شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

ٻاراڻي ادب لاءِ جاکوڙيندڙ اويس ڀٽو


شام 03 لڳي 24 منٽ -خميس 01 آگسٽ 2019  226 
image-1

دنيا ۾ ٻاراڻي ادب جي حوالي سان وڏو ڪم ٿي رھيو آھي، ٻارن جي ذھني واڌ ويج لاءِ ڪھاڻيون، ناول تورڙي ڪارٽون ڪردار ٺاھيا ويندا آھن. اھڙي ريت سنڌي ۾ بھ ٻاراڻي ادب جي حوالي سان سٺو ڪم ٿيندو آيو آھي، ڪنھن دور ۾ ٻاراڻيون تنظيمون جھڙوڪر لطيف سنگت، چيڻگ، سجاڳ ٻارڙا تحريڪ وغيرھ ٻارن جي ادب ۽ سماجي ڪردار جي حوالي سان وڏو ڪم ڪنديون رھيون. پر ڪجھ عرصي کان سنڌي ۾ ادب جي ھن اھم مورچي کي نظرانداز ڪيو ويو. ھاڻي ھڪ وڏي خال کانپوءِ وري ڪجھ ليکڪ آھن جن ٻاراڻي ادب جي حوالي سان جاڪوڙ شروع ڪئي آھي. انھن نالن مان ھڪ نالو اويس ڀٽو جو بھ ملي ٿو.

اويس ڀٽو جو پورو نالو اويس احمد ڀٽو آهي، سندس والد جو نالو ارشاد احمّد ڀٽو آهي، 23- جنوري 1988ع ۾ ڳوٺ مبارڪپور تعلقي ٺُل، ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان 1999ع ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 2004ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مبارڪپور مان ڪري انٽر ۽ گريجوئيشن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺُل مان ڪيائين، ان کان بعد ايم.اي سنڌي، بي.ايڊ ۽ ايم.ڊي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. ايم.فل سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سنڌ مان ڪري رهيو آهي.

اويس ڀٽو لکڻ جي شروعات 2003ع کان ڪئي جڏهن هو نائين ڪلاس ۾ پڙهندوهو، سندس پهرين لکڻي ”اڳي ويچار ڪر“ 2003ع ۾ ماهوار ”ساٿي“ رسالي ۾ ڇپي. ان کان علاوه سنگتي، سنڌي ٻارڙا، ٻارن جي دنيا، تحفو، ٻالڪ دنيا، گلڙا، مهراڻ، عبرت مئگزين، تخيل، اُتساهه، ڪاوش مِڊ ويڪ، ڪاوش دنيا، دِي ڪيڊٽ، نونهال ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۾ لکيائين. ان کان سواءِ سنڌ مان نڪرندڙ اخبارن جهڙوڪ: ڪاوش، ڪوشش، عبرت، عوامي آواز، تعميرِ سنڌ، سنڌ ايڪسپريس، سوڀ، سُڪار، غريب نواز ۽ ٻين ۾ مسلسل سندس لکڻيون ڇپجنديون رهن ٿيون.

اويس ڀٽو هونئن ته نظم جي لکڻ جي شروعات نظم کان ڪئي پر نثر ۾ پڻ هُن پاڻ موکيو آهي. نثر ۽ نظم ۾ سندس ڇپيل ڪتاب هِي آهن:

1. جهرڪيءَ کان انٽرويو (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) 2012ع

2. گلن مُٺ (مضمون) 2013ع

3. رانديڪو (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) 2014ع

4. تعليمي ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪجي؟ (تعليم) 2014ع

5. پيارَ جو پيرڊ (ڪهاڻيون) 2015ع

6. مِٺي ڳالهه (مضمون) 2015ع

7. ٻَهه ٻَهه ڪندڙ ٻالڪ (ٻاراڻي شاعري) 2016ع

8. ڪاميابيءَ جو رازُ (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) 2016ع

9. دنيا جي حقيقت (مذهب) --2018 ،

10. سمنڊ ڪنارن جي ٻولي (شاعري) --2018

11. مٺي ڳالھ (ٻارن لاءِ مضمون) 2019

12. جيءَ جيارو (سيرت نبوي) 2019

13. سبق (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) --2019

14. اڻ توريو اگھائيو (سوانحي ادب)

سندس پنج ڪتاب ڇپائيءَ جي مختلف مرحلن ۾ آهن.

اويس ڀٽو عملي زندگيءَ جي شروعات 2006ع گل ماڊل ڪاليج جيڪب آباد ۾ پڙهائڻ کان ڪئي. ائين هو مختلف ادارن ۾ پڙهائيندو رهيو. 2014ع کان 2016ع تائين ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرار طور پڙهايائين. ان کان پوءِ هو سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ سنڌي جي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور ڀرتي ٿيو، جتي اڄ تائين دَرسي ڪتابن جي سَنوارَ ۽ سُڌار جون ذميواريون ڏيندو پيو اچي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment