شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

سومر - 25 - مئي - 2020ع

دنيا جا پنج حيرت ۾ وجھندڙ بارڊر


شام 01 لڳي 05 منٽ -جمعو 24 جنوري 2020  268 
image-1



ھن دنيا ۾ 200 کان وڌيڪ ملڪ آھن ۽ ھر بارڊر نالي لڪير ھڪ ملڪ کي ٻئي ملڪ کان الڳ ٿي ڪري. دنيا ڪجھ ملڪ اھڙا آھن جن جا بارڊر ايترا خطرناڪ آھن جو انھن جي حفاظت لاءِ ھر وقت ان ملڪ جي فوج چوڪس ھوندي آھي، پر دنيا ۾ ڪي ملڪ اھڙا بھ آھن جن جي بارڊر تي نھ تھ ڪا فوج ڏسڻ ۾ ايندي ۽ نھ ئي وري ڪو حفاظت جو انتظام آھي، ان جو ڪارڻ اتان جا ماڻھو پاڻ ۾ امن، سک ۽ شانتيءَ سان صدين کان رھندا اچن.

ھتي اسان دنيا جي اھڙن پنج بارڊرن جي ڳالھ ڪنداسين جن کي ڏسي ماڻھو حيرت ۾ پئجي ويندا آھن تھ آخر انھن ماڻھن ۾ اھڙي ڪھڙي ڳالھ آھي جو اھي ايترن ويجھن بارڊرن ھوندي بھ امن ۽ سک سان رھندا پيا اچن، ڪنھن بھ ملڪ کي پاڙيسري ملڪ کان خطرو نھ آھي.

1 ھالينڊ ۽ بلجين جو بارڊر: ھالينڊ ۽ بلجين جي وچ ۾ ھن بارڊر کي دنيا جو سڀ کان عجيب بارڊر تصور ڪيو وڃي ٿو، ھي بارڊر شينجن علائقي ۾ اچي ٿو، جنھن ۾ بلجين جا چار صوبا جن کي فلمش صوبا سڏيو وڃي ٿو شامل آھن، جڏھن تھ ان کي بارلي شھر جي حوالي سان بارلي لائين بھ سڏيو ويندو آھي.

بارڊر جي صفا ويجھو ھڪ کليل ڪيفي آھي جتي شام جو ماڻھو ويھي ٻئي پاسي وارن سان دعا سلام پڻ ڪندا آھن ۽ ٻنھي پاسن وارا ھڪ ٻئي سان کل ڀوڳ بھ ڪندا رھندا آھن.

ھن بارڊر جي ھڪ ٻي خاص ڳالھ اھا آھي تھ ھتي ھڪ گھر آھي جنھن جو اڌ حصو بليجين ۽ اڌ ھالينڊ ۾ اچي ٿو. جيتوڻڪي ان گھر ۾ ھڪ در آھي پر ان تي ٻھ گنٽيون لڳل آھن ۽ غلط گھنٽي وڄائڻ تي اوھان ھڪ ملڪ بدران ٻئي ملڪ ۾ پھچي ويندا. پھرين جنگ عظيم ۾ جرمني جي فوج بارڊر تي بجلي تار وڇائي ڇڏي ھئي ۽ ان کي موت جي تار جو نالو ڏنو ھو.

2 امريڪا ۽ ميڪسيڪو جو بارڊر: ھي بارڊر امريڪا جي ايرازونا ۽ ميڪسيڪو جي شھر سلونا جي وچ ۾ آھي، ھي دنيا جي ڪجھ محفوظ بارڊن مان ھڪ ليکيو وڃي ٿو.

بارڊر جي حوالي سان ٻنھي ملڪن ۾ اڄ تائين ڪو بھ تڪرار نٿيو آھي. ان جو ثبوت اھو آھي تھ ھر سال بارڊر تي ٻنھي ملڪن جي ماڻھن وچ والي بال راند ٿيندي آھي جنھن ان بارڊر مان نيٽ جو ڪم ورتو ويندو آھي.

3 ڊربي لائين بارڊر (امريڪا ۽ ڪينڊا وچ ۾): ھي بارڊر پوري شھر جي وچان ٿي گذري ٿو ۽ مزي جي ڳالھ اھا تھ ھن بارڊر جي لڪير گھرن ۽ عمارتن اندران بھ ٿي گذري ٿي.

مزي جي ڳالھ اھا تھ ھن بارڊر تي رھندڙ ماڻھو سندس پيزا وغيرھ جو آڊر امريڪا ۾ ڏيندا آھن ۽ ان کي وري کائيندا ڪينڊا ۾ ويھي آھن.

ھتي ھڪ اھڙو ٿيئٽر بھ آھي جيڪو ٻنھي بارڊرن جي وچو وچ آھي, ٿيئٽر جيڪڏھن اوھان اسٽيج ۾ آھيو تھ مطلب ڪينڊا ۾ آھيو ۽ جيڪڏھن اوھين ھال ۾ ڪرسين تي ويٺل آھيو تھ مطلب امريڪا ۾ آھيو.

4 اگويزو فالز (ارجنٽين ۽ برازيل جي وچ ۾): ھي دنيا جو سڀ کان وڏو آبشار ليکيو وڃي ٿو، ھي آبشار اگويزا ندي کي ھيٺين ۽ مٿين حصي ۾ ورھائي ٿي، ھن نديءَ جو وڏو حصو برازيل ۾ آھي، پر ھي آبشار وري ارجنٽين واري حصي ۾ اچي ٿو.

5 اسپين پروٽيگل بارڊر: ھنن ٻنھي ملڪن جي وچ ھي بارڊر دنيا جو اھو ھيڪلو بارڊر آھي جتي اوھان ھوائي ٽنگيل رسي وسيلي ھڪ ملڪ مان ٻئي ملڪ وڃي سگھو ٿا, ھي بارڊر 1204 ڪلوميٽر ڊگھو آھي ۽ ھي دنيا جي سڀني کان قديم بارڊرن مان ھڪ آھي.

ھن رسيءَ وسيلي اوھان 50 ڪلوميٽر پر ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري سگھو ٿا.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment