شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 02 - اپريل - 2020ع

اياز ميلو: شيخ اياز کي ڀيٽا ڏيڻ جو بهترين انداز


شام 09 لڳي 49 منٽ -جمعو 27 ڊسمبر 2019  400 
image-1


سنڌ جي مهان ڪوي ۽ باغي شاعر شيخ اياز جي ياد ۾ خانه بدوش رائٽرس ڪيفي جي اڱڻ تي ساليانو پنجون ”اياز ميلو“ 21 ڊسمبر کان 25 ڊسمبر تائين تمام شاندار نموني سان ملهايو ويو. پنجن ڏينهن تي مشتمل ”اياز ميلي“ ۾ مختلف ويهڪن ۾ 100 کان مٿي ناليوارا اديب، دانشور، محقق، شاعر، ليکڪ، ڪالم نگار، سياسي/سماجي اڳواڻ ۽ تعليمي ماهر شامل ٿيا. جن شيخ اياز جي شخصيت جي مختلف پهلوئن جي حوالي سان سندس ڏات، فلسفي، فڪر، فن، شاعري جي مختلف صنفن، سندس ذاتي زندگي جي سياسي، سماجي پهلوئن سميت سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن تي تمام وڏي تفصيل ۽ باريڪ بيني سان ڳالهايو ۽ شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪئي. ميلي جي انتظاميا طرفان سنڌ ميوزيم سميت پنڊال کي اياز جي تصويرن، پينٽنگز ۽ شاعري سان سجايو ويو. اياز ميلي ۾ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن، يونيورسٽي ۽ ڪاليجن جي شاگردن سميت عورتن ۽ فيمليز تمام وڏي انگ شرڪت ڪئي.

شيخ اياز 2 مارچ 1923ع ۾ شڪارپور ۾ جنم ورتو، اياز هر صنف ۾ شاعري ڪري سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا، شيخ اياز جي شاعري ۾ انقلاب ۽ مزاحمت وڏا اهڃاڻ شامل آهن، هن تقريبن 50 کان مٿي ڪتاب لکيا. هن پنهنجي سموري زندگي ۾ شاعريءَ جي هر صنف ۾ پنهنجي صلاحيتن آڌار سنڌي ادب کي عروج تي پهچايو. هن جي قلمي پورهيي ۾ بيت، وايون، آزاد نظم، غزل، گيت، نثر، ڊائريون، خط، منظوم ڊراما، ڪهاڻيون اوپيرا ۽ ڪتابن جا ترجما ڪيا، جنهن ۾ شاهه لطيف جي شاهه رسالي جو ترجمو به سندس شاهڪار سمجهيو ٿئي ٿو. هن کي سنڌي ادب ۾ خدمت عيوض ستاره امتياز ۽ ستاره جرئت ايوارڊس سان نوازيو ويو.  سندس شاعريءَ کي جيجي زرينا بلوچ، مهدي حسن، عابده پروين، سرمد سنڌي، استاد محمد يوسف، روبينا قريشي، بيدل مسرور، منظور سخيراڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن ڳايو آهي. سنڌ جي هن مهان ڪوي جي وفات 28 ڊسمبر 1997ع ۾ ٿي ۽ هن جي آخري آرامگاهه ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبداللطيف جي درگاهه ڀرسان آهي.

اياز ميلي جي افتتاحي تقريب دوران لاهور کان آيل اردو ادب جي نامياري شاعري اصغر نديم سيد ڳالهائيندي چيو ته، ”هتي ڪارپوريٽ سماج فوڪ کي ڪوڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، شيخ اياز جي اندر ۾ اديب، شاعر، مورخ، تاريخدان ۽ سيلاني موجود هو. سنڌ جي سياست ۽ سنڌ جو ادب اسان پنجابين کان فتح نه ٿي سگهيو، هن چيو ته شيخ اياز پاڪستان جي ثقافتن، ٻولين ۽ ادب کي هڪ جڳهه تي آڻڻ چاهيندو هو، هن وڌيڪ چيو ته پنجابين وٽ پنهنجي ٻوليءَ جي اهميت ناهي، پر سنڌين کي پنهنجي ٻوليءَ تي فخر آهي، شيخ اياز ۽ بلهي شاهه همعصر شاعر هئا. شيخ اياز هڪ وڏو ترقي پسند هو، جنهن کي ملڪ جي چئني صوبن جي ماڻهن کي اياز کان پري رکيو ويو.“

اياز ميلي جي ٻئي ڏينهن جي هڪ سيشن ”ميري ديداورو، ميري دانشورو“ ۾ نامياري ليکڪ ۽ صحافي غازي صلاح الدين ڳالهائيندي چيو ته: ”پاڪستان جي تاريخ ۾ جيتريون پابنديون اڄ آهن، ايتريون اڳ نه رهيون آهن، ايستائين جو ضياءَ جي دور ۾ به ايتريون پابنديون نه هيون. ان دور ۾ به ائين ماڻهو گم نه ٿيندا هئا، جيئن اڄڪلهه ٿي رهيا آهن.“

اياز ميلي جي ٽئين ڏينهن دوران شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موجود موسيقي ۽ جماليات جي حوالي سان ٿيندڙ ”اياز جي شاعراڻي جماليات“ سيشن ۾ اياز گل ڳالهائيندي چيو ته؛ ”اياز جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا سمورا رنگ نظر اچن ٿا، اياز اڳيان انقلاب ۽ رومانس سان گڏ سماج به سامهون هيو، اياز اڳ جي صوفي شاعرن وٽان جماليات حاصل ڪئي.“

 اياز ميلي جي چوٿين ڏينهن "هي سين نه ڏيندي چين" واري سيشن ۾ ناليواري صحافي، ناول نگار ۽ ليکڪ محمد حنيف چيو ته اسان وٽ ٻوليءَ جو عجيب ۽ غريب مسئلو رهيو آهي، ماڻهو ٻه يا ٽي ٻوليون ڳالهائڻ تي مجبور ٿين ٿا، ان ئي لاڙي سبب هن ٽن ٻولين ۾ لکيو ۽ صحافت به ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌي گهڻو لکي پڙهي اڳتي نڪري ويندا آهن، ان ڪري رياست سنڌين کان خوش ناهي، اها صورتحال صرف اسان جي ملڪ ۾ ناهي، پر دنيا جي ٻيا مختلف ملڪ به ان قسم جي رائيٽ ونگ جي ور چڙهيل آهن، منهنجي نظر ۾ نئون نسل اڳيان ايندو اهو ئي ان رائيٽ ونگ جي يلغار کي روڪي سگهندو.“ ان دوران انساني حقن جي اڳواڻ ۽ شاعر حارث خليق ڳالهائيندي چيو ته: ” شين کي الڳ الڳ ڪري ڏسڻ ادب ۾ ناهي هوندو، پر اهو سياست ۾ ضرور ٿيندو آهي، آرٽ جوڙيندو آهي، نظرين جو ادب سان تعلق آهي.“

اياز ميلي ۾ "هي سين نه ڏيندي چين" واري سيشن ۾ نامياري ليکڪه ۽ ناول نگار نور الهديٰ شاهه ڳالهائيندي چيو ته: ”اياز جي شاعريءَ ۾ انقلاب ۽ مزاحمت آهي، اسان هيڏي وڏي شاعر سان ايترو گهڻو ظلم ڪيو آهي، غالب ڪنهن به قومپرستي جي پڃري ۾ بند ناهي، غالب کي آزاد شاعر جي مثال طور آڻڻ چاهيان ٿي جيڪو سٺو به آهي خراب آهي، شيخ اياز کي اسان وٽ غالب جيان آزاد نه ڇڏيو ويو.“

ان ئي سيشن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي ڳالهائيندي چيو ته: ”شيخ اياز هڪ جذبو آهي، اياز سماج جي ٿڪل ۽ مايوس ماڻهن کي وري اٿاري ۽ انهن کي وڙهڻ لاءِ تيار ڪري ٿو. شيخ اياز کي هڪ مفڪر، عالم ۽ اديب جي حيثيت ۾ ان جي سنڌي ادب ۽ سماج لا ڪيل خدمتن کي ڏسڻ گهرجي، هن چيو ته سنڌ جي ايندڙ هزارين سالن جي تاريخ ۾ لطيف کانپوءِ اياز جو نالو رهندو. هن وڌيڪ چيو ته، جيئن دنيا جي ملڪن جو هڪ آئين (Constitution)هوندو آهي، جيئن پاڪستان جو آهي، اهڙي ئي طرح جيڪڏهن منهنجو وس پڄي ته سنڌ جو به آئين جوڙجي، شاهه لطيف جو رسالو، ڀئونر ڀري آڪاس، ڪي جو ٻيجل ٻوليو ۽ وڄون وسڻ آيون ۽ ڪلهي پاتم ڪينرو اهي پنج ڪتاب سنڌ جو آئين (Constitution) آهن. ڇو ته سنڌ هڪ تمام وڏي تهذيب آهي.“

سنڌ جي ناليواري ليکڪ ۽ صحافي اسحاق مڱريي شيخ اياز ميلي جي حوالي سان چوڻ هو ته: ”ثقافتي لحاظ سان ميلا اسان جي ڪلچر جو حصو رهيا آهن، عوامي انداز ۾ ميلا تمام گهڻا پسند ڪيا ويندا آهن، اياز ميلي ذريعي اياز جي شاعري نوجوانن ۾ تيزي سان مقبول ٿي رهي آهي، مجموعي طور تي اياز ميلي جو اسان جي سماج ۾ هڪ مثبت پيغام وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته اسان جي ثقافت ۾ به ميلي جو پنهنجو هڪ الڳ مقام آهي.“

صحافي سترام سانگي چيو ته: ”اياز جي شاعريءَ جي هر دور ۾ ضرورت رهي آهي، ڇاڪاڻ ته اياز جي شاعري ماڻهن ۾ هڪ جذبو، ولولو ۽ اتساهه پيدا ڪري ٿي، اهو جذبو چاهي قومي تحريڪن، مزاحمتي تحريڪن، اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ سوسائٽي کي اپگريڊ ڪرڻ لاءِ هجي، ان ۾ اياز جي شاعري مڪمل طور اتساهه ۽ جذبو فراهم ڪري ٿي. نه صرف اياز تي پر ٻيا به جيڪي اسان جا قومي شاعر آهن، انهن جي حوالي سان به اهڙي قسم جا ميلا مچڻ کپن. سنڌ هميشه سيڪيولر رهي آهي، هتي ترقي پسند تحريڪن ماضي ۾ به جنم ورتو آهي ۽ حال ۾ به انهن جي شديد ضرورت آهي، خاص ڪري شاگرد مارچ جيڪو هينئر شاگرد جدوجهد جي حوالي شروع ٿيو آهي، ان ۾ اياز جي شاعري تمام اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، اياز جي ميلي جي ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته اسان جو نوجوان نسل شيخ اياز سان جڙندو پيو وڃي.“


ذڪيه اعجاز چيو ته: ”30، 40 سالن کان ادب جي لحاظ کان اسان جي سماج ۾ ڏاڍي ماٺار هئي، جڏهن اسين ”فيض ميلو“ ڏسندا هئاسين ته اسان کي ڏاڍي حسرت ٿيندي هئي ته ڪاش! اسان به پنهنجن وڏن قومي شاعرن جي شاعري پنهنجي نوجوان نسل تائين پهچايون ۽ اهڙي قسم جو ڪو ادبي ميڙاڪو ڪوٺايون، جنهن ۾ سنڌ سميت پوري پاڪستان مان ماڻهو اچن. ائين اسان اياز ميلو آرگنائيز ڪيو. ۽ اياز ميلي کي آرگنائيز ڪرڻ ۾ اسان کي سڀ کان وڌيڪ نوجوان نسل مان موٽ ملي، اياز ميلي جي شروعات کان پوءِ ئي سنڌ جي ٻين شهرن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ادبي ميلن جي لڳڻ جي شروعات ٿي.“

اياز ميلي جي انهن پنجن ڏينهن دوران ماڻهن جي تفريح لاءِ مختلف پروگرامز جو اهتمام به ڪيو ويو، جنهن ۾ ”لال هڙتال گروپ“ طرفان هڪ ٿيٽر پيش ڪيو ويو، علي روشن ۽ سندس ٽيم پاران ”دودي سومري جو موت“ جي نالي سان ٿيٽر پيش ڪيو ويو، آمنه نواز طرفان ڪلاسيڪل ڊانس پيش ڪئي وئي. سنڌ جي تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي سازن سرندي، بانسري ۽ ڍولڪ ذريعي فنڪارن پنهنجي فن جو اظهار ڪيو. انهن پنجن ڏينهن دوران هر روز رات جو ”اياز محفل“ جي نالي سان سنگيت جي محفل جو اهتمام ڪيو ويندو هو، جنهن ۾ سنڌ سميت پاڪستان جي مختلف خطن مان آيل فنڪارن حصو ورتو، سنگيت جي محفلن ۾ پنهنجي آواز جي جادو سان جن فنڪارن شرڪت ڪندڙن کي جهومايو، انهن ۾ سيف سميجو، تيمور رحمان گروپ، شفيع فقير، مانجهي فقير، اختر درگاهي، اريب اظهر، اقرار وحيد، سرندي نواز محمد حسن سمون، ڪريم فقير، رجب فقير، ريشمان پروين، ضامن علي، ذوالفقار لنڊ، دين محمد دمساز، تاج مستاني، زينب مائي، رفيق فقير، کماج نواز، ذوالفقار علي، مظهر علي، مارل، زينب مائي، رفيق فقير، نزاڪت صادق، ديبا سحر، استاد فتح علي خان ۽ بيدل مسرور شامل هئا.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment