شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 19 - سيپٽمبر - 2020ع

گبريل گارشيا مارڪيز جو ناول -لوَ ان دي ٽائيم آف ڪالرا


شام 07 لڳي 47 منٽ -اڱارو 07 اپريل 2020  516 
image-1


رومانس شاعرن ۽ ڪھاڻيڪارن لاءِ ھڪ خاص موضوع رھيو آھي. ھن موضوع ھيٺ لکن جي انگ ۾ ڪھاڻيون ۽ ناول لکيا ويا آھن ۽ ڪيتريون ئي فلمون پڻ ٺاھيون ويون آھن. جيستائين انسان ھن زمين تي آباد آھي، تيستائين هو محبت ڪرڻجو ڏوهه ڪندو رھندو ۽ ليکڪ انھن ڪھاڻين کي پنھنجي قلم سان مختلف شڪلين ۾ سرجيندا رھندا. دنيا ۾ پاپولر ادب لکندڙن سان گڏوگڏ نوبل انعام ماڻيندڙ اديبن بهرومانس واريلاڙي تي قلم ضرور کنيو آھي. ان ئي ڏس ۾ ادب جو نوبل انعام ماڻيندڙ ڪولمبين ليکڪ ۽ صحافي گبريل گارشيا مارڪيز جو ناول “Love in the Time of Cholera” 1985ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو جنھن جي شاندار ڪاميابي ۽ مشھوري کان پوءِ 2007ع ۾ ناول تي ٻڌل ھڪ فلم پڻ ٺاھي وئي جيڪا پڻ ڏسڻ وٽان آھي.

ھي ناول عام پيار ڪھاڻين کان الڳ آھي. ھي ناول فلورنتينو ۽ فرمينا دازا جي اڌ صديءَ کان به مٿي عرصي تي ٻڌل محبت جي ڪھاڻي آھي. ناول ۾ ھڪ اھڙو ماحول ڏيکاريو ويو آھي جتي پيار ئي حياتيءَ جو محور آھي. جتي شطرنج جو ڀڙ کيڏاري به جيڪڏھن پيار کانسواءِ چال ھلي ٿو ته ھڪڙي سيکڙاٽ کان به راند ھارائي وڃي ٿو. جتي عمر جي معصوميت سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ معصوميت آھي. جتي اوچتي ئي نوجوان ڇوڪري پيءُ پاران گھر جون چاٻيون ملڻ تي پاڻ کي گھر ڌياڻي سمجھي پنھنجي محبوب جي محبت کي ھڪ ٻاراڻي حرڪت سمجھڻ لڳي ٿي. جتي عاشق محبت ۾ ايترو ته محو ٿي وڃي ٿو جو ھن جي لکيل ڪاروباري خطن ۾ به حڪم جي جاءِ تي محبت ڀريون منٿون آھن.

ناول جي شروعات ئيمحبت ۽ موت جي خوشبوءِ رکندڙ عنصرن ڪوڙن بادام ۽ سونھري سائينائيڊ جي خوشبوءِ سان ٿئي ٿي. تنھن کان پوءِ 424 صفحن تي ٻڌل ھي ناول محبت ۽ موت جي چوڌاري ڦري ٿو. شھر اندر، شھر کان ٻاھر، سامونڊي سفر مطلب ته ھر جاءِ تي ھر ھنڌ ڪھاڻيءَ۾ فقط فلورنيتنو جو پيار ۽ ڪالرا سبب ٿيندڙ موت آھن.

فرمينا دازا پاران ٺڪرائجڻ کان پوءِ فلورنتينو اَريزا دل برداشته ٿي پنھنجي زندگي ھن جي پيار جي نالي ڪندي قسم کڻي ٿو ته سڄي زندگي پنھنجي ڪنوارپ کي فرمينا دازا لاءِ سنڀالي رکندو. پر ھڪ سامونڊي سفر دوران اونداھي رات ۾ اوچتو ھڪ اڻ ڄاتل عورت کيس ڇڪي پنھنجي ڪيبن ۾ وٺي وڃي ٿي. ان کان پوءِ فرمينا دازا کي وسارڻ خاطر فلورنتينو ايڪونجاهه سال، نَوَ مھينا ۽ چئن ڏينھن ۾ 622 کان به وڌيڪ عورتن سان افيئر ھلائي ٿو. انھن عورتن ۾ ھر عمر جون عورتون شامل ھونديون آھن جيڪي سڀ مختلف خصوصيتون رکن ٿيون. پر تنھن هوندي به فلورنتينو پنھنجو پھريون پيار وسارڻ ۾ ڪامياب نه ٿو ٿئي.

ھوڏانھن فرمينا پنھنجي پيءُ جي چوڻ تي شھر جي مشھور ۽ امير ڊاڪٽر سان شادي ڪري ٿي. ڪنھن بني بشر کي ذري برابر به اندازو ڪونه ھوندو آھي تهاھڙي آئيڊيل شادي ۾ به ڪڏھن ڪو انسان ناخوش رھي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ته ٻئي زال مڙس اھو سمجھڻ کان وانجھيل آھن ته شادي شدہ زندگيءَ۾ وڏيون مصيبتون نه پر ننڍيون ڳالھيون وڌيڪ اثر انداز ٿينديون آھن.

ليکڪ پنھنجي جڳ مشھور ناول ”اڪيلائيءَ جا ھڪ سئو سال“ ۾ جيئن اڪيلائيءَ جا مختلف روپ ڏيکاري ٿو، تيئن ئي ھن ناول ۾ محبت جا مختلف روپ پڻ سرجي انھن کي پرھندڙن جي ذھنن ۽ يادگيرين ۾ محفوظ ڪري ٿو. مثال طور فلورنتينو جي زندگيءَ ۾ ھڪ اھڙو وقت اچي ٿو، جڏھن ھو پنھنجي موت لاءِ واجھائي ٿو. ٻي جاءِ تي فرمينا جي مڙس جو موت ھن جي شديد خواھش بنجي وڃي ٿي. ٽين جاءِ تي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ھن کي ڊپ ٿئي ٿو ته محبت جي ھن بازي ۾ ڪٿي موت نه فاتح بڻجي وڃي. فلورنتينو جا شھر ۾ موجود بيواھن سان افيئر، عمر، رنگ، نسل، ذات پات کان مٿانھون ٿي ھو ھر قسم جي عورت سان افيئر ھلائي ٿو ۽ انھن سڀني افيئرن ۾ پيار جا مختلف رنگ نظر اچن ٿا. ٻي اھم ڳالھه اھا آھي ته ناول ۾ سڀ کان اھم ڳالهھ آھي موٽيويشن ۽ ثابت قدمي. فلورنتينو جو پيار ھن لاءِ سڀ کان وڏي موٽيويشن ھوندو آھي، جيڪو ڪاميابي جي راھه ۾ آيل ھر رڪاوٽ کا ٿڏي پري ڪرڻ ۾ سندس مددگار ثابت ٿيندو آھي.

ھي ناول ٽيونجاھه سالَ، سَتَ مھينا ۽ يارنھن ڏينھن تي ٻڌل ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ پيار ڪھاڻيءَ جا سڀ عنصر شامل آھن. پيار ڪندڙن جو ھڪ ٻئي ڏانھن خط لکڻ، خط جي جواب جو اوسيئڙو، خطن جو پڪڙجڻ، جواني، پوڙھائپ، سمنڊ ۾ دفن ٿيل خزاني ڳولڻ جي مھم جوئي، پيار ڀري حياتي، پيار کان سواءِ حياتي جو مزاج، موسيقي ۽ پيار وارن جي اشارن جي ٻولي. مطلب ته ھي سڀ عنصر گڏجي ھن ناول کي ھڪ شاھڪار ناول بڻائين ٿا.

سچي ڳالهھ ڪجي ته گبريل گارشيا مارڪيز ڪھاڻي سرجڻ جي عمل جو ڪاريگر آھي. ھو ڪھاڻيءَ کي مختلف واقعن وسيلي اھڙي انداز سان سرجيندو وڃي ٿو جو پڙھندڙ کي ڪردار ۽ واقعا پنھنجي اکين آڏو گھمندي ڦرندي محسوس به ٿين ٿا ۽ نظر به اچن ٿا. ڪھاڻيءَ ۾ بيان ڪيل ڪوبه واقعو يا آبجيڪٽ مڪمل ڪھاڻي کان الڳ نهبلڪه سڀ ڪردار ۽ واقعا ھڪ ٻئي سان مضبوطي سان ڳنڍيل لڳن ٿا. مثال طور جنھن طوطي کي پڪڙيندي ڊاڪٽر اربينو جي موت واقع ٿئي ٿي. ڪھاڻي ۾ ان طوطي جي به تفصيل سان ڪھاڻي بيان ڪيل آھي. تنھنڪري پوري ناول ۾ ڪوبه عنطر واڌارو يا ضروري ڪونه ٿو محسوس ٿئي.

آخري لفظ اھي ته ھر بين الاقوامي ادب پڙھندڙ کي ھي ناول ضرور پڙھڻ گھرجي ته جيئن انھن کي خبر پوي ته ادب جو نوبل انعام کٽيندڙ ليکڪن ڇا لکيو آھي ۽ ڪھڙين بنيادن تي انھن کي ھن معتبر انعام لاءِ چونڊيو ويندو آھي. خاص ڪري سنڌي ناول لکندڙن کي ھن ناول جو مطالعو ضرور ڪرڻ گھرجي ته جيئن انھن دوستن کي ناول جي ھيئت جي اھميت جي خبر پوي. جن ناول جهڙي صنف ۾ اڃا مس بانبڙا پائڻ شروع ڪيا آهن.  

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment