شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 18 - جولاءِ - 2019ع

درياهن جي آزادي


شام 07 لڳي 42 منٽ -جمعو 21 جون 2019  75 
image-1


هلندڙ مهيني جون جي ٻارهين تاريخ درياهه سان پيار ڪندڙ مون جهڙن ماڻهن جي عيد جو ڏينهن هو. اهو ڏينهن يورپ جي تاريخ ۾ نئين جاڳرتا ۽ درياهن سان محبت جي ڏينهن طور هميشه ياد رکيو ويندو. ان ڏينهن هڪڙي شاندار واقعي جو بنياد رکيو ويو آهي. ٿيو ايئن جو ڪجهه بلڊوزر سيليوني نديءَ جي سڪل پيٽ ۾ لٿا ۽ مٿي هلندا ان هنڌ تي اچي پهتا، جتي سيمينٽ جي هڪڙي ڀت ان ندي جو پاڻي مٿي روڪيو بيٺي هئي ۽ هيٺ ندي سڪي ٺوٺ ٿي وئي هئي. بلڊوزرن جي مدد سان سيمينٽ جي ان ڀت کي ڊاهڻ جي شروعات ڪئي وئي. بلڊوزرن جي پهرئين لپي کي نه رڳو رڪارڊ ڪيو ويو پر ان جون تصويرون پڻ ڪڍيون ويون. اهو لپو ته ننڍڙو هو، پر ان ننڍڙي لپي تاريخ لکي ڇڏي، ڇو ته ان لپي سان سيليوني نديءَ تي ٺهيل وڏي ڊئم ويزنس کي ڊاهڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي.

فوٽو: گوگل

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي تاريخي واقعو انهن واقعن جو تسلسل آهي جنهن تحت سيليوني نديءَ کي ڊئمن جي قيد کان آزاد ڪيو ويندو ۽ مڇين سميت پاڻي جي ٻي جيوت کي سمنڊ مان ندي ۾ پهچڻ تي جيڪي رڪاوٽون کڙيون ڪيون ويون هيون سي سڀ هٽايون وينديون. جڏهن اهي ڊئم ڊهي ويندا ته سيلمن، بوهڻ ۽ ٻيون مڇيون سمنڊ مان مٿي چڙهنديون ۽ تاريخي مشهور مانٽ سينٽ مائيڪل کان اڳتي وڌي مٿي درياهه ۾ سفر ڪنديون، جنهن کي يونيسڪو عالمي ورثو قرار ڏئي چڪو آهي. مانٽ سينٽ مائيڪل يورپ جو مشهور سياحتي ماڳ پڻ آهي.

فوٽو: گوگل

ويزنس ڊئم ۽ ان سان گڏ لا روچي ڪوئي بوئت ڊئم کي ڊاهي ختم ڪرڻ سان نديءَ جو 70 ڪلوميٽرن تائين جو علائقو کلي ويندو، جنهن سان پاڻي جو معيار بهتر ٿيندو، هجرت ڪري ايندڙ سيلمن مڇي پنهنجا پراڻا پڊ وسائيندي، ۽ ان سان گڏ ندي جي ڪناري تي آباد ماڻهن ۽ ٻي جيوت کي فائدو رسندو.

فوٽو: گوگل

يورپين رورز نيٽورڪ جي صدر رابرٽو ايپلي جو چوڻ آهي ته ويزنس ڊئم کي هٽائڻ درياهن ڏانهن يورپ جي رويي ۾ تبديلي جو اهڃاڻ بڻجي سامهون ايندو، هاڻي ملڪ ۽ قومون نوان ڊئم ٺاهڻ بدران نديون بحال ڪري انهن کي زندهه ڪري رهيون آهن، جنهن سان جيون جي رنگارنگي واپس موٽي ايندي. هن جو چوڻ آهي ته ڊئم ختم ڪرڻ سان فطرت تيزي سان پنهنجي ماڳن تي موٽي ايندي، آئون ان ڏينهن جو بيچيني سان اوسيئڙو ڪري رهيو آهيان جڏهن سيلمن مڇي مانٽ سينٽ مائيڪل وٽان ترندي اڳتي وڌندي ۽ اهو تاريخي ڏينهن هوندو جو آخري ڀيرو جڏهن سيلمن مانٽ سينٽ مائيڪل کان اڳتي وڌي هئي تڏهن منهنجا ڏاڏا، نانا نوجوان هئا.

فوٽو: گوگل

تاريخي طور تي سيليوني ندي سيلمن مڇي جو گهر رهي آهي، جيڪا مانٽ سينٽ مائيڪل وٽ نديءَ جي منهن وٽان ترندي اڳتي درياهه ۾ مٿي هلي ويندي هئي، جتي اها لڳ ڪندي هئي ۽ بيضا ڏيندي هئي ۽ پنهنجي نسل جي واڌ ويجهه ڪندي هئي. پر درياهه تي ٻن ڊئمن جي تعمير سان سيلمن جي سفر تي پابندي لڳي وئي، جنهن ڪري انهن تي گذر سفر ڪندڙ مهاڻن جي زندگي به سخت متاثر ٿي. ساڳئي وقت سيلمن ۽ ٻي جيوت جي ختم ٿيڻ سان درياهه جي سياحتي ماڳ واري حيثيت کي پڻ وڏو ڌڪ لڳو. اهي ڊئم ختم ٿيڻ سان ندي بحال ٿيندي، اها وهندي هيٺ ويندي، جنهن ڪري سمنڊ مان سيلمن ۽ ٻي مڇي ۽ پاڻي جا ٻيا جانور درياهه ۾ مٿي ايندا، ان سان گڏ  جيون جي رنگا رنگي پڻ قائم ٿيندي، درياهه جي بحالي سڄي دنيا مان سياحن کي پڻ هن پاسي ڇڪي ايندي ۽ سير تفريح جا ٻيا ذريعا پڻ پيدا ٿيندا.

فوٽو: گوگل

هٿرادو رڪاوٽون (ڊئم ۽ بئراج) درياهن جو موت آهن. اهي درياهن کي ختم ڪري ڇڏين ٿيون. ايڪو سسٽم کي خطري سبب پاڻي تي آڌاريل جيوت جي زندگي تباهه ٿيو وڃي، مڇيون ۽ پکي لڏيو وڃن ۽ ٻيا جيو پنهنجا ماڳ ڇڏيو وڃن. ڊئمن ۽ بئراجن جي ڪري درياهن جي وهڪري ۾ پڻ تبديليون اچن ٿيون، جنهن ڪري مڇيون اپ يا ڊائون اسٽريم لڏپلاڻ ڪري پنهنجي نسل جي واڌ ويجهه نٿيون ڪري سگهن. نيچر رسالي جي تازي تحقيق موجب، دنيا جي وڏن درياهن مان رڳو ٽيون حصو درياهه ئي وڃي بچيا آهن، جن جا وهڪرا آزاد آهن، باقي سڀ درياهه ڊئمن ۽ ٻين رڪاوٽن جي ڪري پنهنجا آزاد وهڪرا وڃائي چڪا آهن.

فوٽو: گوگل

تحقيق ۾ سامهون آيو آهي ته سڄي دنيا ۾ مٺي پاڻي جي جيوت ۾ 1970ع کان وٺي هاڻي تائين 83 سيڪڙو لاٿ آئي آهي. انٽرنيشنل سائنس پاليسي پليٽ فارم آن بايوڊائيورسٽي اينڊ ايڪوسسٽم سروسز پنهنجي تازي رپورٽ ۾ تجويزون ڏنيون آهن ته ندين جي وهڪرن تان رڪاوٽون هٽائي ندين کي آزاد ڪيو وڃي ته جيئن فريش واٽر بايوڊائيورسٽي اڳتي وڌي سگهي.

ڊبليو ڊبليو ايف جي يوروپين پاليسي آفيس جي نيچرل ريسورسز جي سربراهه آندريز بوميولر جو چوڻ آهي ته اسان فرانس کي مبارڪون ڏيون ٿا ته اهو دنيا جي هڪڙي وڏي ڊئم کي ڊاهي رهيو آهي، جنهن سان مڇين ۽ پاڻي جي ٻي جيوت کي وري زندگي ملي سگهندي.

فوٽو:گوگل

اندازو آهي ته يورپ ۾ ندين تان ساڍا ٽي هزار رڪاوٽون هٽايون ويون آهن، جن ۾ اسپين ۾ گذريل سال هٽايل وڏو ڊئم پڻ شامل آهي. ايسٽونيا ۾ اٺن کان ڏهن ڊئمن کي ختم ڪرڻ واري تاريخي پروجيڪٽ تي ڪم هلي رهيو آهي، جنهن سان ندين جا 3 هزار ڪلوميٽرن کان وڌيڪ وهڪرا آزاد ٿيندا.

ورلڊ فش مائيگريشن فائونڊيشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر آريان برخوسين جو چوڻ آهي ته يورپ ۾ اڃان به هزارين پراڻا ۽ وقت کائي ويل ڊئم آهن، جن کي فوري طور ڊاهڻ جي ضرورت آهي. اميد آهي ته وڏن ڊئمن سان گڏ درياهن تي جيڪي ننڍيون رڪاوٽون آهن سي پڻ هٽايون وينديون ته جيئن سدا وهندڙ نديون آزاد ٿي سگهن.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment