شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 09 - اپريل - 2020ع

پيلي ڇتري والي لڙڪي: هڪ وڻندڙ ڪئپمس ناول


شام 07 لڳي 28 منٽ -اربع 25 مارچ 2020  107 
image-1

 

جيڪڏهن مون کان ڪير پڇي ته هن وقت تائين ڪئمپس ناولن مان ڪهڙو بهترين آهي، ته آئون هڪدم اودي پرڪاش جي ناول ”پيلي ڇتري والي لڙڪي“ جو نالو کڻندس. هي ناول انڊيا جي هڪ يونيورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي پر هڪ اهڙو ته شاهڪار ناول آهي، جنهن کي ماڻهو هڪ ويهڪ ۾ پڙهي پورو ڪري سگهي ٿو. مون هي ناول ڪجهه سال اڳ پڙهيو هو پر هڪ ڀيرو وري ان ناول کي پڙهڻ لاءِ دل چيو ته اڄ پڙهي پورو ڪيو اٿم. هن ناول جي ڪهاڻي هاسٽل جي ڪمري نمبر 252 جي دريءَ تي لڳل فلم اسٽار ماڌوري ڊڪشٽ جي تصوير سان ٿئي ٿي. سڄي ناول ۾ ماڌوري جي اها تصوير هڪ ڪردار طور نظر اچي ٿي.

ناول ادب جي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ ڪئين ڪهاڻيون گڏ گڏ پيون هلنديون آهن. بلڪل ائين جيئن ننڍيون ننڍيون نديون هلنديون هلنديون ڪهن اجگر درياهه ۾ اچي ڇوڙ ڪنديون آهن. ائين آهستي آهستي ناول جا ڪردار پنهنجون پنهنجون ڪهاڻيون بيان ڪندي منطقي انجام تي پهچندا ويندا آهن. پر ناول جيئن ته رڳو پيار ڪهاڻي ناهي بلڪه ان کان گهڻو وڌيڪ آهي، تنهنڪري ان کي نڀائڻ ۽ ان کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته ناول جي تخلقيڪار ۾ اهي گڻ به هجن. باقي رڳو جيڪڏهن ناول جو ليبل ڏئي ڪجهه لکڻو آهي ته پوءِ اهو نه ته ناول هوندو آهي ۽ نه ئي وري افسانو.

اودي پرڪاش جو هي ناول نه فقط هڪ اثرائتو ناول آهي پر سندس مشاهدو ۽ ڪهاڻي بيان ڪرڻ جو فن به ڀلو آهي. هي ناول راهل ۽ انجليءَ جي ڪهاڻيءَ تي آڌاريل آهي. راهل آرگينڪ ڪيمسٽري ۾ ايم اي سي ڪري چڪو هوندو آهي پر وري به اينٿروپالاجيءَ ۾ ايم اي سي ڪرڻ لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي ٿو، سندس ڪيترن ئي دوستن جو ٽولو به آهي جيڪي ساڻس هر ڏک سک ۾ گڏ هوندا آهن. پر ناول جي ڪهاڻي ان وقت گهڻي دلچسپ ٿي وڃي ٿي، جڏهن راهل هندي شعبي ۾ پڙهندڙ انجلي نالي ڇوڪريءَ کي ڏسي ٿو، جيڪا وزير جي ڌيءَ آهي. تنهن کان پوءِ راهل جي به دل چوي ٿي ته هو اينٿروپالاجي وارو شعبو ڇڏي هندي شعبي ۾ ايم اي ڪري. هو ان ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي.

پر يونيورسٽيءَ ۾ هندي ڊپارٽمنٽ کي ائين ڏيکاريو ويو آهي ڄڻ ته اهو ڪو اڇوت ڊپارٽمنٽ آهي، سڀني ڊپارٽمنٽن کان گندو ۽ سهولتن کان وانجهيل. اودي پرڪاش ان شعبي جي حوالي سان ائين بيان ڪيو آهي ته ماڻهو پنهنجي ئي وطن جي ٻوليءَ سان ڪهڙو ورتاءَ ڪن ٿا ۽ ڪهڙي ريت اتي ماڻهو پنهنجا ئي ماڻهو ٿا ايجسٽ ڪرائين ۽ ان کان سواءِ اهم ترين مسئلو اڇوت ۽ برهمڻ جو به هوندو آهي، جتي راهل سوڌو فقط ٽي اڇوت آهن، باقي ٻيا شاگرد برهمڻ آهن. اهڙي ريت هي شعبو ڄڻ ته غلاظت جي علامت هوندو آهي.

پيلي ڇٽي کڻي هلندڙ انجليءَ جي ڇٽي هيٺ نيٺ راهل کي پناهه ملي ٿي وڃي، اهي ٻئي هڪٻئي جي ويجهو اچن ٿا، ميل ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو ۽ اهڙي ريت هنن جو پيار جوان ٿيندو رهي ٿو. پر ناول ۾ ساپام جو ڪردار ڪافي دل ڏکائيندڙ آهي، جنهن سان يونيورسٽي ايندڙ غنڊا ساڻس جنسي ڏاڍائي ڪن ٿا ۽ کيس تنگ ڪن، تنهن کان پوءِ هو پريشان رهڻ لڳي ٿو، جنهن جي وڏي ڀاءَ کي پوليس دهشتگرد ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيندي آهي، ساپام هڪ ڊپريشن ۾ ورتل شاگرد آهي. هو هڪ ڏينهن راهل وارن کي چوي ٿو ته هو ڪنهن ڏينهن آپگهات ڪري ڇڏيندو آهي ۽ هڪ ڏينهن سندس لاش يونيورسٽيءَ جي کوهه مان ملي ٿو، اهو واقعو سمورن دوستن لاءِ دل جهوريندڙ هوندو آهي.

ڀارت ۾ اڇوت برهمڻ واري سوال کي هي ناول جتي بحث هيٺ آڻي ٿو ته اتي قومي سوال جو ذڪر به هن ناول ۾ ڪئين جاين تي ملي ٿو. ڀارت جي اصلوڪن ماڻهن سان ڇا ٿي رهيو آهي. ڪهڙي ريت يونيورسٽيون نا اهل ماڻهن کي ڀرتي ڪري اتان جي تعليم کي تباهه ڪن ٿيون اهي سڀ معاملا هن ناول ۾ بهترين نموني بيان ڪيا ويا آهن. مثال ساپام جو آپگهات ڪو معمولي واقعو نه هو ڇاڪاڻ ته هڪ شاگرد جيڪو پڙهڻ لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي ٿو، ان لاءِ اهڙو ماحول تيار ڪيو ٿو وڃي جو هو آپگهات ڪريو ڇڏي.

يا يونيورسٽي انتظاميه به انهن ئي غنڊن سان ٻٽ هجي، جيڪي شاگردن جي مني آرڊر جا پئسا به ڦري ويندا آهن. پر راهل ۽ سندس دوست انهن غندن جو مقابلو ڪري انهن کي ڀڄائي ٿا ڇڏين.

انجلي جوشي هڪ برهمڻ ڇوڪري هوندي آهي، جڏهن ته راهل اڇوت، پر تنهن هوندي به انجلي ان ڳالهه کي ليکي ۾ ئي ڪانه آڻيندي آهي، هوءَ راهل سان جڏهن هاسٽل جي ڪمري به پهريون ڀيرو هم بستري ڪندي آهي ته راهل کي ڪجهه گهڙين لاءِ ائين محسوس ٿيندو آهي ته هن جي اندر جو جانور جاڳي پيو آهي، جيڪو اڇوت ذاتين جو ان عمل وسيلي هڪ برهمڻ ڇوڪريءَ کان پلاند پيو وٺي. اهي اهڙو ڪم ڪندي هاسٽل جي ڪمري ۾ ئي جلهلجي پوندا آهن. پر ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي اها ناهي. ڪهاڻيءَ کي جهڙي ريت پڄاڻي تي پهچايو ويو آهي اهو ڪافي وڻندڙ آهي. انجلي ۽ راهل جي زندگين ۾ وڇوڙو نٿو اچي بلڪه اهي ٻئي ٽرين وسيلي گهران نڪري ٿا وڃن.

ٿلهي ليکي ته هي هڪ پيار ڪهاڻي آهي پر جڏهن ناول پڙهي پورو ڪجي ٿو ته احساس ٿئي ٿو ته هي رڳو پيار ڪهاڻي به ڪانهي ڇاڪاڻ ته ليکڪ هن ۾ ڪئين معاملا ڄاڻائي ويو آهي. مثال هندستان جو مڊل ڪلاس ڪيئن ٿو سوچي، يا جيڪي ٻار تعليم پرائين ٿا، انهن جي تعليم پرائڻ جو مقصد رڳو ڪٿي سرڪاري نوڪري سان لڳڻ آهي، دنيا جي وڏي جمهوريت جي دعويٰ ڪندڙ ڀارت ۾ عام ماڻهو (شاگرد) کي ڪهڙي ريت دهشتگرد ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي. اهي سڀ ڳالهيون هن ناول ۾ شامل آهن.

ان کان به اهم ترين ڳالهه ناول نگار جي ڪرافٽنگ يا ڪاريگريءَ جو آهي. هو ڪهڙي ريت پنهنجي ڪهاڻي ۾ ڪٿي تاريخ، ادب، سماجي لاهن چاڙهن ۽ هندستاني سماج بابت لکندو وڃي ٿو پوءِ انهن سمورين شين کي جيئن ڳنڍي ٿو، اهو انداز بنهه بهترين آهي. ڪٿي به ائين محسوس نٿو ٿئي ته هن ڪا اجائي ڳالهه ڪئي آهي. ناول ۾ موجود تشبيهون، استعارا ۽ تمثيلون به وڻندڙ آهن. ناول مان ڪجهه سٽون؛

*چنڊ سڄي جو سڄو ڪنهن ٻرندڙ سون جي ٿالهي وانگر آسمان تي اگهاڙو آهي.

*راهل جي اندر کل جون ننڍيون ننڍيون گهنٽيون وڄڻ لڳيون

*راهل جي اندر تيز واچوڙي ۽ ڪنهن جهنگلي جانور جو جوش گڏجي اٿي پيو، ۽ هاڻ هو سموري طاقت سان اڇوت ذاتين جي سڄي انتقامي شدت سان، صدين کان انهن سان ٿيندڙ ناانصافين جو پلاند وٺي رهيو هو.

*اونهاري ۾ ٻيلا سڪي ويندا هئا ۽ رات جو جڏهن اتان کان تيز هوائون گذرنديون هيون ته هزارين بانسرين جيان اهي بانس وڄندا هئا. بابا چوندو هو ته ڪرشن جڏهن رڪمڻيءَ سان پيار ڪندو هو ته جهنگ ۾ هن جي بانسري وڄندي هئي. بانس جي وڻن ڪرشن کان ئي بانسري وڄائڻ سکي هئي.

*ان ڪمري کي پوليس ۽ يونيورسٽي اهلڪارن سيل ڪري ڇڏيو هو. اتي هڪ اوپرو ڳرو تالو لڙڪي رهيو هو، ڇو ته ان جي پويان ساپام جو موت جهاتي پائي رهيو هو.

هي ناول سنڌي جي نون ناول نگارن ۽ ٻين ”شوقيه“ ناول نگارن کي ضرور پڙهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ڪئمپس تي ناول هيئن به لکي سگهجي ٿو. اهي ليکڪ جيڪي سنڌيءَ ۾ رڳو ناول جي هڪ ئي ڪهاڻي لکي رهيا آهن ۽ پاڻ کي سنڌي ٻوليءَ جا مها ناول نگار سمجهن ٿا، انهن لاءِ هي هڪ بنيادي ناول آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ناول لکبو ڪيئن آهي ۽ اصل ۾ ناول هوندو ڇا آهي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment