شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 08 - آگسٽ - 2020ع

اڪيلائيءَ جا هڪ سئو سال- جادوئي حقيقت نگاريءَ سان ڀرپور ناول


شام 03 لڳي 34 منٽ -خميس 30 اپريل 2020  392 
image-1


گذريل سال گبريل گارشيا مارڪيز جي پُٽن ليکڪ جي مشھور ناول ”اڪيلائيءَ جا ھڪ سئو سال“ تي ويب سيريز ٺاھڻ جا حق ۽ واسطانيٽ فلڪس کي ڏنا. مون گذريل ويھن سالن ۾ ھي ناول سنڌي، اردو توڙي انگريزي ۾ ڪيترائي ڀيرا پڙھڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھر ڀيريڪھاڻيءَ جي واقعن يا ڪردارن ۾ منجھي پوڻ سبب ناول پورو نه ڪري سگھيس. ھي خبر پڙھڻ کان پوءِ ھڪ ڀيرو وريويھين صديءَ جي ڪجھه اثرائتن ڪتابن ۾ شمار ٿيندڙ ھي ناول پڙھڻ جو شوق جاڳيو.

ھي ناول ھڪ ناول نه پر ھڪ داستان، ھڪ ڏند ڪٿا آھي جنھن کي شروع ڪرڻ کانپوءِ رکڻ تي دل نه ٿي چوي. ناول ماڪوندو نالي ھڪ فرضي ڳوٺ وسائيندڙ بوئنديا گھراڻي جي ڇھن پِيڙھين جي ڪھاڻي آھي. ماڪوندو ۽ بوئنديا خاندان ڄڻ ته ھڪ ٻي لاءِ لازم ملزوم آھن. ماڪوندو ئي بوئنديا گھراڻي جي سڀني مردن توڙي عورتن جي مھم جوئين، چريائپ، سيڪشوئلٽي، ناجائز لاڳاپن جو شاھد آھي.

بوئنديا گھراڻي جو چڱو مڙس حوزي آرڪاديو بوئنديا ماڪوندو جو جديد دنيا سان ڳانڍاپو قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ناڪام ٿئي ٿو. سندس زال اُرسلا اھو رستو ڳولي لھي ٿي. ان جي نتيجي ۾ حڪومتي عملدارن جي ڳوٺ تائين رسائي ٿئي ٿي ۽ ڳوٺ تي رياستي حڪم پڻ لاڳو ٿين ٿا. ان سبب ڳوٺ ۾ اِنسومنيا جي وبا پڻ ڦھلجي ٿي. حڪومتي عملدارن جي اچڻ سبب رياستي اليڪشن، ڌانڌلي، لِبرل ۽ ڪنزرويٽو سياست جو جھيڙو ۽ ملڪ ۾ پکڙيل گھرو ويڙهه پڻ ماڪوندو ۾ اچي ٿي. مطلب ته پوءِ ماڪوندو آئيسوليشن ۾ وسندڙ ھڪ ڳوٺ نهٿو رھي پر رياست جو ھڪ حصو بنجي وڃي ٿو.

بوئينديا گھراڻي جو ٽيون نسل جڏھن ماڪوندو ۾ ريل جي پٽڙي وڇائي ٿو ته اھا پٽڙي ماڪوندو جي ماڻھن لاءِ ترقيءَ جي رستي بدران ڌارين جي آبادڪاريءَ جا رستا کولي ٿي. ھڪ سال اندر ئي ماڪوندو جي ڊيموگرافي ۾ بدلاءُ اچي وڃي ٿو. اوائلي رھاڪو پنھنجي ئي شھر ۾ ڌاريا ٿي پون ٿا. نوان آيل آبادڪار ڪيلي جي پوک ڪري مقامي مزدورن جو استحصال ڪن ٿا ۽ جائز حقن جي گھر تي سندن قتلِ عام کان به لنوائن نه ٿا. ڏٺو وڃي ته ماڪوندو ۾ ڌاري آبادڪاريءَجو پڙھي، پڙھندڙ کي 1947ع جو ڪراچي ياد اچيو وڃي.

تصوير سوشل ميڊيا

تنھن کان پوءِ ڪھاڻي پنھنجي پڄاڻيءَ ڏانھن وڌندي وڃي ٿي. جنھن ناول کي ھڪ فرد ايترو پيار سان پڙھڻ شروع ڪري ٿو، انھي ئي ڪتاب کي روئيندي ختم ڪري ٿو. جپسي ملڪئاديس جي لکڻين کي جڏھن بوئينديا خاندان جي ڇھين پيڙھيءَ جو نوجوان اورليانو پڙھڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو تهماڪوندو ۽ بوئينديا خاندان جي باري ۾ ڪيل سندس  اڳ ڪٿيون پڙھي اورليانو سان گڏ پڙھندڙ جي به پيرن ھيٺان زمين نڪري وڃي ٿي.


ناول جا مُک ڪردار بوئينديا گھراڻي جا فرد آھن. منھنجي ھن راءِ سان اختلاف ڪرڻ جو ھر پڙھندڙ کي حق حاصل آھي پر منھنجي خيال ۾ ناول جو سڀ کان سگھارو ڪردار حوزي آرڪاديو بوئينديا جي زال اُرسلا جو آھي جنھن جي ڪھاڻي پڙھي شاههسائين جون سورميون ياد اچي وڃن ٿيون. ھوءَ پنھنجي گھر ۽ خاندان کي سار سنڀال لھندي ايندي آھي. جنھن جي حياتي ۾ ئي سندس مڙس، پُٽن توڙي پوٽن کي دُکدائڪ موت نصيب ٿئي ٿو پر اُرسلا پوءِ به زماني جي صعوبتن آڏو گوڏا کوڙڻ بدران ھر مصيبت کي منھن ڏي ٿي.

اڪيلائي ناول جو مک ٿيم آھي بوئينديا گھراڻي جي ھر مرد توڙي عورت کي پنھنجو شڪار ڪري ٿي. حوزي آرڪاديو بوئينديا سائنسي کوجنائن ۽ ماڪوندو جو ٻي دنيا سان رستو ڳولڻ جي ڪوشش ۾ اڪيلائيءَ جو شڪار ٿئي ٿو. سندس پٽ اورليانو ننڍپڻ کان ئي خاموش طبع ۽ اڪيلائي پسند ماڻھو آھي. ملڪئاديس موت جي اڪيلائي برداشت نه ٿو ڪري سگھي ۽ موت جي منھن مان واپس اچي وڃي ٿو. بوئنديا ھائوس، ماڪوندو جا رستا، اسپيني جنگي ٻيڙو به اڪيلائيءَ ۾ وڪوڙيل آھن. 

سب ٿيمز ۾ انسومنيا جي پليگ، ويسارَو، ڌارين جي آبادڪاري ۽ ان جا اثرَ، ڊيموگرافڪ تبديليون، ويھه سال ڊگھي گھرو ويڙهه، شھرن جو عروج ۽ زوال، جنگ جي لايعنيت، کوکلا سياسي نعرا، سياسي شعبدي بازيون شامل آھن. سائنس ڏانھن ماڻھن جو رويو پڻ ھن ناول جي ھڪ ٿيم آھي. مثال طور ملڪئاديس جو جپسي قبيلو ھميشه ماڪوندو ۾ نيون سائنسي کوجنائون سائنس کي خاطر کڻي ايندو آھي. جڏھن ته انھن کان پوءِ ايندڙ جپسي قبيلي لاءِ اڏامندڙ قالين تفريح کانسواءِ ٻيو ڪوبه عنصر ڪونه ھوندو آھي. وقت جو گول دائري ۾ ڦرڻ وارو تصوّر پڻ ناول ۾ آھي جنھن ۾ سئو سالن کان پوءِ ماڪوندو جي ماڻھن لاءِ سئو سال اڳ ڏٺل سائنسي ايجادون نيون لڳڻ لڳن ٿيون.

ليکڪ ناول ۾ انتھائي خوبصورتي سان مافوق الفطرت عنصرن کي حقيقت سان ملائي ادب جي صنف ۾ جادوئي حقيقت نگاريءَ جو بنياد وڌو آھي. ھي ناول اڄ به جادوئي حقيقت نگاريءَ جي بنيادي ڪمن ۾ ڳڻيو ويندو آھي. پيلن پوپٽن جو ڪردارن مٿان ڦرڻ، ريميڊيوس دي بيوٽي جو اوچتي بستري جي چادرن سوڌي ھوا ۾ اڏامي وڃڻ وغيره. انھن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي واقعا اھڙا آھن. 

ھن ناول جي سڀ کان وڏي خصوصيت اھا آھي ته ان جي انيڪ طريقن سان تشريح ڪري سگھجي ٿي. ”اڪيلائيءَ جا ھڪ سئو سال“ بابت به مختلف رايا آھن. ڪجھه ماڻھن جي راءِ موجب ناول ۾ قدرتي ذخيرن سان مالامال ڳوٺ ماڪوندو تي جديديت جا اثر ڏيکاريا ويا آھن. جڏھن ته ٻين جي راءِ ۾ ھي ناول لاطيني امريڪا جي خون خوار تاريخ تي ٻڌل آھي.

ناول جي ٻولي ڪمال جي آھي. ڪتاب پڙھندي ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ته پڙھندڙ ڪنھن نديءَ ۾ ترندو ھجي. ڪھاڻيءَ تي ليکڪ جي گرفت ايتري مضبوط آھي جو پڙھندڙ کي ڪٿي به ڪھاڻي ۾ ڪو جھول محسوس ڪونه ٿئي ٿو. توڙي ھي ڇھن پيڙھين جي ڪيترن ئي ڪردارن تي ٻڌل ڪھاڻي آھي پر ڪنھن به جاءِ تي ڪردارن جي عمل يا ڪردارن جي نفسيات ۾ ھڪجھڙائي محسوس نه ٿي ٿئي. ھر ڪردار ھڪ منفرد نفسياتي پاسا رکندڙ آھي. ٻيو ته ليکڪ جي قلم ۾ اھڙو جادو آھي ته پڙھندڙ کي بوئنديا گھراڻي جا ڀاتي پنھنجي اڳيان گھمندي ڦرندي نظر اچن ٿا. ھڪ ئي ناول ۾ ايترن سارن ڪردارن سان انصاف ڪرڻ به پڻ ھڪ آرٽسٽ لاءِ وڏو چيلينج آھي پر مارڪيز ان چيلينج کي به بھترين طريقي سان منھن ڌيندي نظر اچي ٿو.

ڪھاڻي ۾ شامل ڪردارن ۽ واقعن کي ذھن نشين ڪرڻ لاءِ لازمي آھي ته پڙھندڙ ھڪ نوٽ بُڪ ۾ ڪھاڻيءَ کي سمرائيز ڪندو وڃي ۽ ڪردارن ۾ منجھڻ کان بچڻ لاءِ ڪردارن جي وصف لکندو رھي. جيڪڏھن ھڪ ڀيرو ڪھاڻيءَ جو ڀيرو مِس ٿي ويو يا وري پڙھندڙ جيڪڏھن ڪردارن ۾ منجھي ويو تهوري ناول شروع کان پڙھڻو پوي ٿو. ڪنھن مون کي بلڪل صحيع چيو ھو ته ”اڪيلائيءَ جا ھڪ سئو سال“ پڙھڻ کان پوءِ گيبو سان پيار ٿي ويندئي. سچ ته اھڙا ناول دنيا ۾ گھٽ ئي لکيا ويا آھن.

Soomrosiddiq@gmail.com

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment