شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 22 - فيبروري - 2020ع

ٽرڪش اسڪالرشپ لاء آنلائن اپليڪيشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. اپلاء ڪرڻ لاء وزٽ ڪيو https://tbbs.turkiyeburslari.gov.tr/

تازھ ترين

بشيران بابت بختاور ۽ آصفه جا ٽوئيٽس نه ايندا


شام 05 لڳي 29 منٽ -جمعو 03 جنوري 2020  154 
image-1


خبر اها آهي ته شهداد ڪوٽ جي تعلقي اسپتال جي دروازي اڳيان کليل آسمان هيٺ هڪڙي غريب عورت ٻار کي جنم ڏنو آهي. ٻار کي جنم ڏيندڙ اسان جي ڀيڻ جو نالو آهي بشيران، جيڪا ڳوٺ محمد صديق کوسو جي واسي بنگل خان کوسو جي گهر واري آهي. اسان جي اها غريب ڀيڻ ڳوٺ کان شهداد ڪوٽ جي اسپتال اهو سوچي آئي هوندي ته اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻيون هونديون، اهي ان تڪليف واري گهڙي ۾ منهنجو ۽ منهنجي ايندڙ ٻار جو خيال رکنديون، ان ڪري ڳوٺ ۾ دائي کان ويم ڪونه ٿي ڪرايان. ڳوٺ ۾ ويم جي خيال سان هوءَ الائي ڪهڙن وسوسن ۽ وهمن جي گهيري ۾ اچي وئي هوندي. ان ڪري هن پنهنجي مڙس کي چيو هوندو ته پاڻ شهر ٿا هلون، اتي ڊاڪٽرياڻيون هونديون جيڪي ڏاڍيون ٻاجهاريون آهن، اهي پنهنجو خيال رکنديون. پر اسان جي ڀيڻ بشيران کي جيڪڏهن اها خبر هجي ها ته هن کي اسپتال جي دروازي جي اڳيان، سڀني جي نظرن سامهون ۽ کليل آسمان هيٺ، سخت سي ۾ سور کائي ٻار کي جنم ڏيڻو پوندو ته هو پنهنجو گهر ۽ ڳوٺ ڇڏي شهر هرگز نه اچي ها.

اسان جي ڀيڻ اسپتال جي در اڳيان ٻار کي جنم ڏنو. هن جا پنهنجا جملا آهن ته ڊاڪٽرياڻي کي جڏهن ڏيکاريو ته ان چيو ته تنهنجي ڊليوري ۾ اڃان چار کان پنج ڏينهن آهن، ان ڪري ڊاڪٽرياڻي ڳوٺ وڃڻ جو چئي واپس ڪري ڇڏيو. هن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرياڻي جي ڪمري کان ٻاهر نڪري اسپتال جي نئين بلڊنگ جي دروازي ٻاھران پهتس ته سور وڌي وڃڻ ڪري اتي ئي ليٽي پيس، ۽ ٻارکي کليل آسمان هيٺ جنم ڏنو آهي، اسپتال جي ٻاهران ڪيتريون دانهون ڪيم پر اسپتال انتظاميه توڙي عملي مان ڪنهن کي به ڪهل نه آئي، نه وري مونکي ڪنهن اسپتال ۾ داخل ڪيو. هن ڊاڪٽرياڻي مٿان الزام هڻندي چيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽرياڻي مون کي اسپتال ۾ داخل ڪري ڊليوري ڪرائي ها ته مون سان اهڙي حالت نه ٿئي ها، منهنجي بيوسي کي ڪيتريون عورتون ۽ مرد ڏسندا رهيا پر ڪنهن به مون کي اسپتال ۾ داخل نه ڪيو، ڊاڪٽرياڻين خلاف ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

تصوير: سوشل ميڊيا

مون کي پڪ آهي ته شهدادڪوٽ جي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي ۽ ٻئي ذميوار عمل خلاف ڪا ڪارروائي ڪانه ٿيندي. ها اهو ممڪن آهي ته ايم ايس هڪڙي رپورٽ ٺاهي. ان رپورٽ آڌار هڪڙي انڪوائري ڪميٽي پڻ ويهي سگهي ٿي. پر ٿيندو ڪجهه به ڪونه، جو ڪجهه به نه ٿيندو آهي. اسان جي جنهن ڀيڻ اسپتال جي دروازي تي سڀني جي اڳيان ٻار کي جنم ڏنو، سا ته شهدادڪوٽ جي انتهائي غريب گهراڻي جي نياڻي آهي. هن تي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهي کي ڪا ڪهل نه آئي هوندي. مير نادر مگسي وٽ ايترو سوچڻ جو وقت ئي ناهي. هو اڄڪلهه ان غم ۾ غلطان ٿو رهي ته هن کي بلاول پڇي ڇو نٿو، فريال ٽالپر هن کي لفٽ ڇو نٿي ڪرائي. هو ان تي پريشان ٿو رهي ته پ پ وارا جاگير کي چانڊين کي ڇو ٿا وڌيڪ ڀانئين؟ عذرا فضل پيچوهو هڪڙي ڊاڪٽرياڻي آهي، ان ڪري هوءَ مريض جو پاسو نه کڻندي. هو ڪنهن نه ڪنن نموني ڊاڪٽرياڻي کي بچائي ويندي. اهو به ممڪن آهي ته اسپتال جي رجسٽريشن وارن ڪاغذن ۾ اسان جي ان ڀيڻ جو نالو ئي شامل نه هجي.

پاڻ الائي ڇو اچي حڪمران طبقن مان اميد ٿا رکون؟ پيپلز پارٽي وارن جو هن وقت سڄو ڌيان ان تي آهي ته راولپنڊي وارا هنن مان راضي ڪيئن رهن. چيف جي ايڪسٽينشن وارو ڪم به ٿي ويو. پر شايد اڃا ڪاوڙ نه لٿي هجي. ان ڪري نيب جي بل جي پڻ حمايت ڪئي ويندي. پ پ وارا ايئن ئي ڪندا جيئن انهن سينيٽ جي چيئرمين خلاف بي اعتمادي واري رٿ دوران ڪيو هو. ۽ ٻيو انهن جو هتي سنڌ ۾ سڄو ڌيان رڳو دل جي بيمارين جي علاج واريون اسپتالون ٺاهڻ تي آهي. ڇو ته هنن کي هر وقت اهو ڊپ هوندو آهي ته دل ڪنن به وقت دوکو ڏئي سگهي ٿي. هو هجن سلام ڪوٽ ۾، ۽ اتي دل جي ڌڙڪن هيٺ مٿي ٿي وڃي، ته اهي ڪراچي ڪيئن پڄندا. اهو خيال اچڻ تي هنن سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دل جي علاج جو بندوبست ڪيو آهي. ان ۾ عام ماڻهو هنن جي نظر ۾ ناهن. عام ماڻهن جو مسئلو دل جو مرض ناهي. انهن جو مسئلو ٻارن جي ڇاتي جو انفيڪشن آهي. انهن جو مسئلو نزلو زڪام، کنگهه، کرٽيو، ڇاتي جا مرض آهن ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ آهي. انهن جو مسئلو اهو آهي ته ٻارن جو علاج ڪٿي ٿئي. عورتن جي ڊليوري ڪٿان ڪرائجي. پر سنڌ جي حڪمران طبقي بشمول بلاول، آصف، فريال، عذرا، مراد شاهه اهي مسئلا انهن جا ناهن. بختاور ۽ آصفه جا اڃا هن هيڏي وڏي هاڃي تي ڪي ٽوئيٽس ڇو نه آيا آهن؟ شايد ان ڪري جو انهن کي ڪڏهن شهدادڪوٽ جي اسپتال مان علاج ڪرائڻو ناهي. ان ڪري انهن سنڌ ۾ بنيادي صحت مرڪزن تي ڪو ڌيان ناهي ڏنو. جيڪڏهن يونين ڪائونسل سطح تي ماءَ ۽ ٻار جي صحت ۽ سار سنڀال جا بهترين مرڪز قائم ڪيا وڃن ها ته اسان جي ڀيڻ بشيران کي شهدادڪوٽ جي اسپتال اچڻو ئي نه پوي ها. پر حالت اها آهي جو جڏهن هوءَ تعلقي اسپتال پهتي، تڏهن به هن کي اسپتال جي دروازي اڳيان ٻار کي ڄڻڻو پيو.

آئون اهو پيو سوچيان ته شهدادڪوٽ مان چونڊيل نمائندن کي ته ان جو ڪو خيال نه هوندو، پر شهداد ڪوٽ ۾ دلدار سيلرو به آهي، اتي کاٻي ڌر جا ٻيا جام دوست آهن، اهي الائي ڇو چپ آهن؟ فدا ڀٽي به آهي. وهاب پندراڻي به آهي. سيلرن جو ڳوٺ اتي ئي آهي. اهي مزاحمت جا اهڃاڻ هئا. اهي نشانيون موجود آهن؟ يا سڀ ڪجهہ ماضي جو کنڊر بڻجي ويو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment