شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

دادي سورڳ ۾ هيرآباد ٻيهر گڏجي اڏينداسين


شام 07 لڳي 02 منٽ -ڇنڇر 14 Sep 2019  117 
image-1

سنڌ جي سڪيلڌي سٻاجهڙي ڌي هيرآباد جي هير، حيدرآباد جي حور شاهه، سچل ۽ سامي جي سورمي اسان جي ڏاهي روشن خيال هڪ صدي جي علم جي جوت دادي ليلان جو جنم 20 ڊسمبر 1916ع حيدرآباد ۾ ٿيو، سندس والد هوتچند واڌواڻي 1922ع ۾ حيدرآباد جي علائقي ڇوٽڪي گهٽي ۾ رهندو هو، جتان پوءِ لڏي ان وقت جي حيدرآباد جي ٿڌين هوائن واري علائقي هيرآباد ۾ گهر ٺاهي رهڻ لڳو، دادي ليلان ورهاڱي جا اندوهناڪ منظر اکين سان ڏٺا.

ان کي پنهنجي ڌرمي ڀائين پريوار سميت گرو ساڌو واسواڻي جي حيدرآباد ڇڏي وڃڻ تي سخت صدمو رسيو ,ساڌو واسواڻي جي تصوير سندس ڪمري ۾ اڄ ڏينهن تائين موجود آهي. ورهاڱي دوران سندس 6 ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ انڊيا هليا ويا، پر سندس والد ڪنهن به صورت سنڌ ڌرتي کي ڇڏڻ پسند نه ڪيو، انهي ڪري ڪيتري عرصي تائين کيس ۽ والد کي سخت مشڪلاتن ۾ گذارڻو پيو.

سندس والد 1953ع ۾ هيرآباد واري گهر ۾ ئي ديهانت ڪري ويو. دادي ليلان 18 اپريل 1954ع ۾ ڊاڪٽر تلسيداس هيرچنداڻي سان ڦيرا پائي وهانءُ رچايو، جيڪو ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر طور رٽائرڊ ٿيو، سندس اولاد ۾ صرف هڪ پٽ پرديپ ڪمار آهي، جيڪو پڻ ڊاڪٽر آهي، دادي ليلان چئن سالن جي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ 7 سالن جي ڄمار ۾ هارمونيم وڄائڻ سکي، هن جي ٽريننگ ڪاليج فار وومين جي پروگرام ۾ راڳ ٻڌڻ کانپوءِ ان دور جي تعليم واري وزير سائين جي ايم سيد کيس ميوزڪ ٽيچر طور مقرر ڪيو، ان وقت سندس پگهار 35 روپيا هئي، دادي ليلان جيجي زرينا بلوچ، ماسٽر چندر ۽ ٻين راڳين سان گڏ فن جو مظاهرو پڻ ڪيو.هو جيجي زرينه بلوچ ۽ روبينه قريشي جي استاد هئي جن کي راڳ جي سکيا ڏنائين.

دادي دل جي سخي نوجوان غريب نياڻين لاءِ ڏاج جو بندوبست ڪرڻ فلاحي ڪمن ۾ اڳڀري هئي .دادي ليلان جا سائين جي ايم سيد سائين جويي صاحب مولانا غلام مصطفئ قاسمي پير حسام الدين راشدي شيخ اياز سائين غلام مصطفئ شاهه سان روح جا رشتا هوندا هئا جيڪي پيار مان کيس دادي سڏيندا هئا.مون کي فخر آهي ته آئون سندس پاڙيسري رهيو آهيان. اڪثر صبح جو ساڻس ملاقات ڪندو هئس. دادي سدائين پنهنجا پراڻا گيت قصا ٻڌائيندي رهندي هئي.هر سال هولي جي مٺائي گهر جي ٺهيل ڏيندي هئي ته سائين غلام مصطفئ شاهه جي ڪراچي واري گهر پهچائڻ جو ڪم مون مٿان رکيل هو.هو هندوستان پنهنجي ڀائرن سان ملڻ ته ويندي هئي پر سنڌ سان عشق جي انتها اها هوندي هئس چوندي هئي متان اتي بيمار ٿي پوان ۽ ساهه نڪري ته سنڌ کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس.

آخري ڀيرو 1998ع ۾ ڀائرن سان ملڻ ڀارت وئي هئي، جنهن کانپوءِ ڀائرن سان نه ملي سگهي، جڏهن ته هيرآباد وارو گهر اڄ ڏينهن تائين دادي ليلان جو گهر بڻيل آهي.هو ورهاڱي کان اڳ واري هيرآباد کي ياد ڪري ڏکاري ٿي ويندي هئي. دادي اسان جي سنڌ جو فخر آهي.سندس خدمتون سنڌ جي تاريخ ۾ سنهري اکرن سان محفوظ رهنديون.دادي جي يادگار سماڌي سندس درسگاهه ۾ نشاني طور ٺهرائي وڃي جيئن ايندڙ نسلن کي اسان جي انهي ليجنڊ جي ڄاڻ ملي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment