شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 11 - جولاءِ - 2020ع

منٽو جون ڪهاڻيون ۽ منٽو جون عورتون


شام 03 لڳي 11 منٽ -سومر 11 مئي 2020  207 
image-1

سعادت حسن منٽو پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي حوالي سان جيڪو خاڪو لکيو هو، ان جو نالو هو ”بقلم خود“. جيڪڏهن ڪو ماڻهو منٽو کي سمجهڻ چاهي ٿو ته اهو خاڪو ضرور پڙهي. جنهن ۾ نه فقط هن ميٽرڪ ۾ اردو  جي پرچي ۾ ٽي ڀيرا فيل ٿيڻ جو ذڪر ڪيو آهي پر اهو به اعتراف ڪيو اٿس کيس اردو ناهي ايندي. ان ئي خاڪي ۾ هو اڳيان لکي ٿو ته ”منٽو کي جڏهن ڪهاڻي لکڻي هوندي آهي ته هو ڪرسيءَ تي پٻن ڀر ويهي رهندو آهي، بلڪل ائين جي ڪا ڪڪڙي آري تي ويهندي آهي ۽ پوءِ افسانا چوزن جيان چون چون ڪندا نڪري ايندا آهن.“

سعادت حسن ان زماني جو به سچ هو، جڏهن هو جيئرو هو، هو اڄوڪي زماني جو به سڇ آهي، جڏهن هو هن دنيا ۾ ناهي رهيو. هي زمانو ڪالهه به منٽو جو هو ۽ اڄ به منٽو جو آهي، هن انهن عورتن جي درد کي پنهنجِن ڪهاڻين ۾ جاءِ ڏني، جن کي اسان جو سماج رنڊي، ٽيڪسي ۽ ڪال گرل جي نالي سان سڏيندو آهي. منٽو کي اها ئي عورت ڇو وڻندي هئي، هن جو قلم سدائين چڪلن ۾ جنسي پورهيو ڪندڙ عورتن جي حوالي سان ئي ڇو ڪهاڻيون لکندو هو. ان ڪري جو منٽو کي خبر هئي ته مردن جا سمورا رستا انهن گهٽين ۾ اچي کٽن ٿا، جتي اهي شريف به ويندا آهن، جن کي عورت سدائين گهٽ ذات ئي نظر ايندي آهي.

هن جي ڪهاڻين ۾ جنسي لذت کان وڌيڪ جنسي وحشت آهي، اها وحشت عورت بدران ان مرد جي آهي، جنهن کي عورت فقط گوشت جي شڪل ۾ نظر ۾ ايندي آهي. جيڪو عورت کي ڪپڙن ۾ به اگهاڙو ڏسڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو آهي. پر هو عورت کي انساني وجود طور قبولڻ لاءِ تيار ناهي،  هو  اهو سمجهڻ لاءِ تيار ناهي ته عورت به احساس رکي ٿي، اها عورت رڳو عورت ناهي پر انسان به آهي، جنهن  کي رات جو ننڊ جي ايتري ئي ضرورت هوندي آهي، جيتري ڪنهن مرد کي هوندي آهي پر جنهن عورت جون ڪهاڻيون منٽو لکيون آهن، ان جي نصيب ۾ ننڊ ناهي. اها صدين  کان اوجاڳا ڪري رهي آهي ته جيئن ڪو وحشي مرد ان جي جسم ۾ پنهنجا ڪاڻيٺا کپائي سگهي.

هن ورهاڱي  جو  درد سٺو، هن ممبئي کان لاهور تائين  جيڪا ٽرين جي ٽڪيٽ ورتي ئي اها اصل ۾ پنهنجي زندگي بچائڻ جي ٽڪيٽ هئي.  دوست چيس ته ”تون ڪهڙو مسلمان آهين جو ممبئي ڇڏي پيو  وڃين؟“ هن   وراڻيو ”ايترو ته آهيان جو مارجي وڃان.“  هو ڊجندو هو، هو واقعي به ڪنهن جي هٿان مرڻ کان ڊڄندو هو، پر هو لکڻ کان ڪڏهن ڪونه ڊنو. لکڻ مهل هن جهڙو سورهه ڪهاڻيڪار ڪو ٻيو نه هوندو. هن جو هڪ ئي افسانو سمورن بنياد پرستن جي منهن جي چماٽ هوندو هو.

هن لکيو اسن عورت ان کي سمجهندا آهيون، جيڪا اسان جي گهر جي هجي، باقي اسان لاءِ ڪا عورت ڪانهي، بس گوشت جو دڪان آهي ۽ اسين ان گوشت جي دڪان ٻاهران ڪتن وانگر هوندا آهيون، جن جون هوس ڀريل نظرون سدائين گوشت تي ٽڪيل رهنديون آهن.

منٽو جي ڪهاڻين ۾ نه فقط انساني نفسيات جا سمورا پاسا نظر اچن ٿا پر جنسي جبلت به جتي ڪٿي نظر اچي، جيڪي  انسان ۾ پهرين ڏينهن کان وٺي شامل رهيا آهن. هن جي ڪهاڻين تي اعتراض واريندڙ اهو چون ٿا ته هو فحش هو، اگهاڙيون ڪهاڻيون لکندو هو، پر اهي سڀ ماڻهو هن جي ڪهاڻين ۾ ئي مزو وٺندا رهيا  آهن، هن جي تخليق ڪيل ڪردارن سان تصورن ۾ ڀاڪرن ۾ ڀريندا رهيا آهن، منٽو اسان کي اهو ئي پڙهايو آهي، جيڪو هن سماج ۾ موجود آهي،   شريف ۽ پاڻ کي پاڪ پوتر سمجهندڙن کي سماج ۾ طوائف ته قبول آهي پر اها منٽو جي ڪهاڻين ۾ قبول ناهي. منٽو جي ڪهاڻين ۾ لکيل سچ سدائين جيئرو رهندو ۽ انهن عورتن جون ڪٿائون پيو بيان ڪندو، جن جي جسمن تي پيري وڻ ويڙهي وانگر  چهٽي هر ڏينهن سندن جوانيءَ جو رس چوسيندي رهندي آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment