شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 12 - جولاءِ - 2020ع

عورت آزادي مارچ: سراسري ۽ برابريءَ جو سڏ


شام 09 لڳي 09 منٽ -آچر 01 مارچ 2020  440 
image-1


8 مارچ گڏيل قومن طرفان منظور ٿيل عورتن جو عالمي ڏينهن آهي، جنهن کي دنيا ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن تي پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ ” سراسري برابري اسين گهرون ٿا ايتري“ جي نعري هيٺ عورتن جي حقن جي حوالي سان ڏينهن ملهائڻ ۽ عورت مارچ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان عورت مارچ جي اعلان کانپوءِ عورت جي وجود کان ڊنل پدري سماجي ذهنيت ۽ عورت کي نازڪ ۽ ڪمزور صنف سمجهندڙ خوف ۾ وٺجي ويا آهن. ان ڪري انهن عورت خلاف سوشل ميڊيا کان ويندي هر فورم تي پروپيگنڊا شروع ڪئي وئي آهي. ان جي پٺيان اها ئي عورت مخالف ذهنيت آهي، جيڪا عورت کي پنهنجن بنيادي انساني حقن کان به محروم رکيو ويٺي آهي ۽ عورت کي ان جي بنيادي فطري حقن کان محروم رکڻ جي حق ۾ هميشه سرگردان رهي آهي.

گذريل سال 8 مارچ تي ٿيل ميڙاڪن ۾ جيڪي پلي ڪارڊ کڻي عورتن پدرشاهي سماج خلاف پنهنجو سگهارو آواز بلند ڪيو، ان ۾ جنهن سڀ کان وڌيڪ جملي کي تنقيد جو نشانو بڻائي عورتن جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اهو جملو هو: ”منهنجو جسم منهنجي مرضي“. پدرشاهي ذهنيت جي حاوي عقل جا اڪابر ”منهنجو جسم منهنجي مرضي“ کي سڌو سنئون فحاشي سان ڳنڍي ان جي اصل معنيٰ کي هرگز دٻائي نٿا سگهن. ”منهنجو جسم منهنجي مرضي“ جو مطلب آهي ته عورت کي انسان جي حيثيت ۾ جيڪي انساني حق فطرت طرفان مليل آهن، انهن ۾ عورت خودمختياري چاهي آهي. هر مذهب عورت کي اظهار جي آزادي، بنيادي تعليم ۽ صحت جي سهولتن سان گڏ پنهنجي مرضي موجب شادي ڪرڻ ۽ پنهنجي زندگي جا فيصلا پاڻ ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو، جيڪڏهن ڪو مذهب به عورت کي ان جا بنيادي حق ڏئي ٿو ته پوءِ انتهاپسندن کي ڪهڙو حق آهي ته اهي پنهنجن نام نهاد مفادن، ڪم علمي/ڪم عقلي ۽ ڪٽرپڻي واري ذهنيت جي ڪري عورتن جي حقن جي پائمالي ڪن.

سڀ کان پهرين اهو سمجهڻ گهرجي ته عورت جا بنيادي ۽ فطري حق آهن ڪهڙا؟ جن کان عورت کي محروم رکيو ويو آهي. اهي بنيادي فطري حق هر مذهب کان مٿانهان آهن، جيڪي فطرت طرفان عورت کي هڪ انسان جي صورت ۾ مليل آهن، پر نام نهاد پدر شاهي نظام پنهنجي طاقت جي ٻل تي مذهب کي استعمال ڪندي عورت کي ذهني ۽ جسماني غلام بڻائي ان کي انهن بنيادي حقن کان هميشه کان محروم رکيو ويو آهي.

عورت جا بنيادي فطري حق هي آهن: (1) بنيادي تعليم جو حق (2) بنيادي صحت جي سهولتن جو حق (3) اظهار جي آزادي جو حق (4) پنهنجي زندگي جا فيصلا پاڻ ڪرڻ جو حق (5) پسند جي شادي ۽ زندگي گذارڻ جو حق. اهي سڀ اهڙا بنيادي حق آهن، جيڪي فطري طور هڪ انسان جي ناتي مرد سان گڏوگڏ عورت کي به بنا ڪنهن مذهبي، رنگ نسل ۽ خطي جي عورت کي مليل آهن. پر عورت جي طاقت کان ڊنل پدر شاهي نظام ۽ ان جي حامي ذهنيت ڪڏهن به نٿي چاهي ته عورت کي ان جا بنيادي حق به ميسر هجن.

هن وقت سڄي پاڪستان سميت سنڌ ۾ عورت تمام گهڻن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. سنڌ ۾ ملائيت سان گڏوگڏ قبيلائي ۽ سرداري نظام جي ڪري عورت جن سماجي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، ان ۾ هيٺيان مسئلا اچي وڃن ٿا. (1) گهرو تشدد (2) جنسي اڻبرابري (3) ريپ (4) بدترين جنسي/جسماني تشدد (5) ننڍي عمر جون شاديون (6) جنسي متڀيد (7) سڱ چٽي جي رسم (8) جنسي هراسمينٽ (9) تيزاب هارڻ (10) جبري شادي (11) بليڪ ميلنگ (12) مردن جي برابر اجورو نه ملڻ ۽ (13) جبري مذهب جي تبديلي.

هن ڌرتي جي گولي تي ارتقا کان وٺي عورت مرد سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هن دنيا کي جديد بڻائڻ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. عورت جي وجود کانسواءِ مرد جو ڪو وجود ئي ناهي. تاريخ جي هر دور ۾ مرد پنهنجي نام نهاد مردانگي جي بنياد تي عورت کي هميشه پنهنجي ماتحت بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. تاريخ جا ورق اٿلائڻ سان خبر پوندي ته هن دنيا ۾ هر دور جي پنهنجي الڳ تقاضا تحت الڳ الڳ نظام رائج رهيا آهن. عورت پنهنجي ذهانت عيوض مادري سماج جا بڻ بڻياد به رکيا، پر هميشه مرد پنهنجي نام نهاد مردانگي عيوض پدري سماج کي مادري سماج تي مسلط ڪندو رهيو آهي ۽ ائين سازش تحت عورت کي زندگي جي هر شعبي ۾ پوئتي ڌڪيو ويو. هن دنيا ۾ لڳندڙ جنگين جو سرسري جائزو ورتو وڃي ته جيتري به غارتگيري ٿي آهي، لکين ڪروڙين بيگناهه انسانن کي موت جي وادين ۾ ڌڪيو ويو آهي،جيڪڏهن مجموعي طور هن دنيا ۾ مادري سماج رائج هجن ته شايد نه ايتري غارتگيري هجي، نه بک، بدحالي، غربت، ناانصافي، بيروزگاري، رنگ نسل ۽ مذهب جي بنياد تي متڀيد هجي.

جيڪڏهن حقيقت کي ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ عورت پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي. چاهي اها ڪهڙي به ملڪ ۾ رهندي هجي، ان کي اتي ڪيتري به آزاد هجي پر وري به ڪٿي نه ڪٿي ان جو استحصال ٿيندو رهي ٿو. هن پوري دنيا ۾ هر ملڪ جو پنهنجو الڳ نظام ۽ مذهبي سرشتو هجڻ ڪري اتان جي عورتن سان مختلف قسم جا مسئلا درپيش آهن. جيڪي ملڪ تمام گهڻا ترقي يافته آهن، اتي عورتن کي هر حوالي سان مردن جي برابر حق ته مليل آهن، پر ان جي باوجود اتي به ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان عورتن جو استحصال ٿيندو رهي ٿو. باقي جيڪي ملڪ پوئتي پيل آهن، اتي عورتن کي هر قسم جا مسئلا درپيش آهن. جتي ڪٿي عورت پنهنجي بقا جي جنگ ئي وڙهي رهي آهي. جيڪڏهن پاڻ هڪڙو مثال وٺون ته آڪٽوبر 2017ع ۾ هالي ووڊ جي نالي واري ڊائريڪٽر هاروي وينسٽن جي خلاف هالي ووڊ جي ٽاپ جي اداڪارائن ۽ ماڊلز جنسي هراسمينٽ، ريپ ۽ بدترين تشدد خلاف ”مي ٽو“ مهم جو آغاز ڪيو. ان مهم هالي ووڊ انڊسٽري سميت سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو، جنهن کانپو باليووڊ کان ويندي پاڪستاني فلم انڊسٽري لاليووڊ تائين ان جا پڙاڏا گونجندا رهيا. هالي ووڊ جي ڊائريڪٽر هاروي وينسٽن خلاف ٽرائل شروع ٿيو ۽ نيويارڪ ڪورٽ هاڻي پنهنجو محفوظ ڪيل فيصلو به ٻڌائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڊائريڪٽر هاروي کي مجرم قرار ڏنو ويو آهي، جنهن جي گهٽ ۾ گهٽ قيد جي سزا به 25 سال آهي. ان فيصلي کانپو عورتن جي تحريڪ کي اڃا وڌيڪ طاقت ملي آهي.

ان کانسواءِ 9 آڪٽوبر 2012ع ۾ پاڪستان جي علائقي سوات جي خوبصورت وادين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 15 سالا بهادر نينگري ملالا يوسفزئي کي طالبان حملو ڪري شديد زخمي ڪري ڇڏيو، قسمت جي ديوي ملالا تي مهربان هئي ۽ هو بچي وئي ۽ 10 آڪٽوبر 2014ع ۾ صرف 17 سالن جي ڄمار ۾ ان کي ٻارڙن جي تعليم جي جدوجهد ۽ قرباني عيوض نوبل انعام سان نوازيو ويو.

عالمي رپورٽن موجب هن وقت دنيا ۾ پاڪستان عورتن لاءِ ڇهون نمبر خطرناڪ ملڪ آهي. جتي عورتن جي بنيادي حقن جي انحرافي کان وٺي، ريپ، تشدد، قتل ۽ هر قسم جي جنسي هراسمينٽ کي عورت منهن ڏئي رهي آهي ۽ عورت کي پنهنجي بنيادي فطري حقن کان به محروم رکيو ويو آهي. بي بي سي هڪ رپورٽ موجب صرف 9 سيڪڙو پاڪستاني ٻهراڙين جون ڇوڪريون ميٽرڪ جي تعليم تائين پهچي سگهن ٿيون. يونيسيف جي 2018ع جي سالياني رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 21 سيڪڙو نياڻين جون شاديون انهن جي قانوني عمر 18 سالن کان گهٽ ڄمار ۾ شاديون ٿين ٿيون، جن جن جي ڪري انهن سان صحت جا مسئلا، ننڍي عمر ۾ ما بڻجڻ ۽ ٻار کي جنم ڏيڻ سبب عورت جو ڊليوري دوران موت جي شرح تمام گهڻي آهي. هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ ساليانو 1000 عورتن کي مختلف سببن جي ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ماني دير سان پچائڻ، چانهه دير سان ٺاهي ڏيڻ ۽ ڪاروڪاري جي نام نهاد غيرت واري تصور ۽ سوچ موجب قتل ڪيو وڃي ٿو.

عورتن جي حوالي سان اهڙا ڪيترائي واقعا هوندا آهن، جيڪي ميڊيا تائين پهچي ئي ناهن سگهندا، ان کانسواءِ وري اهڙا هانءَ ڏاريندڙ واقعا جيڪي ميڊيا تي نمودار ٿيندا آهن، انهن جي باري ۾ خبر پئجي سگهندي آهي. پاڪستان ۾ هونئن ته ڪيترائي اهڙا واقعا پيش ٿيندا رهندا آهن، جيڪي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيندا آهن، انهن مان هتي ڪجهه واقعن جو حوالو پيش ڪجي ٿو.  هڪ واقعو جون 2002ع ۾ مظفرڳڙهه جي ڳوٺ ميانوالي ۾ پيش آيو، جتي هڪ غريب گهراڻي جي نياڻي مختاران مائي سان عزت جي بدلي جي طور پنجائت جي فيصلي تحت گينگ ريپ ڪيو ويو. ان کانپوءِ اهو ڪيس پاڪستاني ميڊيا سميت انٽرنيشنل ميڊيا تي هاءِ لائيٽ ٿيو، هر هنڌان مختاران مائي جي حق ۾ آواز اٿڻ جي ڪري ۽ عدالتن جي ڪوششن جي ڪري انهن جوابدارن کي سزائون به مليون. ٻيو واقعو ملتان ۾ 15 جولاءِ 2016ع ۾ پيش آيو، جنهن ۾ پاڪستان جي اڀرندڙ ناليواري ماڊل قنديل بلوچ کي پنهنجي ڀاءَ غيرت جي نالي تي قتل ڪري ڇڏيو. جنهن کي عدالت طرفان عمر قيد جي سزا ڏني وئي.

ان کانسواءِ ٽيون واقعو 2018ع ۾ پنجاب جي شهر قصور ۾ پيش آيو، جنهن ۾ ڇهن سالن جي معصوم ٻارڙي زينب سان ريپ کانپوءِ قتل ڪري ان جي لاش کي پلاسٽڪ جي هڪ ٿيلهي ۾ ويڙهي ويران جڳهه ۾ ڦٽو ڪيو ويو. نيشنل ۽ انٽرنيشنل ميڊيا جي ڪوريج جي ڪري واقعو به تمام گهڻو ميڊيا تي هاءِ لائيٽ ٿيو ۽ مختلف ادارن جي ڪوششن سان ان جوابدار کي نيٺ سوگهو ڪيو ويو ۽ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو ۽ عدالت جي حڪم تحت جوابدار کي 17 آڪٽوبر 2018ع ۾ ئي ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڦاسي تي ٽنگيو ويو.

”ساحل“ اداري طرفال ڪيل 2018ع جي سروي موجب پاڪستان ۾ هڪ ڏينهن ۾ 10 ٻارڙن سان ريپ جا واقعا رونما ٿين ٿا، جن ۾ ڪجهه ميڊيا تي رپورٽ ٿي سگهن ٿا ۽ ڪجهه ميڊيا کان اوجهل رهن ٿا.

پاڪستان خاص ڪري سنڌ تي سرسري نظر ڦيرائجي ته خبر پوندي ته هتي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ عورت کي تمام گهڻن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. تعليمي ادارن، يونيورسٽين، ڪاليج ۽ اسڪولن ۾ جتي نياڻين سان آئي ڏينهن جنسي هراسمينٽ جا ڪيس رپورٽ ٿيندا رهن ٿا، اتي معصوم گلن جهڙين ٻارڙين کي جنسي زيادتين کان پوءِ قتل ڪري انهن کي موت جي وادين ۾ موڪليو وڃي ٿو.

اها سموري صورتحال آهي، عورتن جي حوالي سان ته انهن کي اسان جي سماج ۾ ڪهڙين ڪهڙين ڀوڳنائن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. پاڪستان سوڌو ڪيترن ئي ٻين ترقي يافته ملڪن جو سرڪاري مذهب اسلام آهي. پر اتي ته عورتن کي بنا ڪنهن مذهبي فرق جي سڀ بنيادي حق مليل آهن. پر مذهب جي آڙ ۾ هتي عورتن جي حقن کان نابري واري عورت ذات کي ان جي بنيادي ۽ فطري حقن کان محروم رکيو ويو آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment