شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 26 - مئي - 2020ع

ناول ۽ ڪھاڻي ۾ ڪردارن جو بحران ۽ ٽڪراءُ: Crisis and Conflict


شام 08 لڳي 31 منٽ -اربع 15 اپريل 2020  140 
image-1

ڪرسٽيفر بُڪر سندس ڪتاب دي سيون بيسڪ پلاٽس ۾ ڄاڻايو آھي تہ ھن وقت تائين جيڪو بہ افسانوي ادب لکيو ويو آھي ان جا رڳو ست بنيادي پلاٽ آھن، ھو انھن پلاٽن کي ھن ريت ڄاڻائي ٿو:

1_ ديو يا دريندي تي سوڀ ماڻڻ (Overcoming the Monster)

2_ غريبي کان اميري (Rages to Riches)

3_ مزاح (Comedy)

4_ سفر تي وڃڻ ۽ موٽڻ (Voyage and Return)

5_ ڳولا يا جستجو (The Quest)

6_ حادثو (Tragedy)

7_ ٻيو جنم يا ٻيھر پيدا ٿيڻ (Rebirth)

انھن ستن پلاٽن ۾ ھڪ ڳالھ جيڪا پڙھندڙ کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندي آھي ۽ ڪنھن بہ سٺي ڪھاڻي يا سٺي ناول جي پرک ڪرائيندي آھي، اھو آھي ڪردار جو بحرانن (Crisis) جي ور چڙھڻ ۽ شين سان ٽڪراءُ (Conflict) ۾ اچڻ.

ڪنھن بہ ڪھاڻي ۾ بحران وارو اھو پل ھوندو آھي جڏھن اوھان جو مُک ڪردار ڪنھن ڏکي صورتحال کي منھن ڏيڻ لڳندو آھي ۽ کيس جلد کان جلد فيصلو ڪرڻ ھوندو آھي، ھڪ اھڙو فيصلو جيڪو ايندڙ وقت تي اثر انداز ٿيندو ۽ ان مان پٺيان ورڻ جو ڪو بہ رستو نہ ھوندو اھي، سادن لفظن ۾ ڪنھن بہ ڪھاڻي کي ڪو ڊرامائي موڙ ڏيڻ، ھي ھڪ اھڙو موڙ ھوندو آھي جنھن ۾ پڙھندڙ اھو سوچڻ شروع ڪندو آھي ھاڻي ھن ڪردار وٽ بچئڻ جو ڪوبہ رستو نہ آھي ۽ ھوريان ھوريان پڙھندڙ ان ڪردار جي صورتحال کي سندس صورتحال سان ڀيٽن لڳندو آھي يا ان ڪردار جي جاءِ تي پاڻ کي رکڻ شروع ڪندو آھي، پڙھندڙ ناول يا ڪھاڻي ۾ ڄاڻايل دنيا يا منظر کي سندس تصوراتي سگھ سان ڀيٽڻ لڳندو آھي، ھي اھو ئي پل ھوندو آھي جنھن ۾ پڙھندڙ جو اھو تجسس تہ ”ھاڻي اڳيان ڇا ٿيڻ وارو آھي؟“ وڌي ويندو آھي.

ڪردار جي بحران ۾ اچڻ سان ڄاڻ جي وٿي پيدا ٿيندي آھي ۽ پڙھندڙ ان ڄاڻ جي وٿي کي پورو ڪرڻ لاءِ بيقرار ٿي پوندو آھي، افسانوي ادب جو اھو ئي ڪمال آھي ھڪ تہ اھو پڙھندڙ ھڪ خيالي ۽ تصوراتي دنيا ڏانھن وٺي ويندو آھي، ڪجھ وقت لاءِ پڙھندڙ ھن حقيقي دنيا کان ڪٽجي ويندو آھي، ٻيو پڙھندڙ جي تصوراتي حس کي وڌائي ڇڏيندو آھي ۽ ٽيون سندس جمالياتي حس کي وڌائي ويندو آھي. ان ڪري سٺي ڪھاڻي لکڻ لاءِ ليکڪ کي ان ڳالھ جي مشق ڪرڻ گھرجي تہ ڪردارن ۾ بحران ڪيئن پيدا ڪجي.

ڪنھن بہ ڪردار ۾ ٻن قسمن جا بحران ٿي سگھن ٿا ھڪڙا ٻاھريان (خارجي) ٻيا سندس اندر ۾ (داخلي، جن ۾ گھڻي ڀاڱي ڪردار سان لڳاپيل نفسياتي منجھارا ھوندا آھن)، اھو بحران ڪردار جي ذھن ۾ اٿل پٿل کائيندڙ ڪو سوال بہ ٿي سگھي ٿو تہ سندس حياتي ۾ ھن سان ٿيل ڪو حادثو بہ. ھڪ سٺو ليکڪ بحران جا گھٽ ۾ گھٽ ٽي مرحلا ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آھي:

پھريون جٿان اھو بحران شروع ٿئي ٿو،

ٻيو بحران وچڙڻ لڳي ٿو،

۽ ٽيون جڏھن اھو بحران ڪردار تي ايترو حاوي ٿي وڃي جو ڪردرا بيوس ٿي وڃي ۽ صحيح يا غلط، سٺو يا خراب فيصلي ڪرڻ تي مجبور ٿي پئي.

ان مرحلي کانپوءِ ليکڪ ڪلائمڪس ڏانھن وڌندو آھي، جنھن ۾ ھو اھو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آھي تہ ڪردار ان بحران مان ڪيئن نڪتو. اھڙي ريت ڪھاڻي يا ناول ۾ ھڪ ٻيو اھم جزو ڪردار جو ٽڪراءُ ۾ اچڻ ھوندو آھي، اھو ڪنھن سياسي يا سماجي نظرئي سان ٽڪر ۾ اچي، يا ڪنھن فرد يا گروھ سان ٽڪر ۾ اچي. ناول جي فن جي حوالي سان لکندڙ فرانسيسي ۽ انگريز نقادن موجب ٽڪراءُ جا ٿلھي ليکي پنج قسم آھن:


1_ جڏھن ڪردار سندس بچاءُ (survival) لاءِ ٽڪر ۾ اچي: اھڙي صورتحال جنھن ۾ ڪردار جي سندس زندگي يا وري سندس پيارن جي زندگي خطري ۾ ھجي، جنھن ۾ قدرتي آفتون، ڏڪار، وبائون يا وري ڦرلٽ ۽ حق تلفي وغيرھ اچي وڃن ٿا ۽ جڏھن ھن جي لاءِ زندگيءَ ۽ موت جو سوال پيدا ٿي پئي تہ ھو ٽڪر ۾ اچي.

2_ جڏھن ڪردار سماجي اڻ برابري، ناانصافي ۽ اخلاقي قدرن لاءِ ٽڪر ۾ اچي: جڏھن ڪردار ڏاڍ، ظلم، جبر، نسل پرستي، فرقيواريت ۽ سماجي قانون طرفان ڪيل ناانصافي خلاف ٽڪر ۾ اچي.

3_ جڏھن ڪردار فرد يا گروھ سان ٽڪر ۾ اچي: جڏھن ڪردار جو ذاتي مفاد پورو نہ ٿئي، مثال سندس محبوبہ کي زوري ھن کان ڌار ڪرڻ، يا وري سندس ويجھن مان ڪنھن کي قتل ڪرڻ يا وري جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ يا ڪنھن معاشي مسئلي جي صورت ۾ ڪنھن ھڪ فرد يا گروھ سان ٽڪر ۾ اچي.

4_ جڏھن ڪردار پنھنجو پاڻ سان ٽڪر ۾ اچي: اھڙيون جنسي يا معاشي خواھشن جيڪي سندس شخصيت جي نفيءَ ۾ ھجن.

5_ جڏھن ڪردار رنگ، نسل، مذھب، سياسي يا لساني بنيادن تي ٽڪر ۾ اچي.

ڪردار جي بحران جي حوالي سان دي ڊاونشي ڪوڊ جو ليکڪ ڊين برائون ڪمال جي مھارت رکي ٿو، اھڙي ريت سڊني شيلڊن ۽ موراڪامي بہ ڪردارن کي بحران واري صورتحال ۾ وچڙائڻ جا ماھر آھن، يا وري گيم آف ٿيرونز جو ليکڪ جارج آر آر مارٽن بہ انھي ۾ ڪمال جي مھارت رکي ٿو. اھڙي ريت سنڌي ۾ ماڻڪ جي ناولن ۾ ڪردار بحران ۾ بہ اچي ٿو تہ وري ٽڪراءُ ۾ بہ اچي ٿو، خواب خوشبوءُ ڇوڪري ۾ مھتاب محبوب بہ ڪردارن جو بحران ۽ ٽڪراءُ سھڻي نموني ڏيکاريو آھي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment