شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

انوراڌا راءِ جو ناول دي فولڊڊ ارٿ


صبح 07 لڳي 54 منٽ -اڱارو 11 جون 2019  175 
image-1

انگريزي ادب ۾ ننڍي کنڊ جي اديبن جي حصي کي ڪير بھ نظرانداز نٿو ڪري سگھي، انگريزي ادب ۾ ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي اديبن پاڻ منايو آھي ۽ ننڍي کنڊ جي مقامي ٻولين سان گڏ انگريزي ٻولي ۾ تخليق ٿيندڙ ادب کي سموري دنيا ۾ وڏي اھميت ڏني وڃي ٿي. ان حوالي سان انوراڌا راءِ جو ھي خوبصورت ناول بھ پنھنجو مٽ پاڻ آھي. ڪنھن بھ ناول جي خوبصورتي جو اندازو ان ڳالھ مان ھڻي سگھجي ٿو تھ ڪھڙي نموني ليکڪ معامولي شين، ڳالھين ۽ واقعن کي غير معامولي نمومي پڙھندڙ آڏو رکي ٿو يا وري ڏورانھين شين کي پڙھندڙ جي صفا ويجھو آڻي بيھاري ٿو.

ھي ھن ليکڪا جو ٻيو ناول آھي، ان کان اڳ سندس ناول اين ايٽلس آف ايمپاسيبل لانگنگ ڇپيو، جيڪو ھن وقت تائين سورھن ملڪن ۾ چوڏھن مختلف ٻولين ۾ ڇپجي چڪو آھي جڏھن تھ ان ناول کي ورلڊ لٽريرچر ٽوڊي پاران موجودھ ھندوستان تي لکيل 60 اھم ناولن ۾ شمار ڪيو ويو آھي.

انوراڌا راءِ جو ٻيو ناول دي فولڊڊ ارٿ 2011 ۾ فري پريس وارن ڇپرايو آھي ۽ ھي ناول ڪيترن ئي ادبي انعامن لاءِ پڻ چونڊجي چڪو آھي، ھي ناول ٽن حصن ۾ ورھايل آھي ۽ اھو 253 صفحن جو ناول آھي.

ھن ناول جو مُک ڪردار مايا نالي ھڪ اھڙي نوجوان عورت آھي جيڪا گھران ڀڄي ھڪ مسيح مائيڪل نالي ھمراھ سان شادي ڪري ٿي، جنھن تي سندس پيءَ ڪاوڙجي ٿو پئي ۽ مرڻ گھري تائين وري ڪڏھن بھ ھن جو منھن نھ ڏسڻ جو وچن ٿو ڪري. مائيڪل کي جبل چڙھڻ جو شوق آھي ۽ شادي جي ٿوري وقت بعد ھو جبل چڙھڻ لاءِ نڪري ٿو، پر اتي سندس موت واقح ٿي وڃي ٿو، مايا کي ان ڳالھ جو ڏک رسي ٿو ۽ ھوءَ ماءُ پيءَ ڏانھن وڃڻ بدران رني کيت نالي ھڪ جابلو علائقي ۾ اچي رھي ٿي. جتي ھوءَ ھڪ ڪويننٽ اسڪول ۾ ماسترياڻي طور ڪم ڪرڻ شروع ٿي ڪري، پر ھوءَ اسڪول جي ھيڊ ماسترياڻي مسز ولسن کي سخت ناپسند آھي.

ناول جو ٻيو اھم ڪردار ديوان صاحب آھي، جيڪو ھن علائقي ۾ اثر وارو ماڻھو آھي، مايا ھن جي گھر ۾ ڪرائي تي رھڻ لڳي ٿي. سورج ڳڙھ جي نواب چاھيو ٿي تھ ھي علائقو آزادي کانپوءِ پاڪستان جو حصو بڻجي، پر ديوان صاحب ان رٿ جي مخالفت ڪري ٿو ۽ ھن جي خلاف غداري جو ڪيس ھلڻ لڳي ٿو، جڏھن تھ 1948 ۾ نھرو ھن علائقي جي دوري تي اچي ٿو ۽ ھن سان گڏ لارڊ مائونٽبيٽن جي زال ايڊوينا بھ اچي ٿي. ديوان صاحب جم ڪوربٽ نالي ھڪ انگريز ليکڪ جي زندگي تي ڪتاب پڻ لکي رھيو آھي. جڏھن تھ ڪجھ تاريخدانن ۽ صحافين جو اھو خيال بھ آھي تھ ديوان صاحب وٽ نھرو جا ايڊوينا ڏانھن ھٿ اکر لکيل ڪجھ خط آھن، جيڪي ڪنھن بھ ريڪارڊ ۾ نھ آھي ۽ اھي خط تاريخي حوالي سان وڏي اھميت وارا آھن، پر ھو سدائين ان ڳالھ کان انڪار ڪندو رھي ٿو تھ ڪو ھن وٽ اھڙا ڪي خط آھن.

ان کان پوءِ ناول ۾ وير بھ اھم ڪردار آھي، ھي ديوان صاحب جو پٽ آھي، پر پيءَ پٽ پاڻ ۾ نٿا ٺھن ۽ ھو الڳ رھي ٿو، وير کي ڪاروبار جو شوق آھي ۽ ھو سياحن کي جبلن جو سير ڪرائڻ لاءِ ھڪ ٽورسٽ ڪمپني کولي ٿو، وير ۽ مايا ھڪ ٻئي سان عشق ڪرڻ لڳن ٿا، پر اڳيان ھلي مايا کي خبر پئي ٿي تھ سندس مڙس مائيڪل جو موت حادثاتي طور نھ ٿيو پر اھو قتل ھو ۽ ان ۾ وير جو ھٿ ھو.

چارو نالي ڇوڪريءَ جو ڪردار بھ ناول ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو، ھوءَ عام رواجي جابلو ڇوڪري آھي جنھن کي لکڻ پڙھڻ ۾ ڪا دلچسپي نھ آھي، ھوءَ ڪندن سنگھ نالي ڇوڪري سان عشق ڪري ٿي، جيڪو اتان جي ھوٽل ۾ بورچي آھي، پر وڌيڪ پيسو ڪمائڻ لاءِ دلي وڃي ٿو ۽ اتان چارو کي خط لکي ٿو، جيڪي کيس مايا پڙھي ٻڌائي ٿي، پر ڪجھ وقت کان پوءِ خط اچڻ بند ٿا ٿين تھ چارو پنھنجي عاشق جي ڳولھا ۾ دلي نڪري وڃي ٿي.

جيتوڻڪي ھن ناول جي مرڪزي ڪھاڻي پيار محبت تي آڌريل آھي، پر ان ۾ مقامي سياست، سياست جي نالي ۾ مذھب جو استعمال ڪرڻ سان گڏ ھندوستان جي تاريخ جا حوالا سب پلاٽن طور رکيا ويا آھن. مثال طور انڪت روات نالي ھڪ نوجوان جيڪو اصل رني کيت جو رھواسي آھي پھريون ڀيرو چونڊن ۾ بيھڻ جو اعلان ٿو ڪري. ھو اميد سنگھ نالي مڃيل سياستدان سماھون چونڊون وڙھڻ جو فيصلو ڪري ٿو، اميد سنگھ اصل ننيتال جو آھي ۽ ھن وقت تائين ھن ھڪ بھ چونڊ نھ ھرائي آھي، ھو ھڪ انتھا پسند ھندو سياسي جماعت جو اڳواڻ آھي، ھو چونڊ مھم دوران ماڻھن جي مذھبي جذبن کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنھن جو مثال ناول جي صفحي 157 تي ملي ٿو:

”ھن چيو ھاڻي وقت اچي ويو آھي جو اسان جابلو علائقن کي ڌارين قبضا خورن جي باقيات مان ھميشھ لاءِ آجھو ڪرائي وٺون، اھي ڌاريا جن انگريزن جي دور ۾ ھندون جي قديم مندرن تي قبضو ڪيو ۽ انھن جي جاءِ تي ڪليسائون ۽ مسيتون اڏيون. ھندو ڌرم جي پولڳن کي ھروڀرو مذھبي جنوني چيو پيو وڃي، جڏھن تھ ھنن جو مقصد رڳو اھو آھي تھ اھي پاڻ کي ٻين مذھبن جي دھشتگرديءَ کان بچائي سگھن.“

اھڙي ريت اميد سنگھ اتان جي مسيح اسڪول تي اھو الزام ھڻائي تھ اسڪول ۾ ٻن ھندو ڇوڪرين جو زبردستي مذھب مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، اسڪول تي حملو ڪرائي ٿو.

ناول ۾ جابلو ماڻھن جي وھم پرستي کي بھ ڏاڍي سھڻي نموني ڏيکاريو ويو آھي، چارو جي پوڙھي ڏاڏي ٻڪرين جو کير وڌائڻ لاءِ ھڪ پوڄاري کان منتر وغيرھ پڙھائي ٿي، ھر ڏک درد لاءِ ڦيڻا ۽ ڌاڳا ڪرائي ٿي ۽ جڏھن چارو ھن جي پسند جي ڇوڪري سان شادي ڪرڻ کان انڪار ٿي ڪري تھ ھوءَ چئي ٿي تھ چارو ۾ جن اچي ويو آھي ۽ جن ڪڍرائڻ لاءِ ساڳي پوڄاري کان چارو لاءِ منتر پڙھائي ٿي.

ٿلھي ليکي منھنجي نظر ۾ ھي ھڪ بھترين ناول آھي جيڪو اسان کي جابلو علائقن ۾ رھندڙ ماڻھن جي زندگين کي سمجھڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. جڏھن تھ ناول جي ڪھاڻي مختلف رخ وٺندي رھي ٿي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment