شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

ناول يا ڪھاڻي ڪيئن شروع ڪجي


صبح 03 لڳي 53 منٽ -آچر 29 Sep 2019  95 
image-1

ناول جي فن جي حوالي سان ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آھن، پر جنھن ڪتاب مون کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو، اھو آھي ڪيٿي ايڊنس ۽ لزا لپڪي جو ”دي ناول رائٽنگ ٽرينگ پلان: 17 اسٽپس ٽو گيٽ يور آئيڊياز اين شيپ فار دي مراٿان رائٽنگ، ھن ڪتاب جي پھرين باب ”اسٽارٽ وٿ يور اورجينل آئيڊيا“ مان ڪجھ ٽڪرا دوستن سان ونڊجن ٿا.

زندگيءَ جيان لکڻ دوران بھ ڪيترائي اھڙا سوال اڀرندا آھن جن جو ڪو ھڪ جواب نھ ھوندو آھي. جيئن پھرين ڇا آيو: آنو يا ڪڪڙِ؟ اھڙي ريت ناول جي حوالي سان بھ سوال اٿندو آھي تھ پھرين ڇا ھجي پلاٽ يا ڪردار؟ اوھان ڪن بھ ويھن ليکڪن کان اھو سوال پڇيو تھ ڪھاڻي لکڻ مھل اھي پھرين پلاٽ تي ڪم ڪندا آھن يا ڪردار تي؟ ان مان اوھان کي اھا خبر پوندي تھ اوھان کي ويھ الڳ جواب مليا آھن.

ڀلا ھڪ صبح جو اوھان ھڪ بھترين پلاٽ سان ننڊ مان جاڳي پئو يا ھڪ مڪمل ڪردار اوھان جي ذھن ۾ ڳالھائڻ لڳي، ان ھوندي بھ ھر ڪنھن کي شروع ڪرڻ لاءِ ھڪ بنيادي نقطي جي ضرورت پوندي آھي، ان کي سمجھڻ ضروري آھي، بھترين ڪھاڻيون جيڪي پرھندڙ تي ديرپا اثر ڇڏينديون آھن، انھن ۾ پلاٽ ۽ ڪردار ھڪ ٻئي سان سھني نموني ڳنڍيل ھوندا آھن.

                      اوھان کي ھڪ خيال جي ضرورت آھي:

اوھان کي سڀ کان پھرين جنھن شيءَ جي ضرورت آھي، اھو آھي ھڪ اھڙو خيال جيڪو اوھان جو پنھنجو ھجي (original idea). اوھان ڪھڙي قسم جي ڪھاڻي لکڻ وارا آھيو؟ ھڪ رومانوي ڪھاڻي، جاسوسي ۽ تجسس سان ڀريل ڪھاڻي؟ مزاح يا ڏکائيندڙ ڪھاڻي. پنھنجي ھيرو ۽ ولن جو ڪردار صحيح نموني جوڙڻ لاءِ اوھان کي اھا خبر ھجڻ گھرجي تھ اوھان جي ڪھاڻي ڪھڙو رخ وٺڻ واري آھي.

                               خيال ڪٿان شروع ڪجي:

ڪيترا ئي ليکڪ اھڙا آھن جيڪي عام خاڪو جوڙڻ لاءِ ”جيڪڏھن ائين ھجي تھ ڇا ٿيندو“ (what if) سينريو کان ڪم وٺندا آھن.

جيڪڏھن ھڪ ننڍڙو ڇوڪرو جنھن کي چشمو پاتل آھي کي خبر پئي تھ ھو جادوگر آھي، تھ ڇا ٿيندو؟ تصور ڪريو جي ڪي رولنگ ماڻھن سان ڀريل ريل گاڏي ۾ ويٺل آھي ۽ اوچتو سندس ذھن ۾ ھڪ اھڙي ڇوڪري جنھن کي خبر نھ آھي تھ ھو جادوگر آھي جو خيال اچي ويو.

وليم گولڊنگ لارڊ آف فلائس جي باري ۾ پھريون ڀيرو سوچيو ھوندو تھ ضرور سندس ذھن ۾ خيال آيو ھوندو: جيڪڏھن ڪجھ نوجوان بنا ڪنھن پڪي عمر واري جي نگراني جي ھڪ ٻيٽ تي پھچي وڃن تھ ڇا ٿيندو؟ ھڪ ڀيرو اوھان جي ذھن ۾ اھو شروعاتي خيال اچي ويو تھ اھو اوھان جي پلاٽ کي پختو ڪندو ھلندو ۽ اوھان کي اھو ڄاڻڻ ۾ مدد ڏيندو رھندو تھ ڪھڙي مھل تي ڪھڙي قسم جو ڪردار صحيح ردعمل ڏيندو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment