شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

ايم ڪيو ايم پاران صوبي جو مطالبو


صبح 02 لڳي 10 منٽ -اربع 02 آڪٽوبر 2019  77 
image-1

ايم ڪيو ايم کي آئين جي آرٽيڪل 239 تي اعتراض ناهي، جيڪو وفاق کي آئين جي ڪنهن به فقري يا ان جي ڪنهن به شق ۾ ترميم ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو ۽ ان ئي آرٽيڪل يا فقري هيٺ ملڪي آئين ۾ ترميمون ٿينديون آيون آهن.

انهيءَ آرٽيڪل هيٺ ايوان ۾ آئين ۾ ترميم لاءِ هڪ بل پيش ڪيو ويندو آهي، اُهو ان وقت منظور ٿيندو آهي جڏهن ان جي حق ۾ قومي اسيمبليءَ جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ووٽ ڏئي. تنهن کان پوءِ اهو بل سينيٽ مان به ساڳئي طريقي يعني ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريتي ووٽ سان پاس ڪرائڻو هوندو آهي، جنهن کان پوءِ ان کي حتمي منظوريءَ لاءِ ملڪي صدر ڏانهن اماڻيو ويندو آهي. صدر جڏهن ان بل تي صحيح ڪندو آهي ته ان کي قانون جي حيثيت ملي ويندي آهي، جنهن کي ڪنهن عدالت ۾ به چئلنج نه ڪري سگهبو آهي.


ايم ڪيو ايم قومي اسيمبليءَ ۾ جيڪو بل پيش ڪيو آهي، اُهو ان آرٽيڪل 239 جي شق 4 جي باري ۾ آهي. انهيءَ آرٽيڪل يا فقري جي شق 4 ۾ ڄاڻايل آهي: ”اهڙو ترميمي بل، جيڪو ڪنهن صوبي جي حدن ۾ ڦيرڦار يا تبديليءَ تي اثرانداز ٿيندڙ هوندو، اُهو ان وقت تائين صدر ڏانهن منظوريءَ لاءِ نه اماڻيو ويندو، جيستائين اُهو صوبائي اسيمبليءَ مان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان پاس نه ڪيو ويو آهي“


ان مان اِها ڳالهه چٽي آهي ته ايم ڪيو ايم اهو چاهي ٿي ته صوبائي مسئلن خاص طور ان جي وحدت ۽ سالميت جي حوالي کان مڪمل اختيار وفاق وٽ هجڻ گهرجي، جيڪا ڳالهه صوبن جي خودمختياريءَ جي لتاڙ آهي ۽ پاڻ وفاق لاءِ به هاڃيڪار آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جو وفاق تاريخي وطنن تي ٻڌل آهي، جن جون صدين کان وٺي جاگرافيائي حدون طئه آهن، جن اندر اُهي پنهنجيءَ تاريخ، ٻوليءَ، تهذيب، گڏيل سماجي ۽ معاشي قدرن سميت رهندا آيا آهن. انهيءَ آئيني فقري وسيلي ملندڙ اختيار جو غلط استعمال پاڻ ملڪي وفاق جي مضبوطيءَ کي ڪمزور ڪندو.


آئين مان اهڙي شق ختم ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ وفاق صوبن اندر مداخلت ڪرڻ لاءِ هر قسم جا فيصلا ڪري سگهي ٿو ۽ اها ئي ڳالهه ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ۽ اهو ئي اڪيلو رستو آهي، جتان ايم ڪيو ايم جي الڳ صوبي واري خواهش پوري ٿي سگهي ٿي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment