شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 21 - جنوري - 2021ع

سنڌي ادبي بورڊ ۾ محمد ابراھيم جويو ريسرچ لائبرري جي حوالي سان کليل خط


شام 05 لڳي 35 منٽ -اربع 04 ڊسمبر 2019  685 
image-1

انتهائي قابلِ احترام سائين! چيئرمين، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو

اسلام عليڪم!

سائين منهنجا!

هي خط لکندي مون کي انتهائي گهڻي خوشي ٿي رهي آهي جو سنڌي ادبي بورڊ جي واڳ اوهان جهڙي مدبر شاعر ۽ اديب اچي سنڀالي آهي-

سائين!

سنڌي ادب جي تاريخ ۾، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ اوهان جي بزرگن جون ڪيل خدمتون روز روشن سج وانگر عيان آهن. اهو خدمتن جو سلسلو اڄ تائين هلندو ٿو اچي ۽ هاڻ ان خدمتن جي ٻيڙي جِي سرواڻي اوهان جي بلي آهي.

ڇاڪاڻ ته اوهان ان ڀلاري خاندان جا فرد آهيو. محترم سائين! اوهان جي، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري جي واڳ سنڀالڻ سان ئي هڪ نواڻ جي شروعات ٿي آهي. اها بنهه ڀلي ۽ چڱائيءِ جي ڳالهه آهي.

اوهان جي ذاتي دلچسپيءَ جي ڪري ئي ٽه ماهي مهراڻ، ماهوار سرتيون ۽ ٻاراڻو ادبي رسالو گل ڦل مسلسل پڌرا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. لائبرريءَ جي ڪتابن کي به ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو پيو وڃي. اهو سڄو ڪم اوهان جي ادبي ذوق شوق ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پيار ۽ دلچسپيءَ جي ڪري ئي ٿي رهيو آهي.

سنڌ جي ادبي اداري سان اوهان جو اهڙو دلي لڳاءُ ڏسي مان هي خط لکي ڪري ڪجهه گذارشون ڪرڻ جي جرئت ڪري رهيو آهيان. اميد اٿم ته منهنجي هن خط کي مان بخشيندا ۽ هيٺ ڏنل گذارشن تي عمل ڪري تاريخ ۾ ڪا نواڻ آڻيندا، ڇاڪاڻ ته اهي هيٺ پيش ڪيل گذارشون هڪ تاريخ ساز شخصيت جي متعلق آهن.

محترم سائين!

سنڌي ادبي بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين ۽ سڪريٽري، اديب ۽ دانشور سائين محمد ابراهيم جويو صاحب، پنهنجي سڄي عمر سنڌي ٻولي، ادب، ۽ سنڌي ادبي ۽ علمي ادارن جي خدمت ڪندي گذاري. هن پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ پنهنجي ”ذاتي لائبرري“ مڪمل طور سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو کي غير مشروط بنيادن تي ۾ تحفي طور ڏئي ڇڏي. سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي ذاتي لائبرريءَ جا ڪُل ڪتاب جيڪي لڳ ڀڳ 5000 ٿيندا. جيڪي مون ( محمد يوسف جويو) ۽ منهنجا مددگارساٿي سنڌي ادبي بورڊ جي ٻن ملازمن ( ضمير مهيسر ۽ عبد الواحد مڱريو) جي محنت سان اهي سڀ ڪتاب رجسٽر تي داخل ڪري سال 2011ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جي اُن وقت جي سڪريٽري جناب زوار نقوي صاحب جي نگرانيءَ ۾ لائبرري جي حوالي ڪيا ويا هئا.

سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي پنهنجي مڪمل ذاتي لائبرريءَ کي غير مشروط بنيادن تي مفت ۾ ڏيڻ جي عمل کي سڄي سنڌ ۾ ساراهيو ويو هو ۽ ان کان پوءِ ٻين اديبن پڻ پنهنجي ذاتي لائبررين مان ڪجهه پنهنجا ڪتاب بورڊ جي لائبرريءَ کي تحفي طور ڏيڻ شروع ڪيا هئا. سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي اهڙي فراخدلانه عمل ۽ سندس ڪيل خدمتن جي قدرداني ڪندي ان وقت جي، بورڊ جي سڪريٽري محترم زوار نقوي صاحب سنڌي ادبي بورڊ جي لائبرريءَ ٻاهران ”محمد ابراهيم جويو ريسرچ لائبرري“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سال: 2011ع جي نالي جي هڪ تختي ٺهرائي هنئي وئي هئي. 

اها تختي لائبرريءَ جي مک دروازي جي ساڄي پاسي کان ڀِتِ تي لڳائي وئي هئي. جيڪا پوءِ لائبرريءَ جي مرمت يا رنگ ڪرائڻ دوران ڪڍي ڪري ڪنهن هنڌ محفوظ ڪئي وئي آهي. مون ( محمد يوسف جويو) سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي لائبرريءَ جي ان سفر تي هڪ مضمون ” محمد ابراهيم جويو صاحب جو ڪتبخانو “ جي نالي سان پڻ لکيو هو، جيڪو روزانه عبرت اخبار جي هفتيوار ايڊيشن ۾ تاريخ 15 فيبروري 2015ع تي شايع ٿيو هو. ان ساڳئي مضمون جو اردو ترجمو، آن لائن رسالو صداءِ لائبررين- لاهور جي شماري نمبر؛ جولاءِ – سيپٽمبر 2015ع، جلد 2 ، شمارو نمبر 3 ۾ پڻ ڇپيو هو. (انهن ٻن مضمونن جون ڦوٽو ڪاپيون هن خط سان گڏ ڳنڍيل آهن). 

  حاصل مقصد ته سائين جن کي گزارش ڪجي ٿي ته سنڌ جي روشن خيال اديب، دانشور سائين محمد ابراهيم جويو جي خدمتن جو قدر ڪندي، اڳي وانگر هڪ سٺي ياد خاطر بورڊ جي لائبرريءَ جو نالو ” محمد ابراهيم جويو ريسرچ لائبرري“ ڪنهن وڏي ۽ روشن تختيءَ تي لکرائي ڪري، لائبرريءَ جي مک در مٿان لڳائي وڃي.

منهنجا سائين،

اها مڃتا سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي ته آهي، پر ساڳيءَ وقت تي اهو اعزاز سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري جي تاريخ کي پڻ ملندو. ۽ اوهان تي اِهو فرض پڻ ٿئي ٿو ته، جن عالمن، بزرگن ۽ اديبن بورڊ کي ٺاهيو، وڌايو ۽ پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو تن بزرگن جا نالا يادگار طور تي جاين، رستن، چونڪن ۽ پارڪن تي رکيا وڃن، ته جيئن انهن جي ياد تازي رهي ۽ پنهنجي بزرگن جي ڪيل ڪم ۽ خدمتن جي نئين نسل کي به ڄاڻ ملندي رهي. اسان توهان مان اِها سٺي اميد ئي ڪري سگهون ٿا.

مهرباني

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment