شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 19 - سيپٽمبر - 2021ع

نور محمد هاءِ اسڪول: ماضي کان حال تائين


شام 08 لڳي 06 منٽ -ڇنڇر 16 نومبر 2019  756 
image-1


حيدآباد يادگار ۽ قديمي جڳهن جو مرڪز رهيو آهي، حيدآباد ۾ ڪيترائي اهڙا تعليمي  ادار رهيا آهن، جيڪي علم ڦهلائڻ ۾ مخصوص ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جن ۾ ميران اسڪول، يونيورسٽي آف سنڌ، پبلڪ اسڪول حيدرآباد، گورنمينٽ ڪاليج ۽ نور محمد هاءِ اسڪول پڻ آهن. سنڌ مسلم سائنس ڪاليج به تعليم جو اهم مرڪز رهيو آهي.

اهڙي ريت حيدرآباد جي دل هيرآباد ۾ تعمير  ٿيل نور محمد هاءِ اسڪول ڏسي دل ان ماضي  ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي جتان منهنجو بابا ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻهو علم حاصل ڪري نڪتا. اسين جڏهن به هتان گذرندا هياسين ته بابا اسان کي ان ماضي جي دور ڏانهن وٺي ويندو هو ۽ اهو به ٻڌائيندو هو ته هي اهو اسڪول آهي جنهن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسان ڳوٺ ڇڏي هتي هاسٽل ۾ آباد ٿياسين.

فوٽوصدف شيخ

فوٽو صدف شيخ

نور محمد هاءِ اسڪول، مسلم هاسٽل ۽ مسلم ڪاليج دراصل هڪ ئي اداري جا ٽي نالا آهن، ڇو ته مسلم هاسٽل ۾ رهڻ لاءِ ضروري هو ته نور محمد هاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺجي ۽ اسڪول کان پوءِ ويجهو ڪاليج مسلم ڪاليج هو. اها هاسٽل فقط اسڪول جي ٻارن لاءِ ئي جوڙي وئي هئي. چوندا آهن ته ان دور ۾ هاسٽل صرف ٻن عمارتن تائين محدود هئي. ان دور ۾ هن هاسٽل جو نظم ۽ ضبط تمام سٺو هو ۽ مٿان اها هاسٽل به هيرآباد جهڙي پررونق ۽ خوشگوار علائقي ۾ هئي. ان هاسٽل ۾ بهترين ڳالهيون گهڻيون هيون پر هڪ ڳالهھ جيڪا بهتر هئي سا اها هئي ته هتان جي ٻارن جي روحاني ديني تربيت پڻ ڪئي ويندي هئي. هتي ٻارن لاءِ هڪ مسجد پڻ قائم ڪئي وئي، جيڪا مسجد شاگرد کي نماز پڙهڻ ۽ ديني مسئلا سمجهائڻ لاءِ ڪافي هئي. مون ان اسڪول تي لکڻ لاءِ ڪافي ماڻهن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سڀني هڪ ئي ڳالهھ ڪئي ته اسڪول جو ماحول اڄوڪي اسڪولن جهڙو نه هو شاگرد ڪافي تابعدار ۽ استادن جي گهڻي عزت ڪرڻ وارا هوندا هئا،

پر جڏهن مون ان اسڪول کي ذاتي طور وزٽ ڪيو ته مون کي اتان جو ماحول ۽ اصول ڏاڍا وڻيان.

فوٽو صدف شيخ

فوٽو صدف شيخ


فوٽو صدف شيخ

ان کانسواءِ هر شيءِ هڪ ترتيبوار ۾ هئي، هر ماڻهو پنهنجي ڪم کي وڏي ذميواري سان نڀائي رهيو هو، اسڪول پهچڻ کان پوءِ منهنجي ملاقات اسڪول جي ايف اي سيد تاج علي صاحب سان ٿي، جيڪو مون کي اسڪول وزٽ ڪرائڻ سان گڏ هر شيءِ جي ڄاڻ به ڏئي رهيو هو.. سائين ٻڌايو ته اسڪول ۾ 30 ڪلاس آهن ۽ اسڪول ۾ ايليمينٽري سسٽم آهي. ڇهين ڪلاسن کان ميٽرڪ تائين پري پري کان ٻار اسڪول ۾ ايندا آهن، سنڌي ۽ اردو ٻار هتي موجود آهن. ڪو لساني فرق ناهي. اهڙي ريت سيد تاج مون کي اسڪول گهمائڻ کان پوءِ ڪمپيوٽر ليب ڏيکاريون. ان کانسواءِ بائيولاجي ليب، ڪيمسٽري ليب به ڌٺم، جن کي ڏسڻ سان اهو اندازو ٿئي پيو ته اسان جو نسل هر شيءِ کان  آگاهه آهي ۽ هن اسڪول ۾ هڪ لائبريري پڻ موجود هئي، جنهن ۾ قيمتي ۽ نوان پراڻا ڪتاب رکيل هئا. اسڪول جو نظام بهترين ۽ صاف سٿرو هو. تنهن کانپوءِ سائين مون کي پرنسپال آفيس وٺي ويا ۽ هتي احمد آسير صاحب سان ملاقات ٿي، جيڪي اسڪول جا پرنسپال  هئا. جنهن ٻڌايو ته نور محمد اسڪول  جو بنياد وجهندڙ نور محمد لاکير آهي، جنهن پاڻ ۽ پنهنجي دوست جي مدد سان هن اسڪول جي بلڊنگ جوڙائي ۽ 13 اپريل 1934ع کان هي اسڪول باقاعده شروع ٿيو.

فوٽو صدف شيخ

فوتو صدف شيخ


نور محمد لاکير 16 سيپٽمبر 1845ع تي ڳوٺ چڪرو تعلقي ڏوڪري ضلعو لاڙڪاني ۾ ڄائو. هو پاڻ قانوني ماهر ۽ سماج سڌارڪ پڻ هو.

نور محمد لاکير قومي خدمت جو جذبو رهندو هو، ان سلسلي ۾ هن ڪيترائي خير جا ڪم ڪيا پر تعليم جي حوالي سان هن تمام گهڻو پتوڙيو. جيئن ته انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ مسلمان ٻارن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ڪا خاص جدا درسگاهه ڪونه هئي ۽ نور محمد لاکير ان گهٽتائي کي شدت سان  محسوس  ڪيو ۽ 1924ع ۾ هنن هڪ تعليمي ڪانفرس سڏائي جنهن ۾ سنڌي مسلمان ٻارن لاءِ حيدرآباد ۾ هڪ مسلم هاسٽل قائم ڪئي ۽ اها 1925ع ۾ وجود ۾ آئي.

مسلمانن جي ٻارڙن جي مسقبل کي روشن بنائڻ لاءِ هن ان هاسٽل جي هيٺئين حصي ۾ اي وي ڪلاس ٽن درجن تائين پڙهائڻ جو انتظام به ڪيو، جنهن ۾ ٻين استادن سان گڏ پاڻ به حسن هدايت الله جيڪو ان وقت بمبئي حڪومت ۾ وزير هو، تنهن جي سهڪار سان حيدرآباد ۾ هڪ هاءِ اسڪول جو بنياد رکيو جيڪو اڄ سندس ئي نالي تي قائم آهي.

فوٽو صدف شيخ


فوٽو صدف شيخ

نور محمد لاکير هن درسگاھه کي ترقي  ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي، ايتري قدر جو هڪ ڀيري پئسي جي کوٽ پوڻ سبب هن پنهنجو بنگلو خان بهادر المداد خان مير پور خاص واري وٽ 13 هزار روپين ۾ گروري رکي اسڪول جو خرچ پورو ڪيو ۽ اهو بنگلو سندس وفات   تائين به آجو نه ٿي سگهيو.

اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻهراڙي جي شاگرد جي رهائش جو هاسٽل ۾ مناسب انتظام رکيو ويو. سر جي آفيس ۾ ڪجھه نور محمد صاحب جون شيون به يادگار طور موجود هيون، جن کي ڏسي مون کي پاڻ ڏاڍي حيراني ٿي ته سائين انهن کي اڄ به هڪ قيمتي اثاثو سمجهي سنڀالي ويٺو آهي جنهن ۾ هڪ ڪرسي ۽ هڪ ڊدريسنگ ٽيبل هئي. ان کانسواءِ سائين احمد آسير پاڻ به مون کي اسڪول جو وزٽ ڪرايو ۽ هڪ هڪ شيءِ جي وضاحت پڻ ڪئي. اسڪول جي لائبريري، اسڪول جي ڪا بلڊنگ، ليب وغيره تي هر ماڻهو جو نالو لکيل هو. احمد آسير صاحب ان ڳالهھ جي وضاحت ڪئي ته جيڪو ماڻهو ٿورو ٿورو سهڪار ڪندو هو، اهڙي ريت ان عمارت تي هن جو نالو لکيو ويندو هو. ان کانسواءِ جڏهن اسان ڪلاس جو وزٽ  ورتو ته هن ۾ مون کي هڪ سٺي ڏاڍي وڻي ته هر ڪلاس ۾ سيڪشن بدران رنگ سان ڪلاس جو نالو هو (ڳاڙهو، سائو، نيرو) هر ڪلاس ۾ ان رنگ جو بورڊ ۽ ڊائيس هو ته جيئن ٻار احساس ڪمتري جو شڪار نه ٿين.

صدف شيخ


فوٽو صدف شيخ

 اسڪول ۾ 1300 شاگرد آهن. ان کانسواءِ هي اسڪول سرگرمين ۾ به هميشه اڳيان رهي ٿو. احمد آسير جي آفيس بورڊ شليڊ ۽ ٽرافيز سان ڀري پئي هئي ۽ هتي شاهه سائين جو دنيوزو ڏسي مون کي انتهائي خوشي محسوس ٿي جنهن تي سائين مون کي ٻڌايو ته هن اسڪول جا ٻار شاهه سائين جي وائي واري مقابلي ۾ به حصو وٺندا آهن ۽ هڪ شاگرد کي پوزيشن ماڻڻ تي اهو دنبورو ۽ ليپ ٽاپ  گفٽ مليو هو. سائين سان گهڻي دير ڪچهري کانپوءِ استادن ۽ شاگردن ۽ ٻين تعليمي ادارن بابت تبصرو هلندو رهيو. سائين اهو به ٻڌايو ته گورنمينٽ  اسڪولن ۾ ڇوڪرن کي ڪوبه وظيفو. يا ڪو تحفو ۽ امداد وغيره نه ٿي ملي. البت ڪا اين جي او وغيره  ڪو فنڊ ڏيندي آهي ته اسين شاگردن کي سپورٽ ڪندا آهيون. هن اسڪول ۾ وزٽ کانپوءِ مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو جيئن اهو منهنجو  پنهنجو هجي ۽ هتي جا قاعدا، قانون، بريڪ، پاڻي  جو نلڪو استادن جي بارن تي شفقت ڏسي مون کي بابا جي هر ڳالهھ ذهن ۾ تازي ٿي وئي ته اسڪول اڄ به نور  محمد  لاکير   جو ئي اسڪول آهي ۽ مان سمجهان ٿي ته شايد  سائين جي دور ۾ ڪي ڪميون پيشيون هيون پر هاڻ شايد  اهي به ناهن ۽ لاکير صاحب پنهنجي آرم گاهه ۾ وڏي سڪون سان هوندا ته اهو خواب جيڪو انهن پورو ڪرڻ لاءِ اهو اسڪول جوڙيو، اهو پورو ٿي چڪو اهي.

فوٽو صدف شيخ

هتان کان آئون سنڌ مسلم ڪاليج ويس. سنڌ مسلم ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ پرنسپال افيس ويس، جتي سائين بشير سيال ويٺل هئا. سائين سان مختلف سياسي، تعليمي خيالن جي ڏي  وٺ کانپوءِ سائين مون کي سڄي ڪاليج ۾ پاڻ وزٽ ڪرايو . ايتري قدر جو هڪ هڪ ڪلاس ليب جو احوال به سائين پاڻ ڏنو. شاگرد به سائين سان دوستاڻي انداز ۾ ڳالهائي رهيا هئا. سنڌ مسلم ڪاليج ۾ ميل استادن کان سواءِ في ميل استاد به آهن. ڪاليج جي پڙهائي ٻين ڪاليجن کان پڻ بهتر آهي. ڪاليج وزٽ ڪرڻ کانپوءِ سائين هڪ هال ڏيکاريو جنهن بابت سائين اها معلومات ڏني ته اهو هال گدو مل ٺهرايو هو ۽ ڪنهن دور ۾ هتي ماڻهو پنهنجو چوپايو مال ٻڌندا هئا پر اڄ تائين ان هال تي گدو مل جو نالو ئي ناهي ۽ نه ئي ڪنهن کي ايتري ڄاڻ آهي، اهو هال اڄ به هتي  ميٺا رام حال جي نالي سان موجود آهي.

ان ڪاليج ۾ يارهين جماعت کان وٺي بي اي تائين ڪلاس موجود آهن. منهنجي  وڌيڪ پچڻ تي اتان جي هڪ استاد ٻڌايو ته اسان وٽ جگھه ناهي، جيڪڏهن جڳھه هجي ته اسان هتي باقاعده ايم اي تائين ڪلاس هلائي سگهون ٿا. اسين اهي ڪلاس مشڪل سان مينيج ڪندا آهيون .

فوٽوصدف شيخ


فوٽو صدف شيخ

سائين نور محمد ان دور ۾ به شاگردن کي بهتر کان بهتر سهولتون ڏيڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. ايتري قدر جو غريب شاگردن کي لوڪل بورڊ کان اسڪالر شپون ڏياريون . پڙهائي جو معيار  بلند رکڻ لاءِ پري پري کان قابل استاد گهرايا ويا. ان زماني ۾ سڄي اسٽاف جو ماهوار پگهار 200 روپيا به ڏنو ويو ۽ ان اهو خرچ پنهنجي کيسي مان ادا ڪيو. هڪ جفاڪش ۽ هڏ ڏوکي ۽ هر دلعزيز انسان 22 آگسٽ 1937ع تي ڪراچي ۾ هاءِ بلڊ پريشر جي تڪليف سبب گذاري ويو. سندس مزار مسلم هاسٽل حيدرآباد جي احاطي ۾ آهي.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment