شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 27 - مئي - 2020ع

ڪرونا وائرس دوران اٽلي ڪھڙيون غلطيون ڪيون


شام 01 لڳي 16 منٽ -جمعو 20 مارچ 2020  221 
image-1

اٽلي وارن ڪهڙيون غلطيون ڪيون، ۽ اسان ڪهڙيون غلطيون ڪري چڪا آهيون. هي هڪڙو خط آهي، جيڪو سوشل ميڊيا تي سنگت ونڊ ڪيو آهي. اسان بہ ڪاپي ڪري اهو رکون پيا. توهان بہ پڙهو، ٻين کي بہ پڙهايو. پنهنجو، پنهنجن پيارن جو ۽ سڀني جو خيال رکو.

اٽلي جي هڪ شخص جو لکيل خط

خدارا اٽلي جي غلطين مان سکو

سموري سنسار لاء امن ۽ سلامتي جا طلبگار

اسان اٽلي جي ميلان شھر جا رھواسي آھيون، آءُ ھتي اڄوڪي حالتن جي روشني ۾ ھتان جي ڪرڀ ڀري زندگي جي سببن کان اوھان کي آگاھه ڪندس ۽ اوھان جي اڳيان ان جي وضاحت ڪندس. اڄڪلھ جي ھنن مشڪل گھڙين دوارن ھتي ميلان ۾ زندگي جو چرخو ۽ وايومنڊل ڪيئن آھي ۽ مان ڪھڙي طرح سوچيان ۽ تصور ڪيان ٿو اوھان کي انھن غلطين ۽ انھن جي نتيجن ۽ نقصانن مان سکڻ گھرجي جنھن جي ڪري اسان اڄ ھتي ڀوڳنائن ۽ پيڙائن جو شڪار آھيون.

اسان ھن وقت قرنطينه جي حالت ۾ آھيون، اسان روڊن ۽ رستن تي نه ٿا نڪرون، پوليس مسلسل چؤڪس ۽ تحرڪ ۾ آھي ۽ ھر ان ماڻھو کي گرفتار ڪري ٿي جيڪو قانون جي خلاف ورزي ڪندي پنھنجي گھر کان ٻاھر نڪري ٿو. ھر شيء بند آھي!......

ڪاروبار، مالس، اسٽور، سموريون گھٽيون بند آھن.ھر شيء ساڪن آھي. دنيا جي اختمام جو احساس پيو ٿئي !!

اٽلي، متحرڪ ۽ زنده ماڻھن جو ملڪ، زندگي مان ڀرپور مزو ۽ لطف وٺندڙ ماڻھن جو ملڪ، ھڪ گھڙي کان ٻي گھڙي ڏانھن ائين تبديل پيو ٿئي ڄڻڪه اھو جنگ جي حالت ۾ تاريڪ ۽ اونداھو ملڪ ھجي. اھا حقيقت آھي ته مون ڪڏھن به اھو نه سوچيو ھو ته مان اھڙي زندگي گھارڻ تي مجبور ٿيندس!

ماڻھو حراسيل ۽ منجھيل آھن، اداس آھن، منتظر آھن، بي يارو مددگار آھن ۽ اڪثر ڪري انھن کي اھو سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته انھن تي اھا حقيقت ڪيئن مڙھي وئي ۽ ھي سڄو ڀوائتو خواب ڪڏھن پنھنجي پڄاڻي تي پھچندو.

وڏي غلطي اھا ھئي جو ڪورونا وائرس نما وبا جي پھرين حملي جي آغاز تي ماڻھن پنھنجون زندگيون معمول موجب گذارڻ جاري رکيون ۽ ڪم ڪار، تفريح ۽ موڪلون ملھائڻ واري وقفي واري احساس جيان روڊن رستن تي گھمندا ڦرندا رھيا، ائين سنگتين جي چؤگرد گڏجاڻين ۽ ظھرانن ۾ شريڪ ٿيندا رھيا. ھر شخص غلط ھيو ۽ ائين اوھان به غلط ھئا. آءُ اوھان کي التجا ڪيان ٿو، محتاط رھو، ھي نه ئي ڪا مذاق، کل جوڳي ڳالھه نه ئي ڪو لطيفو آھي. پنھنجي پيارن جي، والدين جي ۽ پنھنجي والدين جي والدين جي حفاظت ۽ خيال ڪيو!

ھي وبائي بيماري انھن جي لاء موتمار ۽ خطرناڪ آھي. تقريبن ھتي روزانو 200 ماڻھو وائرس جي ور چڙھي زندگيون وڃائي ويھن ٿا، ان ڪري نه جو ميلان ۾ دوائن جي دستيابي چڱي نه آھي ( اھو دنيا ۾ بھترين دوائن جي مرڪزن منجھان ھڪ آھي)، پر بيشڪ ان جي ڪري جو ھر ماڻھو جي لاء جگھه ميسر نه آھي. ڊاڪٽر انھن جي چونڊ ڪن ٿا جيڪي مرندا !

ھي سڀ ڪجھه شھرين جي شروعات ۾ (جڏھن ھي وائرس ھتي پھتو) حماقت ۽ بيوقفي جي ڪري واقع پيو ٿئي، جن نئين صورتحال کي نظرانداز ڪري پنھنجون زندگيون معمول مطابق گذارڻ جو پڪو پھه ڪيو! مھرباني ڪري، غلطين مان پرايو، اسان جو ملڪ ھڪ ننڍو ملڪ آھي جيڪو ڪنھن وڏي الميي تي پنھنجو وجود وڃائي سگھي ٿو. چڱي طرح ذھن نشين ڪيو.

ٻاھر ھجومن وارن جاين تي نه وڃو. عوامي جاين تي کائڻ پيئڻ کان پرھيز ڪيو. اھڙي صورتحال دوران گھڻو وقت گھر گذاريو. وزارت صحت جي رھنما اصولن کي ٻڌو ۽ ھيئن سان ھنڊايو. تقريبن ڪنھن شخص سان ڳالھائڻ دوران ھڪ ميٽر جو فاصلو رکو، ھڪ ٻئي جي ويجھو نه اچو، ميل ميلاپ ۽ ھٿ ملائڻ کان پري رھو.

ضروري ۽ احتياطي علاج کي اپنايو ۽ ٻين جي غلطين مان سکو. اسان اوھان کي قوت مدافعت وڌائڻ جي لاء وٽامن سي استعمال ڪرڻ جي سفارش ڪيون ٿا. وبائي بيماري جي ڦھلاءَ جي روڪ ٿام کي يقيني بنائڻ لاء پيشورانه ماڻھن جي مدد ڪيو. اٽلي ۾، سمورو ملڪ تنھائي ۽ اڪيلائي جو شڪار آھي، ان جو مطلب ته 60 ملين ماڻھو قرنطنيه جي حالت ۾ مبتلا آھن !! جيڪڏھن عوام آغاز ۾ ئي صحت جي ھدايتن ۽ رھنما اصولن کي ٻڌي ھا ۽ عمل ڪري ھا ته وائرس جو تيزي سان ھي ڦھلاءُ رڪجي وڃي ھا. پنھنجي، پنھنجي پيارن ۽ سڄڻن جي سار سنڀال لھو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment