شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 26 - مئي - 2020ع

ڪورونا دوران مون ترڪيءَ کي ڪيئن ڏٺو؟


شام 04 لڳي 26 منٽ -ڇنڇر 25 اپريل 2020  150 
image-1


شايد اسان مان ڪنهن به اهو نه سوچيو هو ته اهڙو به وقت ايندو جو ماڻهو هر لمحي هڪ اهڙي خوف ۾ ورتل هوندو جو ان کي پنهنجي پاڇي کان به ڊپ پيو ٿيندو. پر هن وقت سڄي دنيا لاڪ ڊائون کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ان لاڪ ڊائون جي ڪري نه فقط دنيا جي معيشت متاثر ٿي رهي آهي پر زندگيءَ جا عام معاملا به سخت متاثر ٿي رهيا آهن.

هاڻوڪن ڏينهن جو سچ اهو آهي ته اسين وبا جي ڏينهن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، هڪ اهڙي زماني ۾ جيءَ رهيا آهيون، جتي هر ماڻهو خوف ۾ ورتل آهي. پنهنجو پاڻ کي هر حوالي سان محفوظ سمجهندڙ انسان اڄ پاڻ کي هر جيوَ کان وڌيڪ غيرمحفوظ سمجهي رهيو آهي ۽ سمجهڻ به گهرجي ڇاڪاڻ ته هن وقت ان جي ويڙهه هڪ اهڙي دشمن سان آهي، جيڪو انسان کي نظر ئي نٿو اچي. 

جڏهن کان هن ڌرتيءَ تي انسان جو وجود ٿيو آهي، ان وقت کان وٺي هو ڪنهن نه ڪنهن جنگ ۾ ازل کان ڦاٿو پيو آهي، ڪڏهن خوراڪ جي مسئلي ۾ ته ڪڏهن وري پاڻيءَ جي مسئلي ۾، ڪڏهن وري حالتن هن کي جيئڻ کان بيزار ڪري ڇڏيو آهي.

تصوير- صدف شيخ

هونئن ته انسان ذات اهڙيون اهڙيون جنگيون به ڏٺيون آهن، جن ۾ رت جا درياهه وهايا ويا آهن، پر هاڻ جنگين جون شڪليون تبديل ٿي وين آهن. هاڻوڪو زمانوحياتياتي جنگ (Biological War) جو آهي. هر هڪ ملڪ کي هلائڻ واري هڪ پرڏيهي وزارت هوندي آهي. ٺيڪ اهڙي ريت هي دنيا هر دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن مسئلي جو شڪار رهي آهي.  2020ع جي شروعات ۾ ئي دنيا ڪورونا نالي هڪ وائرس جي بلا ۾ ڦاسي وئي، اها هڪ اهڙي بيماري ثابت ٿي، جنهن دنيا ۾ تباهي آڻي ڇڏي. هي وائرس چين جي شهر ووهان کان شروع ٿيو، جيڪو هلندي هلندي سڄي دنيا ۾ ڦهلجي ويو ۽ هي هڪ اهڙو وائرس آهي، جيڪو هڪ انسان کان ٻئي انسان کي لڳندو آهي. هاڻ ته ماڻهو هڪ ٻئي سان هٿ ملائڻ کان به پري ٿي ويا آهن.

مون کي ياد آهي ته مان ڪجهه ڏينهن اڳ يونيورسٽيءَ جي ڪنهن ڪم سان ويس ته ماڻهو عجيب نظرن ۽ حقارت مان مون کي ڏسي رهيا هئا، مون کي لڳو ته شايد اڄ شلوار قميص ۾ آهيان تنهنڪري، پوءِ هڪ ماڻهو مون کي اشارو ڪيو ته ماسڪ ڪٿي آهي ۽ مون لاپرواهي سان نظرانداز ڪيو. هن مون کان ليپ ٽاپ وٺي سينيٽائيزر سان صاف ڪيو پوءِ ٺيڪ ڪيو. هتي جڏهن اِها وبا ڦهلي ته ڪجهه ماڻهو اهي شيون پائين پيا ۽ ڪجهه نه، پر جڏهن ڪيس وڌندا ويا ته صدر رجب طيب اردگان اعلان ڪيو ته هر ماڻهو ماسڪ ۽ گلوز پائي. مون کي ياد آهي ته مان جيئن بس ۾ چڙهيس ته مون کي ڊرائيور روڪيو ته ماسڪ ڪٿي آهي؟ مون ورندي ڏني ته ها مون وٽ موجود آهي، چيائين ماسڪ پهري پوءِ گاڏي ۾ چڙهه. اهڙي ريت مون سان گڏ منهنجي دوست به هئي، ان کي چيائين ته ماسڪ خريد ڪر، هن خريد ڪيو ۽ پوءِ اسان ٻئي اسٽيشن لاءِ ويونسين.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ حالتون اڃان بگڙجي ويون ۽ سموريون گهٽيون ويران ٿي ويون ۽ سڀ دڪان، بازارون ايستائين جو مسجدون به ويران ٿي ويون. هتان جو هڪ دڪان آهي، جنهن تي سامان ٻين دڪانن جي ڀيٽ ۾ گهٽ اگهه تي ملندو آهي، ان (BIM) تي هر شيءِ ختم ٿي وئي، ايتري قدر جو هر شيءِ ختم ٿي وئي. هر ماڻهو پنهنجي ٽراليءَ ۾ 4-4  اٽي جا ٿيلها ۽ کير کڻي پيو وڃي. هتان واندي ٿي آئون تقسيم ويس، ڇا ڏسان ته تقسيم سڄو خالي نظر آيو، نه اتي ماڻهو نظر آيو نه ماڻهوءَ جي ذات. مون اِهو (Taksim Galata) ڏٺو ته ائين محسوس ٿئي پيو ڄڻ هتي سڀڪجهه ويران ٿي ويو آهي، هر شيءِ ختم ٿي وئي آهي، هر جڳهه تي پوليس ۽ خوف جو راڄ، ڄڻ وڏي ڪا بلا آئي هجي، جيڪا سڀني کي کائي وئي هجي. آئون چرين وانگي ڪڏهن Galata ته ڪڏهن Taksim ۾ چڪر لڳائيندي رهيس، الائي ڇو اکين مان پاڻمرادو ڳوڙها وهڻ لڳا، ڪڏهن اچڻ واري رستي ڪڏهن وڃڻ واري رستي هڪ ماڻهو مون کي پڪڙيو ۽ چيائين ڪير آهي؟ Tourist آهين؟ ڇو پئي گهمين هتي؟ مان هن کي بس ڏسندي رهيس ۽ ڪجهه نه چئي سگهيس. هن ترڪش ٻوليءَ ۾ چيو ”اي ڇوڪري، وڃ گهر هتي پنهنجو وقت ضايع نه ڪر، هتي گهمڻ آئي آهين ته فلائيٽ جو انتظار ڪر ۽ وڃ ڪٿي ڪورونا جو شڪار نه ٿي وڃين.

تصوير- صدف شيخ

هن کي ڪهڙي خبر ته آئون 5 مهينا اڳ هتي پهچي چڪي آهي ۽ منهنجو تعلق صرف گهمڻ لاءِ نه پر 2 سالن جي عرصي تائين جڙي چڪو آهي. اهڙي ريت اڳتي هلي منهنجي نظر ٽرام تي پئي، اها ٽرام به ويران بيٺي مون کي ڏسي رهي هئي، سمجهه کان قاصر هيس ته ان ٽرام کي حوصلو ڏيان يا ٻين ماڻهن جيان اِن کي اڃان مايوس ڪيان ته بس هاڻ دنيا ختم ٿي وئي آهي، پاڻ مرڻ وارا آهيون، هاڻ انسان ذات جو ڪوبه وجود باقي نه بچيو آهي.

چون ٿا ته هي وائرس آمريڪا جي ليبارٽري ۾ ٺاهيو ويو آهي ۽ اهو هڪ هٿرادو وائرس آهي، جڏهن ته آمريڪا چين تي به اهڙي قسم جا الزام هڻي رهيو آهي. چين ڪافي عرصي کان هر حوالي سان ترقي يافته ملڪ ثابت ٿيو آهي، وري سي پيڪ متعارف ڪرائي چين اڃا ترقي ماڻي رهيو آهي. آمريڪا کي ان شيءِ جي چڱي ريت ڄاڻ آهي ته سي پيڪ کانپوءِ چين ڪٿي وڃي پهچندو. شايد اهو چين جي ترقيءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ اهڙيون حرڪتون ڪري رهيو آهي ۽ چين اها دعويٰ به ڪئي آهي ۽ باقاعده سوشل ميڊيا تي اِهي ڳالهيون وائرل ٿي ويون آهن ته اِها آمريڪا ۽ برطانيا جي هڪ گڏيل سازش آهي. اِها سازش انهن جي ئي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي. هاڻ هر ماڻهو گهر ۾ بند ٿي هر شيءِ کان هٿ ڌوئي ويهي رهيو آهي. چون ٿا ته هن وبا ۾ ماڻهن سان ميل جول، هٿ ملائڻ، گڏ ويهڻ کان پرهيز ڪيو وڃي، هر ماڻهن هڪ ٻئي سان نفرت ٿو ڪري. اٽلي، ترڪي، پاڪستان سڀ ملڪ اِن وبا جا ڏمريل قبرستان جيان ويران لڳا پيا آهن. ماڻهو پنهنجين پنهنجين جين تائين محدود ٿي ويا آهن، جيئن ته آئون گهر ۾ آهيان ۽ ٽي وي توڙي سوشل ميڊيا سان ئي وقت گذاريون پيا، هر ماڻهو پنهنجو ئي ڪم ڪري پيو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو نيوز ڪاسٽر آهي ته نيوز، جيڪڏهن ٽِڪ ٽاڪ وارو آهي ته وڊيوز، رهي ڳالهه اسان جي سياستدانن ۽ مذهبي ماڻهن جي ته اِهي به پنهنجن ڪمن ۽ فرضن کي ادا ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن، ڪو ماڻهو ڪورونا کي عورت مارچ جو ڏمر پيو چوي ته ڪو وري قيادت ياد ڏياري رهيو آهي، ڪو سياستدانن جي نااهلي پيو چوي ته ڪو وري فنڊ وصول ڪندڙ مافيا پيو چوي.

تصوير- صدف شيخ

تصوير- صدف شيخ

اسان وٽ اهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون آهن جو هر ماڻهو هڪ پڃري ۾ بند ٿي ويو آهي، ڪافي ماڻهو ڊپريشن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. ڊاڪٽرن مريضن کي ڏسڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ٻاهر وڃو ته جيڪڏهن عام کنگهه به آهي ته ماڻهو عجيب نظرن سان ڏسن ٿا. آئون هاڻوڪن ڏينهن ۾ ترڪيءَ ۾ موجود آهيان، جڏهن چين ۾ وبا ڦهلي ته ڪنهن کي خبر نه هئي ته هي ملڪ به اِن وبا جي وڪڙ ۾ ايندو، جيئن ئي وقت گذريو هتي به ساڳئي بيماري ڦهلجڻ لڳي پر هتان جي حڪومت سخت اپاءَ ورتا، روڊن رستن ايتري قدر جو گهٽين ۾ به سينيٽائيزر رکي ڇڏين ۽ شهرين کي ماسڪ ۽ گلوز ڏيڻ شروع ڪين. ڪافي اين جي اوز پاڪستاني شاگردن کي گهر ۾ راشن پهچايو ۽ پاڪستاني سفارتخاني به شاگردن جي مدد ڪئي، سڀني کي سامان گهر تائين پهچايو ويو. تنهن کانسواءِ هڪ ويب سائيٽ به جاري ڪئي، جنهن ۾ فارم جمع ڪري موڪليو ته اوهان جي گهر ماسڪ ۽ سينيٽائيزر پهچايو ويندو. اِن کانسواءِ هر ميٽرو بس ۾ هڪ سيٽ کان پوءِ ٻي سيٽ تي ٽيگ لڳايو ويو آهي ته هتي نه ويهو، ميٽرو بسون به محدود مسافر کڻن ٿيون ته جيئن رش نه ٿئي. ان کانسواءِ جيڪي تفريحي ماڳ آهن، انهن تي اسپري ڪيو ويو ۽ بينڪ يا ڪنهن اداري ۾ داخل ٿيندا ته هڪ ڊوائيس سان اوهان جي چڪاس ڪندا، تنهن کانسواءِ ڪجهه پاڪستانين کي خاص اڏامن ذريعي ڏيهه واپس پهچايو ويو.

ڪجهه ڏينهن هڪ رپورٽ شايع ٿي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ترڪيءَ ۾ 7402 ڪيس اڳواٽ موجود هئا، پوءِ 1704 وڌي ويا ۽ ڪل 180 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 89 ماڻهو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آهن، ڪالهه به هڪ ريسرچ دوران خبر پئي ته ترڪي ۾ هينئر تائين 2069 ڪيس آهن ۽ جيڪي فوت ٿي ويا آهن، اهي 92 آهن، اِن کانسواءِ جمعي جي ڏينهن هتي ماڻهن جي ٽيسٽ ٿي، جنهن ۾ ترڪيءَ جو صحت وارو وزير فحرتين کوجا اِها رپورٽ جاري ڪئي ته 7286 ماڻهن مان 1196 ماڻهن جي رپورٽ پازيٽو نڪتي آهي ۽ فوتين جو انگ 160 هو.

 رپورٽ موجب ترڪيءَ ۾ ڪرونا وائرس جي ڪيسن جو تعداد 3629 ۽ فوتي 175 آهن، اِن کانسواءِ به روز ڪو نه ڪو نئون ڪيس سامهون اچي ٿو، خبر ناهي ڇو ايترو ڪنٽرول هجڻ جي باوجود به ترڪي جهڙو حسين ملڪ لاڳيتو ان وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي. طيب اردگان پنهنجي خطابن ۾ هميشه عوام کي همٿائيندو رهندو آهي، تازو ئي ڇنڇر ۽ آچر تي ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو ته جيئن اِن وبا تي ڪنٽرول ڪري سگهجي. اڄ اسين سڀ عالمي طور تي هڪ لاڪ ڊائون ۾ واڙجي ويا آهيون، پر ڇا ڪڏهن اسان انهن انسانن جي باري ۾ سوچيو آهي، جيڪي ڪيترن ئي سالن کان ظلم ۽ ستم سبب استحصالي ملڪن جي طاقت سبب لاڳيتو لاڪ ڊائون واري زندگي گذاري رهيا آهن.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment