولهي شروع ڪئي ۽ اڻوهين صدي جي آخري وڏي روسي ڪهاڻيڪار چيخوف کي دنيا اڳيان آندو.

گريگرويچ چيخوف جي نالي هڪ خط لکيو جنهن ۾ هن کي ڇنڊ پٽندي چيائين ته هن سندس لکڻين کي سنجديگي سان ڇو نه ورتو ۽ فرضي نالي پٺيان ڇو لڪندو رهيو؟ ايڏي وڏي ادبي ماڻهو پاران لکيل اهو خط پڙهي چيخوف وائڙو ٿي ويو ۽ کيس معافي نامو (مارچ 1886 جو هڪ خط) لکندي کيس ٻڌايو ته هو (چيخوف) گذريل پنجن سالن کان اخبارن جي آفيسن جا چڪر هڻندو رهيو ۽ هر ڀيري سندس لکڻي اهو چئي ته ان ۾ دم نه آهي رد ڪئي ويندي هئي.

”هڪ ته اهو ڪارڻ آهي، ٻيو ته مان پيشي جي حوالي سان هڪ ڊاڪٽر آهيان ۽ ان جي پڙهائي ۾ ڪنن تائين ٻڏل آهيان.“ چيخوف ان خط ۾ ڄاڻيو، پر انهي خط ۾ چيخوف خاطري ڏيندي لکيو ته جيڪو ٿيو سو ٿيو هاڻي کيس روشن مستقبل ۾ اميد آهي ۽ اڃا به سندس عمر ڇهويهه سال مس آهي.

ڪجهه عرصي ۾ چيخوف پنهنجي حوالي سان جيڪو خط ۾ لکيو اهو ڪري به ڏيکاريو ۽ هن ڪهاڻي لکڻ جو اهڙو نرالو طريقو پنهنجايو جو ان دور جا ليکڪ ۽ پڙهندڙ سندس ان نرالي ۽ اصلڪي بيان ڪرڻ جي انداز تي رشڪ ڪرڻ لڳا. چيخوف نه رڳو بيان جي انداز ۾ نواڻ آندي پر هن سياسي ۽ سماجي اثر کي رد ڪندي موضوعن ۾ به نواڻ آندي. هن لا ٽالسٽا چيو؛

”چيخوف غيرمعامولي فنڪار آهي، هن ڪهاڻي لکڻ جا نت نوان طريقا ڳولهي لڌا آهن، اهي طريقا ۽ انداز مون اڳ ڪڏهن به ڪٿي نه ڏٺا آهن.“

سندس ڪهاڻين تي نظر وجهجي ته انهن ۾ شرط، ڪلارڪ جو موت،  شڪاري، ڏوهي، ايسٽر واري رات، ونڪا، اينوتا ۽ پانکيدا وغيره پڙهندڙن وٽ خوب ساراهيون ويون.

جيتوڻڪي چيخوف جون ڪهاڻيون عام پڙهندڙن وٽ مقبول ٿي رهيون هيون پر ان دور جي نقادن وٽ اهي ئي ڪهاڻيون قبول نٿي پيون. ان دور ۾ لکڻين جي ڇنڊ ڇاڻ سياسي وابستگي ۽ سماجي حقيقت نگاري وارن (بي معنيى) اصولن تي ڪئي ويندي هئي، انهن نقادن وٽ ڪهاڻي يا ادب رڳو اهو هو جنهن ۾ سياسي ۽ سماجي پيغام هجي ۽ چيخوف کي ادب برا زندگي تخليق ڪرڻ بدران ادب برا ادب تخليق ڪرڻ وارو ليکڪ سڏيو ويو. (اهڙي قسم جا فلٿرو ترقي پسند نقاد اڃا به پاڻ وٽ سنڌي ادب ۾ عام جام ملن ٿا ۽ هر لکڻي کي سياسي پيغام ۽ سماجي حقيقت نگاري واري ڪسوٽي تي پرکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ هن کي سياسي پيغام به وري ڪميونسٽ پڌرنامي وارو ئي گهرجي، ان کانسوا ٻي هر ڳالهه ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلايو ڇڏين).

اهڙن نقادن کي مزاق مزاق ۾ جواب ڏيندي چيخوف لکيو؛

”مان سياسي، مذهبي ۽ فلسفي جي حوالي سان ڪا گهري نظر نٿو رکان، ان حوالي سان هر مهيني منهنجو نظريو مٽجندو رهندو آهي. منهنجي لا آرٽسٽڪ ايڪسپريشن جي وڌيڪ اهميت آهي، منهنجي لاانساني جسم، صحت، ڏاهپ، پيار ۽ هر قسم جي تشدت کان آزادي ئي سڀني کان مقدس شيون آهن.“  

   سال 1886 جي مئي ۾ چيخوف سندس وڏي ڀا ايلڪسزنڊر (جيڪو پاڻ به هڪ ليکڪ هو پر چيخوف جيتري مشهوري نه ماڻي سگهيو) کي هڪ خط لکيو جنهن ۾ هن ڪماياب ڪهاڻي لا ڇهه نقطا ٻڌايا، اهي هن ريت آهن؛

1_ ڪهاڻي ۾ اجائي سياسي، سماجي يا معاشي نعريبازي نه هجڻ گهرجي، جتي ضرورت هجي اتي ڏجي باقي ڪهاڻي ۾ نعرا ٽنبي ان کي اجائي ڊيگهه نه ڏجي.

2_ ڪهاڻي پوري طرح غيرجانبدار ٿي لکجي، هڪ ليکڪ کي ڪنهن جو پاسو کڻڻ بدران غير جانبدار ٿي شين کي بيان ڪرڻ گهرجي.

3_ ڪردارنگاري ۽ منظرنگاري سچ تي آڌاريل هجي، جيڪو جيئن آهي ان کي ائين ئي ڏيکارجي.

4_ شين کي بيان ڪرڻ مهل ڊيگهه نه ڪرڻ گهرجي ۽ گهٽ لفظن ۾ ڳالهه کي بيان ڪجي.

5_  ڪهاڻي ۾ ليکڪ سخت قدم کڻڻ لا تيار هجي ۽ هن انداز نج پج هجي.

6_ ڪنهن جي ڀوڳنا جو احساس هجڻ گهرجي.

   اهو چيخوف ئي هو جنهن نه رڳو ڪهاڻي پر ليکڪ جو به هڪ نئون ۽ الڳ ٿلڳ تصور ڏنو. اردو ٻولي جي جڳ مشهور ڪهاڻيڪار منٽو جي لکڻين تي به چيخوف جو اثر هو.  

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment