شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 02 - اپريل - 2020ع

اچو ته پرنٽ ميڊيا جي زوال تي ڳالهايون


شام 07 لڳي 07 منٽ -جمعو 17 جنوري 2020  285 
image-1


ڪجهه عرصي کان منهنجي ذهن ۾ هڪ اهم سوال جو گهوڙو ڊوڙي رهيو آهي ته ميڊيا ۽ خاص طور تي پرنٽ ميڊيا هن وقت جنهن نازڪ دور مان گذري رهي آهي، ان جو مستقبل نيٺ ڇا هوندو؟ سنڌي اخبارن جي اڄ کان 10- 12 سال اڳ جيتري سرڪيوليشن يا اهميت هئي, اها هاڻ ڪيتري وڃي باقي بچي آهي. اڄڪلهه سوشل ميڊيا جي انقلابي دور ۾ اخباري صنعت کي به سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ ريت وڏو نقصان پهتو آهي. ان جو انجام اڳتي هلي اخبارن سان لاڳاپيل ورڪرن لاءِ وڌيڪ پريشان ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو.

هڪ پاسي تبديلي سرڪار ۽ سگهارين ڌرين اشتهار روڪي ۽ ادائيگيون روڪي ميڊيا کي سوڙهو ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ جا ٽڪساٽ ڪيا آهن ته ٻئي پاسي هڪ عام اخبار پڙهندڙ جي دلچسپي به گهٽجي رهي آهي. فيس بڪ ۽ واٽس ايپ گروپن ذريعي اڪثريت اخبار پنهنجي موبائيل فون اسڪرين تي پڙهڻ کي ترجيح ڏئي ٿي، جنهن سان اخبار جي وڪري تي وڏو فرق پيو آهي ۽ ان جو نتيجو به پاڻ پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون، چڱا ڀلا ڄميل اخباري ادارا لوڏن ۾ اچي ويا آهن.

ڪنهن به اخبار ۽ مجموعي طور پرنٽ ميڊيا لاءِ به اشتهار آڪسيجن هوندا آهن، جنهن تي اخباري ادارن جا خرچ، ملازمن جون پگهارون ۽ ٻيا معاملا دارومدار رکن ٿا، پر اشتهارن جي سلسلي کي آهستي آهستي گهٽائي نه صرف اخباري صنعت جو ساهه منجهايو پيو وڃي پر ورڪر لڏي لا جيئڻ جا گس به سوڙها ڪيا پيا وڃن. اڳتي هلي مالڪن لاءِ عملو گهٽائڻ يا اخبار بند ڪرڻ آخري آپشن وڃي بچندو، پر پوءِ به اخباري مالڪن کي ڇا آهي، جيڪڏهن ڪجهه سالن کان پوءِ اخبارون بند ڪرڻيون پيون ته هنن وٽ پئسو جام آهي، ٻيو ڪو ڪاروبار ڪري وٺندا، پر ورڪر لڏي، پڙهندڙن ۽ اخبار کي پنهنجي حقن جي جنگ وڙهڻ جو مورچو سمجهندڙ عوام جو ڇا ٿيندو؟

منهنجي خيال ۾ سنڌ جون اخبارون هر دور ۾ حالتن جي ستايل، پيڙهيل ۽ ظلم زيادتين جو شڪار عوام لاءِ سگهارو آواز رهيون آهن، هڪ اهڙو فورم جتان انصاف لاءِ ڀرپور مزاحمت ٿيندي رهي آهي. موجوده صورتحال ۾ اخبار جو زوال اچڻ فقط مالڪن ۽ ادارن سان لاڳاپيل ملازمن جو نقصان ناهي پر هي سنڌ جي عوام جو اجتماعي نقصان به چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اخبار ئي اهو اثرائتو ۽ سگهارو ڪردار آهي، جنهن ذريعي ڪنهن تر جي وڏيري، ڪنهن زور آور صوبيدار، ڪنهن جاگيردار يا طاقت جي نشي ۾ ٻڏل سياستدانن کي ”شٽ اپ ڪال“ ملندي رهي آهي، نه ته جيڪر غريبن جو ڪيس ڪير وڙهي ها!

 جيڪڏهن گهر گهر، واهڻ وستين، ڳوٺن جي جهوپڙا هوٽلن ۾ شوق سان پڙهجندڙ اخبار جو مڪمل زوال اچي ويو ته اها پرنٽ ميڊيا جي سگهاري سماجي، سياسي ڪردار ۽ مستقبل جي اميدن جو ڊيڄاريندڙ انت هوندو. ان صورتحال تي سينيئر صحافين، اخباري صنعت سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي سوچڻو پوندو، ڪو اهڙو رستو ڪڍڻو پوندو، جنهن سان پرنٽ ميڊيا کي هن ”آءِ سي يو“ واري صورتحال مان ڪڍي سگهجي ۽ پڙهندڙن جي اخبار ۾ دلچسپي توڙي اعتماد ٻيهر بحال ڪري سگهجي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment