شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 02 - اپريل - 2020ع

گلابن سان مهڪندڙ جنگ جو ميدان


شام 03 لڳي 19 منٽ -اڱارو 28 جنوري 2020  204 
image-1

گلن جو تصور ذهن ۾ ايندي ئي هڪ سُڳند ڀريو احساس محسوس ٿيڻ لڳندو آهي. گل محبت ۽ امن جي علامت سمجهيا ويندا آهن. پر اهي گل جيڪي ڪنهن جي گلي جو هار ٿين ٿا، ڪڏهن ڪرائيءَ جو ڪنڱڻ ته ڪڏهن ڪنهن سهڻي عورت جي وارن کي مهڪائين ٿا، انهن جي ٽڙڻ ۽ اسان تائين پهچڻ جو عمل ايترو سولو به ڪونهي، جيترو اسان کي نظر اچي ٿو. انسان سان گلن جو رشتو ان جي پيدا ٿيڻ کان وٺي مرڻ تائين رهندو آهي.

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

حيدرآباد کان 18 ڪلوميٽر جي پنڌ تي هڪ ننڍو ڳوٺ واڻڪي وسي ڪئين ڏهاڪن کان گلابن جي خوشبوءِ سان مهڪي رهيو آهي. جتي ڪئين سئو ايڪڙن تي گلاب جي گلن جا کيت اڄ به رنگن ۽ خوشبوءَ سان ماڻهن کي ڀليڪار ڪن ٿا. آئون پنهنجي گائيڊ سترام سانگي ۽ محب لغاري سان جڏهن ان ڳوٺ پهتس ته مون کي اندازو ئي نه هو ته جيستائين نظر ويندي اوستائين هتي گلاب ٽڙيل هوندا. ان وقت صبح جا 6 ٿي رهيا هئا، سج اڀرڻ وارو هو، هر کيت گلابن سان سينگاريل هو پر ڪوهيڙي اهڙو ته ڪڙو چاڙهيو هو جو سڀ ڪجهه ڌنڌلو نظر اچي رهيو هو.

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

مون جڏهن کيتن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت مظفر کان پڇيو ته ”هي گلاب ايترا ڳاڙها ڇو آهن ته هن جو چوڻ هو ته هنن گلابن ۾ شهيدن جو رت شامل آهي.“ هو انهن شهيدن جو ذڪر ڪري هو، جيڪي دٻي واري جنگ ۾ شهيد ٿيا هئا، جن 1843ع ۾ انگريزن خلاف مزاحمت ڪئي ۽ ميدان ۾ پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي هئي، ان جنگ جو هيرو هوشو شيدي هو، ان ئي جنگ واري ميدان ۾ ڪئين انگريز سپاهين جون اجتماعي قبرون به آهن. 

گلاب جي گل جو سائنسي نالو روزا آهي، يوناني روايت موجب گلاب کي محنت جي ديوي ايفروڊائيٽ پنهنجي لڙڪن ۽ پنهنجي محبوب ايڊونس جي رت سان تخليق ڪيو. جڏهن ته هڪ عربي روايت موجب گلاب ان وقت تائين اڇو هو، جيستائين هڪ بلبل ان جي ٽاريءَ تي نه ويٺو هئي. هن کي اهو گل وڻي ويو. ان کان اڳ هن کي سُريلن سرن جي خبر نه هئي، بلبل جو آواز ڪجهه ٻيو هو. پر بلبل جو پيار ان گل لاءِ ايترو ته وڌي جو پهريون ڀيرو هن جي ڳلي مان مڌر آواز نڪتو، سندس پيار ايترو ته هو جو هن گل کي قابو ڪيو ته هڪ ڪنڊو هن جي دل ۾ گهڙي ويو ۽ پوءِ اڇو گل ڳاڙهو ٿي ويو.

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

هڪ اندازي موجب گلاب اسان جي ڌرتيءَ تي 35 ملين سالن کان آهي. جنهن جا ڪئين قسم آهن، چين ۾ 5000 سال اڳ گلاب پوکيو ويو هو، جنهن کان پوءِ اهو وچ اوڀر مان ٿيندو ايشيا پهتو.

کيتن ۾ داخل ٿيندي هئي مون کي احساس ٿيو ته ماڪ سڄي رات گلن جي چهرن کي ڌوئيندي رهي، گلابن جي پنکڙين ۽ ٽارين تي ماڪ جا ڦڙا موتين وانگر لڳي رهيا هئا. جيئن جيئن سج جا ڪرڻا گلن جي جسم تي پيا ته ماڪ ڦڙا موتين وانگر چمڪي پيا.

اسان جي پهچڻ کان اڳ ئي ماڻهو اتي ڪم ڪري رهيا هئا. گلاب جي گلن کي چونڊڻ جو عمل عام طور 5 وڳي شروع ٿي ويندو آهي پر صبح 4 وڳي به پورهيت مٿي تي ٽارچ لڳائي گلن جو چونڊو ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آهن. هونئن ته گلاب جي کيتن ۾ سڄو سال گل ٽڙندا آهن ۽ انهن کي مارڪيٽ تائين پهچائڻ جو ڪم به هلندو رهندو آهي پر جون جولاءِ ۾ ڪجهه گهٽتائي اچي ويندي آهي. سياري جي موسم ۾ گلابن کي صبح مهل ئي چونڊيو ويندو آهي، جڏهن ته اونهاري جي مند ۾ شام مهل گلن جو چونڊُو ڪبو آهي.

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

مون لاءِ اها ڪافي حيرت جي ڳالهه هئي ته جيڪي هٿ گل چونڊيندي انهن جي خوشبوءِ سان مهڪي پوندا آهن، انهن هٿن ۾ ڪنڊا به لڳندا آهن پر اهي هٿ محنت جو ايترو اجورو نٿا ماڻي سگهن جو انهن جو گذر سفر سٺو ٿي سگهي. خادم حسين زور صبح سوير اچي گلن جو چونڊو ڪندو آهي ۽ گذريل ڏهن سالن کان سندس رشتو گلن سان قائم آهي پر هن کي هڪ ڪلو گل چونڊڻ تي 37 رپيا ئي ملندا آهن، هن جو چوڻ آهي ته واپارين جي هڪ هٽي سبب جنوريءَ جي مهيني ۾ هاڻ ڪلو تي 32 رپيا ملندا آهن. جيڪڏهن اهي ڏهه ڪلو گل روز چونڊين ته کيس 370 رپيا ملندا آهن. پر ڪجهه ڏينهن ته اها رقم به گهٽجي ويندي آهي.

انهن گلن کي ٻورين ۾ ڀري ڪانٽي تائين آندو ويندو آهي. هر ٽوڪري يا ڇليءَ ۾ ڏهه ڪلو گل توريا ويندا آهن، هتي بنديءَ جو حساب هلندو آهي، بنديءَ جو مطلب اهو آهي ته گل چونڊيندڙ هر سال تائين ڪانٽي واري مالڪ کان هڪ اڻ لکيو معاهدو ڪندو آهي ته هو ڪهڙي حساب سان هڪ ڪلو گل سڄي سال تائين ڏيندو رهندو. وزن ڪرڻ کان پوءِ انهن گلن کي وڏين بالٽين ۾ رکيو ويندو آهي، جن ۾ ٿڌو پاڻي يا برف رکي ويندي ته جيئن گل تازه رهن. جنهن کان پوءِ انهن بالٽين کي ٽرڪ ۾ ترتيب سان رکي، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ڏانهن موڪليو ويندو آهي.

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

پر هاڻي ڪجهه وقت کان ماحولياتي تبديليون اچڻ کان پوءِ گلن جي پوکائي متاثر ٿي آهي. مظفر جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن گلن تي ڪيل خرچ ڪڍي ڇڏجي ته سال ۾ 250 کان 3 لک بچت ٿيندي آهي پر نقلي ڀاڻ ۽ سم جي ڪري هاڻ گلن جي پوک سخت متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته زرعي ماهر انهي سلسلي ۾ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. هتي 2000 ايڪڙن کان به وڌيڪ گل پوکيا وڃن ٿا. گلاب جي گلن جي پوکائي جا هتي ٽي مرڪز آهن. جن ۾ مسو ڀرڳڙي، هٽڙي ۽ واڻڪي وسي شامل آهن. هونءَ ته هتي اڇي گلاب جي به پوک ٿيندي آهي پر ان وقت اڇا گل نه هئا. 

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

پر هن ڪهاڻيءَ جو هڪ ڏک ڀريو پهلو اهو به آهي ته ڪجهه زميندار جيڪو ڪانٽي تي گل وڪڻڻ جا محتاج نه آهن، اهي ٻارن کان جبري پورهيو به ڪرائيندا آهن. اهي ٻار ۽ ٻارڙيون اسڪول نه ويندا آهن ۽ کيتن ۾ ئي مزدوري ڪندا رهندا آهن. پر ان حوالي سان اڃا تائين ڪوبه آواز نه اٿاريو ويو آهي. ٽڙندڙ گلن جو چونڊُو ڪندڙ ٻارن جا چهرا ڪومايل لڳن ٿا.

هن ڳوٺ ۾ توهان کي ڪارل مارڪس، لينن، چي گويرا ۽ مائوزي تنگ جا شيدائي به ملندا، جيڪي اڃا به نظرين کان نه ڦريا آهن. ان جو اهم ترين ثبوت واڻڪي وسي ۾ قائم هڪ پراڻي عمارت جي اها جهرندڙ ڀت آهي، جنهن تي اڄ به چي گويرا جي تصوير لڳل آهي.

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

آئون رنگن، خوشبو ۽ گلن جي دنيا مان نڪرڻ لڳس، جڏهن مون خادم حسين کان پڇيو ته هن جي زندگي گلن سان ڪيئن گذري رهي آهي. هن چيو ته ”اسين گل چونڊيندا آهيون، پر زندگي ۾ ڏکن جا ايترا ڪنڊا آهن جو ڪابه بهار نٿي اچي.“

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment