شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 22 - نومبر - 2019ع

ڊجيٽل اسپيس: انسان جي چوٿين وڏي ڪھاڻي


صبح 11 لڳي 56 منٽ -اڱارو 27 آگسٽ 2019  196 
image-1

يوال نوحا ھراري سندس تازي ڪتاب ”ٽوينٽي ون ليسنس فار ٽوينٽي فرسٽ سينچري“ جي پھرين باب ۾ لکي ٿو تھ انگن، اکرن ۽ حقيقتن جي ڀيٽ ۾ انسان سدائين ڪھاڻين ۾ سوچڻ پسند ڪندو آھي، ويھن صديءَ ۾ انسان وٽ ٽي وڏيون ڪھاڻيون ھيون، فاشسٽ ڪھاڻي، ڪميونسٽ ڪھاڻي ۽ لبرل ڪھاڻي. ٻين مھاڀ واري جنگ فاشسٽ ڪھاڻي کي لوڙھي وئي ۽ 1940 کان 1980 واري ڏھاڪي تائين دنيا ڪميونسٽ ۽ لبرل ڪھاڻين جي وچ ۾ ويڙھ ڏٺي ۽ نيٺ ڪميونسٽ ڪھاڻي بھ ھارائي وئي، جنھن کانپوءِ باقي وڃي لبرل ڪھاڻي بچي، پر بايو ٽيڪنالاجي ۽ بايو انفارميشن کانپوءِ لبرل ڪھاڻي بھ آخري پساھن ۾ اچي پھتي ۽ ھاڻي وري دنيا ھن نئين ڪھاڻي پٺيان لڳي آھي جنھن کي ”ڊجيٽل اسپيس“ سڏجي ٿو.

مون کي تھ لڳي ٿو اھي ڪھاڻيون اسان جھڙن ڏتڙيل سماجن کي وڌيڪ ڀت سان ھڻڻ لاءِ گھڙيون وينديون آھن، جيئن اسان ترقي آفتا ملڪن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيھڻ بدران سندن غلام ئي رھون. ھاڻي اسان ڪميونيسٽ ڪھاڻي جو ئي مثال وٺون، ان دور ۾ جڏھن ڳاڙھي انقلاب کي دنيا پاڙان پٽي اڇلائي رھي ھئي تھ اسان جا ھتي وارا ڳاڙھي انقلاب جا حمائتي دوست جون جولاءِ ۾ بھ سنڌ جي تپندڙ سج ھيٺان ڪوٽ پائي گھمندا ھئا ۽ روس ۾ ويٺل ڳاڙھن انقلابين سان ايڪي جو ثبوت ڏيندا ھئا، پوءِ خبر پئي تھ ڳاڙھو انقلاب ئي نھ رھيو آھي ۽ ڪو ڪيڏانھن ويو تھ ڪو ڪيڏانھن. اھڙي ريت جڏھن باقي سموري دنيا لبرل ڪھاڻي مان بھ بيزار ٿي پئي تھ اسان وٽ اين جي او جا لشڪر اچي ڪڙڪيا ۽ اسان کي لبرل ٿيڻ جو درس ڏيڻ لڳا.

ھاڻي وري اسان جا دوست ھر پاسي کان اٿي اھي رڙيون پيا ڪن تھ اسان جي قوم کان ويندي سياست، ٻوليءَ کان ويندي ادب ۽ علم کان ويندي تعليم کي رڳو ٽيڪنالاجي ئي بچائي سگھي ٿي ٻيو ڪو حل ئي نھ آھي بس، جيئن تيئن ڪري ھر شيءَ کي ڪمپيوٽر جي دٻڙي ۾ بند ڪريو، نھ تھ پاڻ واري قوم وئي تباھ ٿي ۽ پاڻ واري تعليم ۽ ٻولي ويندي مري. ڪجھ دوستن تھ رکي رکي اھڙي دعوا ڪئي جو اسان جي دماغ مان ٽڪاءُ ئي نڪري ويا. دوستن چيو ايندڙ پنجن سالن ۾ دنيا پني کان آجي (paper-less) ٿي ويندي، وارو ڪريو ھر شيءَ کي ٽيڪنالاجي جي ڄار ۾ ڦاسايو ۽ اسان وارا ماڻھو وري انھن دوستن کي سنڌي ٻوليءَ ۽ تعليم جو ڪو مسيع سمجھي ھنن کي سونا تاج پرائڻ لڳا. جنھن مان صاف ظاھر آھي تھ اسان منطق واري (rational) قوم بدران جذباتي (emotional) قوم آھيون، بس جنھن بھ ڪو جذباتي نعرو ھنيو تھ نھ ڏسنداسين اڳ نھ وري پڇ ۽ لڳي پونداسين ان نعري جي پٺيان. ڪنھن بھ اھڙي دعوا ڪندڙ دوستن کان اھو نھ پڇيو تھ بابا سائين ھي جيڪا اوھان ڳالھ پيا ڪريو ان جو ڪھڙو ثبوت آھي، اوھان ڪھڙي تحقيق جي بنياد تي اھا ڳالھ پيا ڪريو، ڪھڙن ماھرن اھا ڳالھ ڪئي آھي؟ نھ نھ بس دوستن رات خواب ڏٺو تھ دنيا پنجن سالن ۾ پني کان آجي ٿي ويندي، وارو ڪريو ٻوليءَ کي ٽيڪنالاجي وسيلي بچايو، نصابي ڪتابن بدران ٽيبليٽ استعمال ڪريو، نھ تھ سنڌي قوم جو ٻار پڙھي ڪونھ سگھندو ۽ اسان ھنن جي پيٺان ھاءَ گھوڙا ۾ لڳي وياسين... سچ تھ اھو آھي سندن اھڙي دعوا کي ڇھون سال آھي ۽ دنيا اڃا بھ پني مان آجي نھ ٿي سگھي آھي.

ان جو اھو مطلب نھ ورتو وڃي تھ ڪو مان ٽيڪنالاجي خلاف آھيان يا ان جي استعمال نھ ڪرڻ جي سفارش ڪندس، پر مان رڳو اھو ٿو چوان تھ ٽيڪنالاجي کي باقي دنيا جيان ھڪ ٽول طور استعمال ڪيو وڃي نڪي ھر شيءَ جي متبادل طور. اسان ٻوليءَ جي حوالي سان ۽ ان جي بچاءُ جي حوالي سان مختلف پليٽ فارمن تي اڳ بھ ڳالھائي چڪا آھيون ۽ اسان دليلن سان اھو ثابت ڪيو آھي تھ رڳو اھو چوڻ تھ ھاڻي ٽيڪنالاجي ئي ٻولي کي بچائيندي اھو سراسر غلط آھي، ٽيڪنالاجي ھڪ ٽول آھي ۽ ان کي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ صحيح نموني استعمال ڪيو وڃي.

ھتي مان تعليم ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال جي حوالي سان سڌريل ملڪن ۾ ٿيل ڪجھ ماھرن جي تحقيق جو حوالو ڏيڻ گھران ٿو، ھي تحقيق ان سوال تي ڪئي وئي تھ: ڇا ڪلاس روم ۾ روائتي ڪتاب کان وڌيڪ ٽچ اسڪرين ٽيبليٽ ڪارئتو آھي يا نھ؟

ان حوالي سان 24 اپريل 2019 تي اسٽيڊي انٽرنيشنل.ڪام ھڪ تحقيقي رپورٽ پڌري ڪئي آھي، جنھن ۾ ڄاڻايو اٿس تھ: ڪلاسن ۾ ڪجھ مخصوص ٽيڪنالاجين جي استعمال سان ٻارن جي سکڻ واري صلاحيت کي متاثر ڪيو آھي، جڏھن تھ آئيرلينڊ سميت دنيا جي ڪيترن ئي سڌريل ملڪن جي اسڪولن ٽچ اسڪرين ٽيبليٽن بدران وري روائتي ڪتاب جو مان پڙھائڻ شروع ڪيو آھي. ھنن يونيورسٽي آف لئيم رڪ (University of Limerick) جي ٽيڪنيڪل ڪميونيڪشن اينڊ انسٽرڪشنل ڊزائن جي ليڪچرار ڊاڪٽر اين مارڪس ڪوئن (Dr. Ann Marcus-Quinn) جو حوالو ڏيندي لکيو آھي تھ ٽيبليٽ وسيلي درسي عمل سان ٻارن جو تخيل ۽ شين تي غور ويچار ڪرڻ واري قوت گھٽجي وڃي ٿي. ھن جو چوڻ آھي تھ ٽيبليٽ مختصر لکيل مواد لاءِ تھ ٺيڪ آھي پر ان تي ڊگھو مواد پڙھڻ ٻار پوري طرح سبق ۾ لکيل ڳالھيون نٿو سمجھي سگھي ڇو جو ان دوران سندس ڌيان رڳو ڪي ورڊس ڏانھن ئي ڇڪجي وڃي ٿو.

ڊاڪٽر اين انھيءَ تحقيق وڌيڪ ڄڻائي ٿي تھ جيتوڻڪي اسان کي لڳي ٿو تھ ٽيڪنالاجي وسيلي اسان ٻارن کي ساڳئي تربيت ڏئي رھيا آھيون پر ائين نھ آھي ان سان ٻار جي تنقيدي حس متاثر ٿي وڃي ٿي. ھوءَ وڌيڪ ڄاڻائي ٿي تھ سکڻ واري عمل جي سڀ کان اھم ڳالھ اھا آھي تھ شاگرد کي اھو موقعو ڏنو وڃي تھ ھو پنھنجي سامھون ڏسندڙ شيءَ کي پنھنجي تصور ۾ آڻي ان جي ڀيٽ ڪري، جيئن تھ روائتي ڪتاب سان شاگرد کي اھو موقعو ملي ٿو تھ ھو جسماني طور ڪتاب جي ويجھي رھي ٿو جنھن سان ھو اسڪرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آساني سان سکي وڃي ٿو. ھن اھو بھ ڄاڻايو آھي تھ ٽيڪنالاجي جو ڪنھن حد تائين تھ فائدو وٺي سگھجي ٿو پر اھا پوري طرح روائتي ڪتاب جي متبادل نٿي سگھي.

اھڙي ريت ٻارن جي سينسري پرسيپشن (Sensory Perception) جي حوالي سان ڪيل تحقيق ۾ بھ ڄاڻايو ويو آھي تھ کي جيترو آزاد ڇڏيو ويندو سندس حسون وڌيڪ سٺي نموني ڪم ڪري سگھنديون، ان جي ڀيٽ ۾ ٻار کي قيد ڪري سندس ھٿ ۾ ٽيبليٽ ڏيڻ سان سندس اھي حسون بھ متاثر ٿين ٿيون.

ان لاءِ مان تھ اھو ئي سمجھان ٿو تھ ڊجيٽل اسپيس جيڪا انسان جي چوٿين وڏي ڪھاڻي بڻجي چڪي آھي ان کي پاڻ تي حاوي ڪرڻ بدران منطقي (rational) ٿي سوچڻ گھرجي ۽ ٽيڪنالاجي کي ايتري ئي اھميت ڏجي جيتري اھا لھڻي، ان کي ھر شيءَ جو متبادل سڏڻ سان ھنن دوستن کي وقتي طور شھورت ۽ ٻيا فائدا تھ ملي سگھن ٿا، پر اڳيان ھلي ان جا اڻڳڻيا نقصان ٿيندا جن جو ازالو سموري قوم کي ڀرڻو پوندو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment