شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 08 - آگسٽ - 2020ع

سائين جي ايم سيد ۽ شيخ اياز


شام 02 لڳي 55 منٽ -اڱارو 24 ڊسمبر 2019  352 
image-1

تون جو مون کي ڪو نه مڃيندين ,
مون کي ان جي پرواه به ناهي....

سائين جي ايم سيد ۽ شيخ اياز اُهي هستيون آهن، جن نئين سنڌ جي تعمير ڪئي آهي. ٻنهي ۾ محبت جو تعلق سنڌ سان سچائيءَ جي بنياد تي هو. شيخ اياز سائين جي ايم سيد لاءِ لکيو:  ”هيءُ وحدت الوجودي، هيءُ صوفي لاڪوفي، هيءُ اڌو گابرو سماجوادي ۽ پڪو پختو ديش ڀڳت، هيءُ ماکيءَ کان مٺڙو ۽ وهه کان ڪڙو ماڻهو مون کي هڪ جهوني بڙ وانگر لڳندو آهي. جڏهن سج ٽامڻي هڻي ويندو آهي، تڏهن هن جي ڇانوَ وڌيڪ گھاٽي ٿي ويندي آهي.

مون ان جي ڇانو ۾ ڪيئي پکيئڙا پنک پساريندي ڏٺا آهن، پر مان ان وقت جي انتظار ۾ آهيان جڏهن عقاب انهيءَ بڙ مٿان ڦيرا ڏيئي، تتل سج کي تيز نظرن سان گھوري ڏسندا.“
۽ شيخ اياز، سائين جي ايم سيد لاءِ اهو به لکيو:


”هي جو پوڙهو جهورُ، وڙهندي ٿيو ويِڙهه ۾،
اڃا ڏمري ڏاڍ تي، آڻ نه مڃي مُور،
سوچي ڏسي ڏور، آيا آرڻ ڏينهڙا.


اياز اهو شاعر آهي، جنهن جو لکيل قومي ترانو سموري سنڌ ڳائي ٿي:


”سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان“


شيخ اياز پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ اهڙي ڪابه سٽ نه لکي، جيڪا سائين جي ايم سيد جي خلاف هجي ۽ نه ئي سائين جي ايم سيد هن لاءِ لکت ۾ ڪٿي ارهائيءَ کي ظاهر ڪيو آهي. سائين جي ايم سيد سنڌ جو رهبر آهي ۽ شيخ اياز سنڌ جو قومي شاعر آهي. ٻنهي جون حيثيتون الڳ الڳ آهن، ٻنهي جي ڀيٽ ڪرڻ جي آڙ ۾ ڪي ماڻهو شيخ اياز کي لوئي رهيا آهن اُهي ڪنهن طرح به سنڌ جا سڄڻ ناهن. زندهه سماج پنهنجن هيروز جي عزت ڪندا آهن، ان جي وڏائيءَ کي ڳائيندا آهن. پنهنجن قومي هيروز ۽ اڳواڻن کي لوئڻ جي ڪنهن کي به اجازت نٿي ڏيئي سگهجي.


ڪنهن اسٽيج يا فورم تان ڪنهن فرد شيخ اياز جي سياسي ۽ قومي ڪردار کي وڌائي پيش ڪيو آهي ته اُهو ان فرد جو عمل آهي. ياد رکجي ته اها ڳالهه شيخ اياز نه، پر انهيءَ فرد چئي آهي، تنهنڪري، ان بهاني سان شيخ اياز کي تعصباڻي نموني لوئڻ بدران فردي موقف جي ڳالهه ٻولهه ڪجي ۽ ان جو جائزو وٺجي ته سندس ڪيل ڳالهه ۾ ڪيتري سچائي آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment