شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

سوشل ميڊيا خانه بدوش ڪيفي لاءِ ڇا ٿي چوي؟


شام 03 لڳي 40 منٽ -آچر 21 جولاءِ 2019  245 
image-1


ڪجهه ڏينهن کان خانه بدوش رائٽرز ڪيفي جي حوالي سان حڪومت ۽ خانه بدوش هلائيندڙ ڌر ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته اها هڪ سرڪاري جاءِ آهي تنهنڪري اهو سنڌ حڪومت جو اختيار آهي ته ان کي ڪنهن به وقت خالي ڪرائي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو چلڊرين پارڪ آهي ۽ ان ڪري هاڻ ٻارڙن لاءِ لائبريري قائم ڪئي ويندي. ان حوالي سان سنڌ جي ساڃاهه وندن ۾ هڪ بحث هلي پيو آهي.

سوشل ميڊيا تي خانه بدوش ڪيفي جي حق توڙي مخالفت ۾ ڳالهيون اچي رهيون آهن. اسين پيچرو جي پڙهندڙن لاءِ اهي شيون پيش ڪريون ٿا.

 

مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح جو ڪهڙو تعميري ڪم آهي، سواءِ نوجوانن کي بگاڙڻ ۽ انهن کي پنهنجي اجاين مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي. اهي نوجوانن کي همٿائينديون نه بلڪه انهن جي راهه ۾ رنڊڪون پيدا ڪنديون آهن. جيستائين خانه بدوش جو تعلق آهي ته عوام لاءِ ان کي پارڪ طور استعمال ڪرڻ جي اجازت هئي. جڏهن ته ان جي مين بلڊنگ امر سنڌو ۽ انهن جي دوستن جي پارٽي لاءِ استعمال ٿيندي هئي.

(سنڌو نواز گهانگرو)

 

خانه بدوش تي ڀلي ڪنھن ھڪ گروپ جو قبضو رھيو ھجي، پر عورت دشمن سماج خلاف ويڙهه جو ھڪ ننڍڙو محاذ رھيو آھي, ان کي اڪيلو نٿو ڇڏي سگھجي.

(ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو)

خانه بدوش بحال ڪيو: اها مزاحمتي اديبن جي نه پر ثقافتي آفيم جي نشئي-ميلائي اديبن، مايوس قومپرستن ۽ تاڙو ڪميونسٽن جي آخري پناهگاهه آهي.

(منظور سولنگي)

خانه بدوش کي کڻي ختم ڪريو!

مهانگي منرل واٽر جا مهڻا ڏئي خانه بدوش خلاف لکندڙ ماڻھن سان مون کي بحث ڪرڻ نٿو اچي. البت آئون رڳو خانه بدوش سان لاڳاپيل پنهنجون ڪجھه يادگيريون بيان ڪريان ٿو. اسان به هڪ ڏينهن عمر قاضي ۽ اعجاز منگيءَ سان گڏ مرحوم نور احمد کوجه جي ياد ۾ خانه بدوش تي هڪ پروگرام ڪيو، جنهن ۾ عرفانا ملاح شريڪ ٿي ۽ حَسين مسرت سڄو هفتو پنهنجي ساٿي سهيلين کي شرڪت لاءِ ميسيج ڪندي رهي.خير پروگرام ته اهڙو ٿيو جو مهمانن کي ويهڻ لاءِ جاءِ به نٿي ملي پر اختتام تي بل ڏيڻ مهل حَسين مُسرت چيو، ”امر سنڌوءَ چئي وئي آهي ته هال جي چارجز ناهي وٺڻي جڏھن ته چانهن ۽ ريفريشمينٽ به اسان جي طرفان آهي، اوهان رڳو ٻاهران گهرايل ايڪوسائونڊ واري کي پاڻ پئسا ڏيو.“

(شوڪت ميمڻ)

خانه بدوش معنيٰ جنهن جو ڪوبه مستقل ٺڪاڻو نه هجي، سو حيدرآباد جي خانه بدوشن کي به وري ٻئي هنڌ ٺڪاڻو ٺاهڻ کپي. جيڪڏھن واقعي به خانه بدوشي آھي ته. باقي خانه بدوشي ناهي ۽ مستقل طور سنڌ ميوزم وٽ جڳھه کپي ته پوءِ ٺيڪ آھي. باقي ميلائي وزير ٻارڙن لاءِ لائبريريون ٺھرائيندو اهو ڏسنداسين.

(نجيب چانڊيو)

خانه بدوش تي ايڏو ضد ڇو؟ٻارڙن جي لائبريري تي اعتراض نه ڪرڻ کپي مون به بنا سرڪاري جاين جي پنجاهه پروگرام ڪيا آهن، توهان به ڪري سگهو ٿيون.

(آچر خاصخيلي)

خانه بدوش جي ڪڍ جيڪو ڌمچر ۽ فساد ٿيو آھي، ان جو اصل ذميوار “شيخ اياز“ آھي. جيڪڏھن خانه بدوش“ اياز ميلو“ نہ ڪرائي ها ۽ ان کي ايڏي وڏي موٽ نہ ملي ها تہ شايد اهي رڙيون - چيخون ۽ ھينگون ڪڏھن بہ ڪونہ ٿين ها، جيڪي اڄ سوشل ميڊيا يا پرنٽ ميڊيا تي پيون ٿين. اصل ۾ ثقافت کاتو خانه بدوش تي ڪاوڙيل ناهي پر هو ڪاوڙيل ان گروپ تي آھي، جيڪو شاندار اياز ميلو ڪرائي ٿو ۽ ثقافت کاتي کي وري گاهه ئي ڪونہ ٿو وجهي.

(اعجاز سمون)

ٻارڙن جي پارڪ کي خانه بدوش جو نالو ڏئي سڄي پارڪ کي هوٽل بڻائي ڇڏيو.خانه بدوش هوٽل ٻئي هنڌ کولي ٻارڙن جو پارڪ خالي ڪريو.

(ايلسا بلوچ)

خانه بدوش سان هر قدم تي گڏ آهيون. اسين چاهيون ٿا ته هي ادبي ۽ علمي جاءِ جتي اياز جا ميلا لڳن. مختلف اديبن سان رهاڻيون ٿين، اهو سنڌ جي نوجوانن لاءِ سهائي جو سج هجڻ کپي. ان لاءِ پرزور اپيل ٿا ڪيون ته خانه بدوش کي بحال رکيو وڃي.

(علي اڪبر نائچ)

خانه بدوش بند نه ٿيڻ کپي ڇو ته سنڌ جي ترقي رڪجي ويندي. ان اسان کي رات جي اونداهي ۾ وڏا ليکڪ اديب دانشور شاعر ڏنا آهن.

(گل لغاري)

سردار شاهه نه تعليم سڌاري سگهيو نه ئي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪري سگهيو پر مرشد خانه بدوش بند ڪرائي وڏو تير هنيو وڃي.

(شاهنواز خاصخيلي)

قبضا خور ڪير ملو هجي، وڎيرو هجي يا ڪو پروفيسر، اسان ڪنهن به صورت ۾ سندن حمايت نه ڪنداسين، خانه بدوش کي انهي صورت ۾ زنده رکڻو آهي ته اهو لازمي ناهي سنڌ ميوزيم جي اندر ٻارڙن جي پارڪ ۾ ئي هجي، اوهان ان کي ڪنهن ٻئي هند به ٺاهي سگهو ٿا، مهرباني ڪري ٻارن جا دشمن نه ٿيو ۽ هتي ٻارن جي لائبريري ٺاهڻ ڏيو ۽ ثقافت کاتو سنڌ جي ماڻهن کي اها پڪ ڏياري ته هن جڳهه تي لائبريري ئي ٺهندي.

(ذوالفقار کوسو)

پوليس جي چڙھائي چئي ايترو خوف ھراس پکيڙيو اٿن جو اڄ رات ايندي وقت ڪيفي جي ملازمن چيو: پويان پوليس ٻڌي وڃي ته مالڪي ڪجو.

(امر سنڌو)

مونکي سمجهھ ۾ نه ٿو اچي ته ڊي جي ثقافت کاتي خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي کي خالي ڪرائڻ لاءِ پوليس کان مدد ڇو طلب ڪئي آهي، ڪھڙيون بلٽ پروف گاڏيون آرمڊ سيڪيورٽي گارڊ خانه بدوش ڪيفي تي حفاظت لاءِ بيهاريا ويا آهن جو ڊڄن ٿا ته متان سخت مقابلو نه ٿي پوي. ننڍڙي تالي ڏنل هڪ ڪمري جي ڪيفي ۾ ڏهه کن ٽيبلون، ٽيهه پنجٽيهھ ڪرسيون ڪجهه ادبي ڪتاب، ڏيهي ۽ پرڏيهي اديبن جا ڪجهه پورٽريٽ ٻه هالا جا سوفا سيٽ آهن. سو رات پيٽ ۾ تالو ڀڃي ان سڄي سامان کي ٻاهر اڇلائي اچي ويهي رهن ۽ ها ٻي به ڪا نامناسب ناجائز ۽ عياشين لاءِ استعمال ٿيندڙ شيءِ انهن کي ملي وڃي ته پوليس وانگر پريس ڪانفرنس ڪري اها به سنڌ واسين کي ڀلي ڏيکارين ته هتي ڪھڙي بي راهه روي پئي ڦهلائي وئي.هونئن بهسڀ انتظاميائون هنن سان گڏ آهن خانه بدوش ڪيفي سان صرف قلم ۽ ڪجهه دوست گڏ آهن .

(رخسانه پريت)

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment