شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 22 - فيبروري - 2020ع

ٽرڪش اسڪالرشپ لاء آنلائن اپليڪيشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. اپلاء ڪرڻ لاء وزٽ ڪيو https://tbbs.turkiyeburslari.gov.tr/

تازھ ترين

ڪتاب درويش جي تنهائي تي ھڪ نظر


صبح 01 لڳي 13 منٽ -آچر 29 ڊسمبر 2019  269 
image-1


            منهنجي لاء ادب ۾ علي آڪاش جو نالو نئون نه هيو، هڪ سال اڳ هن جي مضمونن جو ڪتاب ”نئين ڪويتا جو بحث“ پڙهي چڪو هئس. ان کان سواء علي آڪاش جي ڪيتري ئي شاعري سوشل ميڊيا تي پڙهڻ جي لاء ملي ٿي. منهنجو سدائين نه به، هر هفتي ڪنهن ڪتابن جي دڪان تي وڃڻ ضرور ٿيندو اٿم. تازو ئي هن هفتي، ڪتاب ڏسندي، ڪتابن جي وچ مان ”درويش جي تنهائي“ کي پنهنجي هٿن ۾ کڻي ڪتاب جي ٽائيٽل پيج ۽ بيڪ پيج تي نظر وڌم، جڏهن ته ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي علي آڪاش جو، ڪتاب جي نالي وارو مڪمل غزل لکيل آهي:


ڪيڏو ته رني آهي، درويش جي تنهائي.

ساڻي ٿي سُتي آهي، درويش جي تنهائي.


                  جنهن جي وراڻي آهي: ”درويش جي تنهائي“  دڪان تي بيٺي بيٺي ئي علي آڪاش جي هن ڪتاب جا ڪجھ شعر پڙهي ورتم، ڪتاب ۾ شامل شاعري دل کي ڇهندڙ هئي، ڪتاب دل کي وڻي ويو، جنهن ڪري ڪتاب خريدم!

         علي آڪاش جي شاعريء ۾ ٻهراڙيء جي ماحول  جا منظر به آهن جيڪي پنهنجي فطرت شاعريء ۾ پاڻ ئي ظاهر ڪيون بيٺا آهن. لکي ٿو:


ڀڃ ٿڪ مسافر! وٺ ساءُ مَنھَ ۾.

ماني به لسيء سان، تون کاءُ مَنھَ ۾.


هيءَ پينگھ لڏي ٿي، سا هينئن چوي ٿي:

تون آءُ مَنھَ ۾، تون آءُ مَنھَ ۾!


             سچ ته علي آڪاش جو هيءُ غزل پڙهي ڳوٺ جون ڳالهيون ۽ منظر ياد اچي وڃن ٿا!

              هنن احساسن کي  آڪاش جهڙا شاعر ئي لفظن ۾ بيان ڪري سگهن ٿا، لکي ٿو:


اِئين من وڇوڙيل اسان جو اڙي!

ڀِنو ڪاٺ سيمو ڪري ۽ سڙي.


                لفظن سان تصويرون ٺاهڻ لئه  به لفظن جو مصور هجڻ ضروري هوندو آهي، اهي ڪي ڪي خوشنصيب شاعر هوندا آهن، جيڪي هڪ آرٽ وارو هنر رکندا آهن. علي آڪاش جي دوهي ۾ هڪ تصوير چٽيل آهي اها هيءَ:


گوڏن تي تو هٿ رکيا ۽ هٿن مٿان کاڏي،

سانجھيءَ ويلي نيٺ به ڪهڙو پور پَيئي ڏاڏي!


              انهن ماڻهن جا سور ڪڏهن به ساٿ ناهن ڇڏيندا جيڪي پنهنجا هوندي به پنهنجا ناهن ٿي سگهندا، جيڪي جدا ٿيندا آهن ته ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ پاڻ سان گڏ روح به کڻي ويا هجن!


روشن آڳر، آنءُ اڪيلو، ننڊ اکين کان ڏورُ.

تون ته پرائي ٿي وئي آهين پوءِ به تنهنجو پورُ.!؟


ڪتاب ته سڄو لاجواب آهي ڪهڙن ڪهڙن شعرن کي هت ڏجي!؟ هڪ ننڍڙو نظم ”افسردگي“ جيڪو پڻ هڪ احساس ڏياري ٿو:


”ميلنڪلي“ ”افسُردگي“


ڄڻياسين ٻار سهڻا پر

انهن تان ساھُ صدقو پر

انهن کي زندگي سهڻي

الا! ڏيئي نه سگهياسين

اجايون نوڪريون ساريون

خواريءَ جون کنيوسين بس

مٿي تي ٽوڪريون ساريون.!


        سنڌي شاعريءَ ۾ آڪاش جي تخلص سان ته ڪيترا ئي شاعر لکي رهيا آهن پر انهن ۾ ٻه اهڙا شاعر جيڪي بلڪل به آڪاش جيان شاعريء جي ميدان ۾  اوچا نظر اچي رهيا آهن، انهن ۾ هڪ آڪاش انصاري، ٻيو علي آڪاش، جنهن ”درويش جي تنهائي“ جهڙو ڪتاب لکيو!




پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment