شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 22 - فيبروري - 2020ع

ٽرڪش اسڪالرشپ لاء آنلائن اپليڪيشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. اپلاء ڪرڻ لاء وزٽ ڪيو https://tbbs.turkiyeburslari.gov.tr/

تازھ ترين

سائين جي ايم سيد, سائين جويي صاحب تان هٿ کڻڻ مطلب سنڌ تان هٿ کڻڻ آهي


شام 01 لڳي 44 منٽ -خميس 16 جنوري 2020  127 
image-1

سيد جي سالگره جي خوشي سان منهنجو سهيڙيل ڪتاب ”منهنجا بزرگ، دوست ۽ ساٿي“ روشني پبليڪيشن پاران ڇپجي پڌرو ٿي ويو آهي. هيءُ ڪتاب مختلف شخصيتن جي خاڪن تي ٻڌل آهي، جيڪي بابا سائين محمد ابراهيم جويي جا لکيا هئا، تن کي هڪ هنڌ تي آندو ويو آهي ته جيئن پڙهندڙن کي اها ڄاڻ ملي سگهي ته جويي صاحب جا ويجها دوست ۽ ساٿي ڪهڙا هئا ۽ اُهي ڪهڙيون شخصيتون هيون، جن سان جويي صاحب جي ذهني هم آهنگي ۽ هم خيالي هئي. اميد ته پڙهندڙ هن ڪتاب مان گهڻا مستفيد ٿيندا.

هن ڪتاب جو مهاڳ منهنجو لکيل آهي .هن اڄوڪي خوشيءَ جي موقعي تي، آئون اوهان سان اِها ڳالهه اورڻ گهران ٿو ته لڳ ڀڳ ويهن سالن کان وٺي، مون کي هر طرح سان ستائڻ ۽ ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ويئي آهي. انهيءَ جو اڪيلو سبب اهو ئي آهي ته جنهن زماني ۾ جويي صاحب کي ادبي سياسي طرح ڪنڊائتي ڪرڻ جي ڪوشش ۽ الزام بازي ڪردار ڪشي ڪئي پئي ويئي، انهيءَ وقت، جويي صاحب جي علمي، فڪري ۽ ادبي ڪم کي اوهان پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ذميواري مون پنهنجو فرض سمجهيو. ان ويهن سالن جي عرصي ۾ جويي صاحب جا ويهن کان وڌيڪ ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا، جن ڪن ڪتابن جي ڪيترائي ڇاپا پڻ ڇپجي چڪا آهن.ان کان سواءِ سائين جويي صاحب جي 100 سالا سالگره جشن جي موقعي تي 21 جلد , جيڪي 60 ڪتابن تي مشتمل هئا مختلف ادارن پاران شايع ڪيا ويا .اُهي 18000 صفحا انهن ڪتابن ۾ شامل هئا. جويي صاحب جي لکيل خاڪن تي ٻڌل هيءُ ڪتاب شاهدي آهي ته اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين هلندڙ آهي.

ڪي رٿائون اڃا هلندڙ آهن. جويي صاحب جو ڪم مون وٽ جهجهي مقدار ۾ محفوظ آهي. اهو وقت هلندي اوهان تائين پهچائبول جويي صاحب جا مخالف مون مٿان انڪري ئي ڏمريل رهيا آهن جو هنن جويي صاحب کي پوئتي رکڻ ۽ تڪراري بڻائڻ جي هر ممڪن سازش پئي ڪئي، پر مون سندن سازشن کي وائکو ڪيو آهي . جويي صاحب کي گذاري وڃڻ کان پوءِ اهڙن مخالفن کي اهو گمان هو ته هاڻي آئون ماٺ ڪري ويهندس، پر مون هڪ گهڙيءَ لاءِ به جويي صاحب جي مِشن ۽ سندس فڪر کي عام ڪرڻ کان سواءِ نه گذاري آهي. تنهنڪري، مخالفن جي ڪاوڙ اڄ مون مٿان ڪجهه سوائي آهي. مخالفن جي منشا اها آهي ته آئون جويي صاحب ۽ سائين جي ايم سيد سميت سنڌ ٻين وطن دوست شخصيت جي فڪر کي عام ڪرڻ ڇڏي ڏيان. مون کي اها خبر آهي ته جيڪڏهن اڄ آئون ڪنڊائتو ٿيندس ته سڀاڻي سڀ مخالفتون ختم ٿي وينديون.

اهڙا مخالف وڌيڪ ڪاوڙ ۾ تڏهن آيا هئا، جڏهن 2008 ۾ سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ”سنڌوديش ڇو ۽ ڇا لاءِ“ جو انگريزي ٻيهر ترجمو ڪتاب صورت ۾ ڇپجي آيو هو. اهو ترجمو جويي صاحب ڪيو هو. اهڙن کي مخالفن کي اها خبر ناهي ته جويي صاحب تان هٿ کڻڻ جو مطلب آهي، انهيءَ سنڌ تان هٿ کڻڻ، جيڪا جويي صاحب پنهنجن خوابن ۾ ڏٺي ۽ سوچن ۾ پالي هئي. ان ڏس ۾ جويي صاحب جيڪو شعر پڙهندو هو، اهو هيءُ هو:


نڪا جهل نه پل، نڪو رائر ڏيهه ۾،
آڻيو وجهن آهرين، روڙيو رتا گل،
مارو پاڻ املُ، مليرونِ مَرڪڻو.


”مَرڪڻو ملير“ جي معنيٰ خوشحال ۽ پاڻڀري ماتر ڀومي، اُها جويي صاحب جو خواب هئي. اها ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي ته جيڪي ماڻهو جويي صاحب جي مخالفت ڪن ٿا، اصل ۾ اُهي سندس شخصيت نه، پر ”مَرڪڻي ملير“ واري ويزن جي مخالفت ڪن ٿا ۽ کين ”مَرڪڻو ملير“ نٿو گهرجي. وڌيڪ اوهان پڙهندڙ ۽ اڪثريتي سنڌي عوامَ ئي فيصلو ڪري سگهون ٿا ته جويي صاحب جي فڪر کي عام ڪرڻ جو، جيڪو مِشن مون هٿ ۾ کنيو آهي، اُهو سنڌ ۽ اوهان سنڌين لاءِ ڪيترو لاڀائتو آهي. باقي ڪن مٺ گُهرن جي مندي ۽ نيت جي بديءَ کان آئون نه ڊڄڻ وارو آهيان ۽ نه ئي پوئتي هٽڻ وارو آهيان.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment