شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 26 - مئي - 2020ع

منهنجو چاچا عبدالقادر جوڻيجو


شام 10 لڳي 17 منٽ -اڱارو 31 مارچ 2020  415 
image-1


مون کي لڳندو هو ته هو پراڻ جي پٽن ۽ ڍوري جون ساروڻيون، اکينجا لڙڪ روڪي اوري ٿو. چاچا قادر جوڻيجو، راجپوت نسل جو نه هجي ها ته ڍوري جو ذڪر ڪندي هن جون اکيون وسڪاري ۾ وهندڙ، ڍوري جيان وھڻ لڳن ها. هن کي مون پهريون ڀيرو ٻاروتڻ ۾ تڏهن ڏٺو جڏهن منهنجو نالو فقير جي ڍوري جي اسڪول ۾ تازو داخل ٿيو هو. مون پهريون اديب به ان اسڪول ۾ ڏٺو، پهريون ڪتاب به ان اسڪول ۾ ڏٺو ۽ پهريون فونوگرام به هن جي ڪري ڏٺو. هو بابا جو يار هو. ڍورو ياد ڪجي ۽ چاچا قادر نه ياد ڪجي ته اسان جي يادگيري اڌوري آهي. هو تڏهن مڊل اسڪول فضل ڀنڀري ۾ ماستر ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ خالد پرويز جو استاد هو. سندس ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجا اسان جي ڳوٺ فقير جي ڍوري کان ڪلاڪ پنڌ تي هو.

چاچا قادر ڪچهري جي ٻاڙ مارڻ لاءِ ڍوري جي پرائمري اسڪول تي ايندو هو، هڪ ڏينهن انهي اسڪول ۾ منهنجي نالي ڪنهن کيس ٻڌايو ته هي ماستر الياس جو ننڍو پٽ آهي.   ڪتاب ۽ ماستر الياس هن جا  پڳ مٽ يار هئا.هن مون کي سڏ ڪري ڪو سوال ڪيو، وري ٻيو سوال ڪيو. ڪهڙو سوال ڪيو ڇا پڇيائين مون کي هن وقت ياد ڪونهي، پر مون کي خوف ورائي ويو جو مون کي لڳو ته هو مون کي دڙڪا ڏئي رهيو آهي، منهنجو پيشاب ڪانچ ۾ وهي ويو هو. آئون روئڻ لڳس ۽ سائين فقير محمد جوڻيجي ۽ لاڌو رام وارا مون کي پرچائڻ ۾ لڳي ويا. شايد اهو سال غير اعلانيل طور هندن سان نفرت ڪرڻ جو سال هو. بنگلاديش ديش ٺهي چڪو ۽ هندو ذميوار قرار ڏنا ويا هئا، جن سان نظرياتي رياست پنهنجي ئي شهرين ۾ تفريق شروع ڪري ڏني هئي. مون پهريون ڀيرو فونو گرام هن جي انهي ئي اسڪول جي گرائونڊ ۾ وڄائيندي ڏٺو، سهيگل جا گيت غزل هئا، جيڪي هو ماستر سنگت سان ٻڌي رهيو هو. ائين مون هن کي ساڳي اسڪول ۾ ٻارن کي ڳوٺاڻيون رانديون ڪرائيندي، انعام ڏيندي ڏٺو. هو جڏهن جيمس آباد اسان جي ڳوٺ آيو هو، تڏهن شايد پنجٽيهه ڇٽيھه سالن جو هو. ڪپڙن جي لٺ شوقين عبدالقادر جوڻيجي جي ڪنهن کي شايد خبر هجي ته هو پهرين امن جوڻيجو جي نالي سان شاعري ڪندو هو پر پوءِ هن فڪشن ۾ ئي پاڻ کي فٽ سمجهيو.

 هن کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شيخ اياز وٺي آيو هو. آئون ورهين کان پوءِ جڏهن يونيورسٽي ويس ته  هو سنڌيالاجي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر هو. مون کي پنهنجي ٻارن کي پڙهائڻ جو حڪم ڪيائين. جيڪي آئون ڪجهه ڏينهن ئي پڙهائي سگهيس، وري يونيورسٽي ڊگهو عرصو بند ٿي ته آئون ڳوٺ اچي ويهي رهيس. هن جون ڪهاڻيون مون کي اتساهه ڏيارينديون هيون. هن جي ”هورو“ ڪهاڻي ماديت پرستيءَ جي دور ۾ ڦاسي پيل ان انسان جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ انسان فطرت طرف وڃڻ چاهيندي به نٿو وڃي سگهي ۽ گس ڀلجي روئي رهيو آهي. اها ڪهاڻي مون ڪاليج جي دور ۾ پڙهي هئي، مون جڏهن کيس پهريون ڀيرو پنهنجي ڪهاڻي  ”ڪاڪي متي“ لکي تجزئي لاءِ ڏني. ٻئي ڏينهن گهر ويس ته هن مون کي ڪهاڻي واپس ڪئي جنهن جي آخري پيراگراف هيٺ هڪ لفظ "Fantastic" لکيل هو.

”آئون ڪا طويل ڪهاڻي هڪ ويهڪ ۾ نه پڙهي سگهندو آهيان پر تو اهڙي شيءَ لکي جو ڪهاڻي چوي ته متان مون کي اڌ ۾ ڇڏيو اٿئي، اصل واه واه ڪرائي ڇڏي اٿئي.“ اها ڪهاڻي مهراڻ ۾ ڇپي.

ائين ڄامشوري ۾ ملاقاتون رهيون. هڪ ڏينهن مون کي ڳوليندي چاچي عبدالقادر  اياز عالم ابڙي وٽ اچي هٿ ڪيو. ”تون ڪٿي آهين؟ توکي پي ٽي ويءَ تي بيدل مسرور ڳولي پيو، هي وٺ ٻه سئو رپيا سڀاڻي سوير چڙهه بس ۾ ۽ پي ٽي وي پهچ توکان ڊرامو ٿا لکائڻ چاهين.“ ۽ پوءِ آئون پي ٽي وي پهتس، مون ڊرامو ”هٿين گل ميندي“ لکيو. چاچا ايستائين پي ٽي ويءَ جو ديو ليکڪ ٿي چڪو هو. نورالهديٰ شاهه جا انڪشاف الڳ پر چاچي عبدالقادر جوڻيجو ڊرامي کي ڪراچيءَ جي فليٽن مان ڪڍي، چئن ڪرسين ٽيبلن وارا سيٽ اڇلي ڇڏيا ته ڪردارن جي ڪڙتي پاجامي پائڻ مان جند ڇڏائي ڪلچرل هيڪل هٽي کي به ڌڪيو ته ان ڪلچر کي اڳيان کڻي آيو، جنهن کي قومي بدران مقامي جو نالو ڏئي نظر انداز ڪيو ويو هو. ۽  ”ديوارين“ کان پوءِ لاهور جي ڊرامي کي پنجابي رائيٽر مليو.

قادر چاچا جڏهن سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو چيئرمين ٿيو ۽ منهنجو جڏهن به ملڻ ٿيندو ته  هو سدائين پڇندو هو ”بابا! هاڻ ته ڪراچي وارا ۽ حيدرآباد وارا معاملا سيٽ آهن نه؟“ هو منهنجي گهرو معاملن مامرن بابت پڇندو هو.

”جي چاچا! مڙئي قصو پيو هلي.“ جواب ڏيندو هئس. هن کي اسان جي گهرو معاملن ۾ فڪر ڪرڻ جو پورو حق هوندو هو.

”الياس ڪيئن آهي؟ لالو ڪيئن آهي؟“

منهنجي وڏي ڀاءُ خالد پرويز تي لالو پٺاڻ جنهاڻ جي جوڻيجن جو نالو رکيل هو.

سنڌ جي گهڻ پڙهئي چاچا قادر جي ٻولي، ٻولي جي اڻت، ڊڪشن  پڙهندڙن کي هميشه موهيو پر هن جو چوڻ هوندو ته ”ڪهاڻي رڳو ٻولي ناهي هوندي.“

هن جي ڪيترين لکڻين ۾ پراڻ ۽ ڍورا وهندا هئا. هن جي لکڻين ۾ ڀٽون، گاهه، موري سايون ٿينديون هيون ۽ تپي ٽانڊو ٿينديون هيون.

هن آخري  ڀيرو مون کي مهينو اڳ فون ڪيو. هو فون نه ڪري ها ته آئون ضرور ڪريان ها ڇو ته مون کي هن کان طويل انٽرويو وٺڻو هو ۽ اها ڳالهه ڪيم ته هو راضي ٿي ويو. آئون ڪراچي کان موٽيس پئي ۽ ڀاءَ ساجد ميمڻ (ناٺي سندس) سان رابطي ۾ رهيس. مون کي ۽ منهنجي ڀائٽي فاضل کي ساڻس ڪچهري رڪارڊ ڪرڻي هئي. پر جيستائين آئون پهتس تيستائين هو دوائون کائي سمهي چڪو هو. اسان   ساڻس ڳالھ ٻولهه کانسواءِ موٽيا سون.

ساجد ڀاءَ سندس خراب ٿي ويل طبيعت جون اهي ڳالهيون ٻڌايون جيڪي هن کان لڪايون پئي ويون. مون ان ئي ڏينهن چاچا کان ڄڻ موڪلايو هو ۽ هاڻ چاچا جنهاڻ ۾ آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment