شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 09 - اپريل - 2020ع

نرگسيت سان لاڳاپيل يوناني ڏندڪٿا


شام 12 لڳي 01 منٽ -اڱارو 18 فيبروري 2020  159 
image-1

ھي لفظ يونان جي ھڪ ڏندڪٿائي ڪردار نرسي ڪس تان کنيل آھي جنھن جي معنيٰ نرگس جو گل آھي. نرسي ڪس ھڪ يوناني نوجوان ھو، جنھن تي جھنگ جي ھڪ پري ايڪو عاشق ٿي پئي، پر ھو ان جي ڪابھ پرواھ نھ ڪندو ھو ۽ سدائين پنھنجي ئي سونھن جي سحر ۾ ٻڏل رھندو ھو.

ھڪ ڏينھن جھنگ مان گذرندي ھن پنھنجو ئي عڪس پاڻيءَ ۾ ڏسي ورتو ۽ پاڻ ئي پنھنجي حسن تي فدا ٿي پيو، ھو ڪيترن ئي ڏينھن تائين پاڻي وٽ ويھي پنھنجو عڪس ڏسندو رھيو ۽ پنھنجي حسن ۽ جمال تي مدھوش ٿيندو رھيو، ايتري تان جو کيس آس پاس جو بھ ڪو ھوش نھ رھيو.

سندس اھڙو لقاءُ ڏسي پري ڏک ۾ وٺجي وئي ۽ ديوتائن کي روئي ٻڏايائين. ديوتائن پريءَ جي آھ ٻڌي ورتي ۽ ان نوجوان جي اھڙي بيوقوفي کان تنگ اچي کيس نرگس جو گل ڪري ڇڏيو.

نفسياتي ماھرن موجب ھي ھڪ نفسياتي بيماري آھي جنھن ۾ ڪو ماڻھو جنسي طور پنھنجي ئي حسن ۽ جمال کان متاثر ٿي ڪري پنھنجي ئي ذات ۾ گم ٿي وڃي ۽ کيس پنھنجي ذات جي حسن کانسواءِ ٻيو ڪجھ بھ نظر نھ اچي.

نفسياتي ماھر نرگسيت ۽ اناپسندي کي ٻھ الڳ نفسياتي بيماريون سمجھن ٿا. ھنن موجب نرگسيت ۾ جنسي پاسي جو ھجڻ ضروري آھي، جڏھن تھ اناپسندي ۾ ماڻھو پنھنجي ذات جي حوالي سان مفروضن ۾ رھندو آھي.

نرگسيت جا مريض ذھني طور بالغ نھ ھوندا آھن. نرگسيت جا شڪار ماڻھو اڪثر بي شرم ھوندا آھن، اھي پاڻ کي جماليات ۽ حسن جي حوالي سان مڪمل تصور ڪندا آھن، اھي ٻين کي نظر انداز ڪندا آھن، اھي ھر ھنڌ پاڻ کي خاص ۽ اھم سمجھندا آھن، اھي ٻين جي جذبن جو قدر نھ ڪندا آھن ۽ پنھنجي فائدي لاءِ ٻين کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment