شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 22 - نومبر - 2019ع

ماڻهو مشڪرو ٿا سمجهن پر اسين به انسان آهيون


شام 04 لڳي 25 منٽ -سومر 07 آڪٽوبر 2019  164 
image-1


اهي اسان کي شاپنگ مالن، پارڪن، ڪنهن مارڪيٽ جي مهورت واري تقريب ۽ ڪڏهن ٻارن جي کيڏڻ واري جاءِ تي نظر ايندا آهن. ڪڏهن اهي رنگين ڪپڙن، ڪارٽون ڪردارن ته ڪڏهن جوڪر جي روپ ۾ ته ڪڏهن وري لانگ مين جي صورت ۾ نظر ايندا آهن. رات ٽاڻي ماڻهن جون دليون وندرائيندڙ اهي پگهر ۾ شل وجود بظاهر ته هڪ ئي چهرو رکن ٿا پر انهن جا ڪئين چهرا آهن، اهي سمورا چهرا ڪارٽون ڪردارن جا هوندا آهن، جن کي ڪرتب باز به چيو ويندو آهي، پر انهن جي زندگين جي تڪيلفن کي ڄاڻڻ لاءِ شايد ئي اسان ڪڏهن ڪوشش ڪئي هجي.

فوٽو: اختر حفيظ

جهڙي ريت ڪو مشڪرو اسان کي ڪيترو به کلائيندو هجي پر ان جي زندگيءَ جو دامن ڏکن سان ڀريل هوندو آهي. ماڻهن کان لڙڪ لڪائي ميڪ اپ ۾ پنهنجو اصل چهرو لڪائيندڙ اهي نوجوان هاڻي هڪ مارڪيٽ آئٽم بڻجي ويا آهن، جيڪي ڏهاڙي تي ڪم ڪندا آهن ۽ انهن کي اجورو به ايترو ناهي ملندو جو پنهنجو گذر سفر ڪري سگهن.

فوتو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

مون کي ان سلسلي ۾ ان ماڻهو سان ملڻو هو، جيڪو انهن کي مختلف جاين تي ڊانس آئٽم ۽ ٻيا ڪرتب ڏيکارڻ لا موڪليندو آهي، خبر پئي ته حيدرآباد جي علائقي ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ انهن جو استاد رهي ٿو، جتان کان اهي ماڻهو شهر جي ڪيترن ئي شاپنگ مالز ۽ مارڪيٽن ۾ شام کان رات تائين پنهنجي روزي جي چڪر ۾ لڳا پيا هوندا آهن.

شان علي انهن ڇوڪرن جو استاد آهي. هو گذريل 22 سالن کان مختلف آئٽم ڏيکاريندو پيو اچي. هو ميجڪ شو ڪندو آهي، ان کانسواءِ جمانسٽ به آهي ته ڊانسر به. هو اصل بلوچستان جو آهي پر ڪئين سالن کان حيدرآباد ۾ رهيل آهي. هن اهو سمورو ڪم پنهنجي استاد غلام سرور کان سکيو. هن وٽ 30 ڇوڪرا آهن، جيڪي سڄي شهر ۾ اهو ڪم ڪندا آهن.

فوٽو: اختر حفيظ

هن شروع ۾ ٻارن لاءِ آئٽم ڪرڻ شروع ڪيا، جنهن کان پوءِ هن ڪارٽون تيار ڪيا، جن ۾ مڪي مائوس، مني مائوس، بگز بني ۽ ٻيا ڪارٽون ڪردار شامل آهن. اهي سڀ هن پاڻي ٺاهيا آهن، هن اهي فوم ۽ ڪپڙي مان تيار ڪيا آهن، اها ڊريس پائي ڇوڪرا ناچندا آهن.

انهن مان سڀني کان منفرد لانگ مين (ڊگهو ماڻهو) هوندو آهي، جنهن جو چهرو ميڪ اپ ۾ لڪل هوندو آهي. هڪ لانگ مين کي تيار ڪرڻ لا پهرين ڪاٺي جو سهارو ڏنو ويندو آهي. هن کي آهستي آهستي هلڻ سيکاريو ويندو آهي، لانگ مين کي ڪاٺي وسيلي هلائڻ ۽ ڊانس ڪرائڻ ۾ هڪ کان ٻه مهينا لڳي ويندا آهن. لانگ مين جي تربيت باقي ٻين کان گهڻي ڏکي هوندي آهي، تنهنڪري ان تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي. شان علي جو چوڻ آهي ته عام ڪارٽون ڪردار جي ڏهاڙي 500 آهي، جڏهن ته لانگ مين کي 1200 ملندا آهن.

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

ڪنهن به شاپنگ مال يا مارڪيٽ مالڪ پاران جڏهن شو ڏيکارڻ لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي شو ٽي، پنج ۽ پندرهن ڏينهن لاءِ طئي ڪيا ويندا آهن، پر جڏهن اهي ڏينهن پورا ٿي ويندا آهن ته ماڻهو وري بيروزگار ٿي ويندا آهن. انهن لاءِ اهي ڏينهن انتظار وارا هوندا آهن.

شان علي جو چوڻ آهي ته هن کي ان قسم جي روزگار ۾ ايترو اجورو ناهي ملندو، گذارو ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي.

“اسان لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو روزگار جو آهي، هي هڪ هوائي روزي آهي، ڇاڪاڻ ته هفتي لاءِ ڪم ملندو آهي ته مهيني جا باقي ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو آهي ۽ اهو فقط مون اڪيلي جو مسئلو ڪونهي بلڪه مون سان گڏ جيڪي ماڻهو ڪم ڪندا آهن، انهن جو به مسئلو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ مارڪيٽ تائين رسائي منهنجي ذميواري آهي.”

شان علي سالگراهن ۽ شادي جي تقريبن ۾ ميجڪ شو ۽ ڪينڊل ڊانس به ڪندو آهي، جنهن ۾ گروپ ڊانس به شامل هوندو آهي. هڪ گروپ ڊانس ڪرڻ تي کين 8000 ملندا آهن. سندس چوڻ آهي ته هن کي گهڻُ مزو ڊانس ڪرڻ ۾ ايندو آهي. ان ڪري کيس ڪنهن تقريب ۾ ڊانس ڪرڻ پسند آهي. 

فوٽو: اختر حفيظ

جيئن ته هنن جو هي ڪو مستقل روزگار ڪونهي، ان ڪري ڪنهن به مارڪيٽ جي مشهوري واري مهم ختم ٿيڻ کان پو انهن کي چلتو ڪيو ويندو آهي، شان علي جا ٽي ٻار آهن، هو انهن کي به ان شعبي ۾ تربيت ڏئي رهيو آهي پر هن جو چوڻ آهي ته سندس ٻار اهو ڪم نه ڪن.

“هن روزگار جو ڪو مستقبل ڪونهي، ان ڪري آئون نٿو چاهيان ته منهنجا ٻار به مون وانگر ٿين ۽ پريشانين کي منهن ڏين. آئون چاهيان ٿو ته اهي پڙهي لکي ڪا مستقل نوڪري ڪن، ان ڪري آئون کين پڙهائڻ تي زور ڏئي رهيو آهيان. پر هنن جي شوق خاطر آئون ڪجهه شيون سيکاريان پيو.” هن چيو

ونوش حيدرآباد ۾ لانگ مين آئٽم پيش ڪندو آهي، هن اها سکيا شان علي کان ورتي آهي ۽ آج به جتي جتي لانگ مين جي ضرورت هوندي آهي، اتي پهچي ويندو آهي. هن جون ڪاٺي جون ٺهيل ٽنگون جتي سندس آئٽم کي منفرد بڻائين ٿيون، اتي هن لاءِ مسئلا به پيدا ڪنديون آهن. آئٽم ڏيکارڻ وقت هن جي ٽنگ به هڪ ڀيرو ڀڳي هئي. ڪاٺي جي ٽنگ کي پيرن تي هڪ ننڍي تختي سان ٻڌيو ويندو آهي. هڪ لانگ مين جو سمورو زور ان تي ئي هوندو آهي.اهي سڀئي ڏهن سالن کان شان علي سان ڪم ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ لانگ مين ئي هڪ اهڙو ڪردار آهي جيڪو ڪيئن حادثن جو شڪار ٿيندو آهي. هن جو ئي هڪ ساٿي جيڪو لانگ مين جا آئٽم ڪندو هو، ڪري پوڻ سبب مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سان مري ويو.

فوٽو: اختر حفيظ

حيدر علي بگز بني جو ڪردار ڪندو آهي. کيس به اها ئي شڪايت آهي ته هن ڪم ۾ مزدوري سٺي نٿي ملي. اهي سڀئي شام جو 7 کان رات جي 12 وڳي تائين پنهنجو ڪم ۾ لڳل هوندا آهن ۽ تماشو ڏيکاريندا آهن.

“جيڪا ڪپڙا اسين پايون ٿا، اهي ڪافي گرم هوندا آهن ۽ اسان کي تيستائين پائي رکڻا پوندا آهن، جيستائين اسان جو ڪم ختم نٿو ٿي وڃي. ان ڪري سمورو جسم پگهر ۾ شل ٿي ويندو آهي. چهري تي ڪارٽون وارو چهرو پائڻ سبب ڪڏهن ڪڏهن ساهه کڻڻ ۾ به ڏکيائي ٿيندي آهي پر اسان وٽ ڪو ٻيو حل به ڪونهي.” حيدر علي چيو.

راجا مني مائوس جو ڪردار ڪندو آهي، هن جي گهر ۾ ڪمائڻ وارو هو اڪيلو نوجوان آهي. گهر جي سمورن گهر ڀاتين جي ذميواري هن تي آهي، ڇاڪاڻ ته هن جو پيءُ گذاري ويو آهي ۽ گهر جو وڏو پٽ هجڻ ڪري هن لاءِ ڪمائي ڪرڻ لازمي آهي. کيس ان ڳالهه تي پڇتاءَ آهي ته هو ڪڏهن اسڪول ناهي ويو. ان ڪري هو هن ڪم ۾ چار پئسا ڪمائي رهيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته ماڻهو اسان کي رڳو مشڪرو سمجهندا آهن پر اسين به انسان آهيون.”

فوٽو: اختر حفيظ

انهن سمورن نوجوانن کي اها ئي شڪايت آهي ته کين جيڪي پئسا ملن ٿا، انهن جو گهڻُو حصو استاد جي حوالي ٿي ويندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن آئٽم تي هزار رپيا ملندا آهن ته هنن کي ٽي سئو ملندا آهن.

شان علي ان حوالي سان سرڪاري سطح تي ڪنهن اڪيڊمي جو مطالبو ڪري ٿو. ان ڪري اهو چاهي ٿو ته کين ڪو مستقل روزگار ڏنو وڃي ۽ ثقافت کاتو انهن جي مدد ڪري.

اهي ماڻهو اڄ به تماشو ڏيکارڻ وارا آهن، پر انهن جون زندگيون ڪئين مصيبتن ۾ گهريل آهن، نه ته انهن وٽ ڪو مستقل روزگار آهي ۽ نه ئي غربت مان نڪرڻ لاءِ ڪو ذريعو آهي. ماڻهن ۽ ٻارن جي چهرن تي خوشيون ۽ مرڪون وکيريندڙ اهي ماڻهو جڏهن پنهنجا ڏک بيان ڪن ٿا ته لڳي ٿو ڄڻ خوشيون انهن کان ڪوهين ڏور آهن.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment