شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 18 - آگسٽ - 2019ع

ائڊس بابت غلط ويچار


شام 05 لڳي 56 منٽ -سومر 03 جون 2019  105 
image-1

 

 

ائڊس، معاشري ۾ وڌندڙ بيراهه رويءَ ۽ فحاشيءَ ائڊس جهڙيءَ خطرناڪ بيماريءَ کي جنم ڏنو جنهنڪري هر سال هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿا تنهنڪري ضروري سمجهيو وڃي ٿو ته عام ماڻهن کي هن بيماريءَ بابت درست بنيادي معلومات ڏجي ته جيئن غلط ڳالهين ڪري ڪنهن به تڪليف يا نقصان کان بچي سگهن.

 

ائڊس ۾ هن وقت تائين 3 ڪروڙ 60 لکن کان به وڌيڪ ماڻهو مري چڪا آهن جڏهن ته وقت گذرڻ سان گڏ ان جي علاج ۾ به گهڻي ڪاميابي حاصل ٿي رهي آهي ته ساڳي وقت، سڄيءَ دنيا ۾ ائڊس بابت ڄاڻ پکيڙڻ جو ڪم به هلي رهيو آهي. هت ائڊس بابت ڪن اهڙين غلط ڳالهين جو ذڪر ڪجي ٿو جنکي رد ڪري هن بيماري کي پکڙجڻ کان اثرائتي طريقي سان روڪي سگهجي ٿو.

 

·         ائڊس جي هڪدم خبر پئجي وڃي ٿي: ڪيترا ماڻهو سمجهندا آهن ته ائڊس جي بيماري ٿيڻ جي هڪدم خبر پئجي وڃي ٿي ۽ مريض جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي. جڏهن ته اهو هڪ اجايو خيال آهي. ڇو ته، عام طور تي ڪنهن به فرد ۾ ائڊس هجڻ جي ڄاڻ ڪيترن سالن تائين پئجي نٿي سگهي ۽ ان جون نشانيون به ظاهر نٿيون ٿين. انٽرنيشنل ائڊس سوسائٽي جي ايگزيڪيوٽو ڊئريڪٽر جو چوڻ آهي ته ڪيترين حالتن ۾ ڪو شخص 10 سالن تائين به ايڇ آءِ وي هوندي زندگي گذاريندو رهي ٿي پر تنهن هوندي به ان جي ڄاڻ پئجي ناهي سگهندي. جڏهن ته اهڙي فرد جي مسلسل صحت خراب رهڻ سبب تپاسون ڪرائڻ گهرجن خاص طور تي جيڪي فرد جنسي بيراهه رويءَ ۾ ملوث هجن ٿا تنکي ڪجهه عرصي کانپوءِ پنهنجي ايڇ آءِ وي هجڻ جي تپاس ضرور ڪرائڻ گهرجي.

 

·         ائڊس جي ڄاڻ پوندي ئي علاج نه ڪرائڻ: صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته جيئن ئي هن بيماري جي خبر پوي ته هڪدم ان جو علاج ڪرائڻ شروع ڪجي ته جيئن مريض جي جسماني دفاعي نظام (اميون سرشتي) کي سگهارو ۽ محفوظ بڻائي سگهجي. شروعات ۾ روزانو، اينٽي ريٽرو وائرل (اي.آر.ٽي) علاج شروع ڪجي ته جيئن هن بيماريءَ کي جسم ۾ پکڙجڻ کان روڪي سگهجي. ڇو ته، ترت علاج شروع ڪرڻ سان انساني صحت تي ڊرامائي تبديلي پيدا ٿئي ٿي ۽ اڳتي زندگي بهتر طريقي سان گذاري سگهجي ٿي.

 

·         ائڊس سبب پريشان نه ٿجي: ڪيترن ماڻهن جو ويچار آهي ته جيئن ته ائڊس جو سولائي سان علاج ٿي سگهي ٿو ان سبب پريشان نه ٿجي. جڏهن ته، اهڙي سوچ رکڻ غلط آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪيترا ماڻهو اهوئي ڀائين ٿا ته اڄ کان 10 سال اڳ ائڊس جو علاج ڪرائڻ مسئلو هوندو هيو پر اڄ هاڻ ناهي، جڏهن ته هاڻ به ائڊس سبب هر سال 12 لک ماڻهو موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ شايد اهو ٻڌي کين حيراني ٿئي ته هر سال 600 فرد ايڇ آءِ وي ۾ متاثر ٿين ٿا.

 

·         ائڊس ۾ مبتلا حامله مائرن جا ٻار به ائڊس ۾ مبتلا ٿين ٿا: ضروري ناهي ته ائڊس ۾ مبتلا ڪنهن حامله ماءُ جو ٻار به ائڊس ۾ مبتلا ٿئي ته بنا علاج جي به ڪنهن ٻار جي ائڊس ۾ مبتلا ٿيڻ جا رڳو 25 کان 33 امڪان ٿين ٿا. جڏهن ته اهڙي خطري کي پري ايڪسپوزر پروفاليڪسز جهڙي علاج رستي وڌيڪ گهٽائي سگهجي ٿو. ڏکڻ ائشيا جي سينٽر فار ائڊس پروگرام جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته اي آر وي دوا ڏيڻ سان ڪنهن ماءُ کان سندس ٻار ڏانهن ائڊس منتقل ٿيڻ جي عمل کي سولائي سان روڪي سگهجي ٿو. جنهن سبب اهڙو خطرو گهٽجي رڳو هڪ سيڪڙي تائين ٿي وڃي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته، ڏينڀوڙيون ۽ نشي پتي لاءِ سيون هڻائڻ سان ائڊس نه ٿيڻ جو تاثر غلط آهي ڇو ته اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ائڊس جي بيماري رت رستي منتقل ٿئي ٿي ۽ جيڪي سيون ڏينڀوڙين لاءِ استعمال ڪيون وڃن ٿيون انهن کي عام طور تي جيوڙن کان پاڪ صاف يا اسٽرلائيز نٿو ڪيو وڃي جنهن سبب ائڊس سولائي نون فردن ۾ منتقل ٿي سگهي ٿي.

 

·         ايڇ آءِ وي موت جو پروانو آهي: ڪيترا فرد ايئن سمجهندا آهن ته ائڊس ٿيڻ جو مطلب موت يا موت جي سزا آهي ۽ ان جو ڪو به علاج موجود ناهي. جڏهن ته ان جي ترت علاج شروع ڪرائڻ سان ان جي وڌڻ کي اثرائتي طريقي سان روڪي جسم جي مزاحمتي نظام کي بهتر ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته 95 کان 99 سيڪڙو اهڙا فرد جيڪي اي آر ٽي علاج ڪن ٿا اهي عام رواجي زندگي گذارين ٿا.

 

·         ايڇ آءِ وي ۽ ائڊس ساڳي ڳالهه آهي: اصل ۾ ايڇ آءِ وي (HIV، هيومن اميونو ڊيفيشنسي وائرس جو مخفف) هڪ وائرس آهي جيڪو ائڊس (AIDS، اڪائرڊ اميونوڊيفيشنسي سنڊروم جو مخفف) پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ ٿئي ٿو. جڏهن ته ان جي مناسب علاج ڪرڻ سان ڪنهن به اهڙي فرد کي سڄيءَ حياتيءَ لاءِ ائڊس کان بچائي سگهجي ٿو. ائڊس، ايڇ آءِ وي رستي پکڙجندڙ بيماريءَ جي آخري اسٽيج آهي جنهن سبب انساني جسم جو دفاعي نظام (اميون سرشتو) سختيءَ سان متاثر ٿي پوي ٿو.

·         ائڊس جي خبر پوڻ کانپوءِ اهڙو مريض ڊگهي زندگي گذاري نٿو سگهي: ايئن ناهي. ڇو ته ائڊس جي علاج ۾ ٿيندڙ واڌارن ۽ سڌارن سبب اهڙي سوچ مٽجي ويئي آهي ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ترت ۽ لاڳيتي علاج رستي اهڙو فرد وري صحتمند ٿيڻ شروع ڪري ٿو ۽ هڪ عام انسان جيان ڊگهي زندگي گذاري سگهي ٿو. جڏهن ته مستقبل ۾ هن بيماريءَ جو اڃان به جديد علاج متعارف ڪرايو ويندو. سال 1985 ۾ ائڊس جو ڪو به علاج موجود نه هيو. 1995 ۾ هڪ گوري متعارف ڪرائي ويئي جنهن رستي هن بيماريءَ کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي. سال 2005 ۾ ان جي علاج لاءِ ٽي گوريون متعارف ڪرايون ويون. جڏهن ته سال 2015 ۾ جيڪي انجيڪشن متعارف ڪرايون ويون اهي ٽن مهينن تائين اثرائيون ثابت ٿي سگهن ٿيون.

 

ٻئي پاسي کان پاڪستان جي هڪ مشهور انگريزي اخبار ڪجهه وقت اڳ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ ملڪ ۾ ائڊس جي صورتحال بابت هيٺين خيال جو اظهار ڪيو آهي: جيتوڻيڪ عالمي سطح تي گذريل ڏهاڪو سالن کان ايڇ آءِ وي جي بيماريءَ ۾ گھٽتائي آئي آهي پر تنهن هوندي به پاڪستان انهن چند علائقائي ملڪن منجهان هڪ آهي جتي ايڇ آءِ وي جي مريضن ۾ مسلسل واڌارو ٿي رهيو آهي. يو اين ائڊس (UNAIDS) مطابق پاڪستان انهن 35 ملڪن منجهان هڪ آهي جتي ايڇ آءِ وي/ ائڊس تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ سرڪار کي اهڙن پروگرامن شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هن بيماريءَ جي بچاءَ، چڪاس ۽ علاج جي سهولتن ۾ موجود خلائون پر ڪري سگهجن. هن وقت ائڊس جهڙي موتمار وائرس ۾ 130,000 کان مٿي فردن جي مبتلا هجڻ جي تصديق ڪندي نيشنل هيلٿ سروسز جي وزرات، مطابق، ايڇ آءِ وي جي وائرس ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي جنهن سبب هن وبا کي روڪڻ لاءِ ترت عملي قدمن کڻڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته اسانجي صحت جي پاليسن ۾ موجود نقص ۽ هلندڙ ايڇ آءِ وي جا سرڪاري سينٽر فنڊن جي کوٽ سبب هن هاڃي جي جڙ آهن. جيتوڻيڪ، ايڇ آءِ ويءَ جو علاج مشڪل آهي پر تنهن هوندي به عالمي سطح تي اينٽي.ريٽرو.وائرل علاج هن وائرس جي علاج لاءِ ڪامياب ثابت ٿيو آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ ايڇ آءِ وي جي گهڻن مريضن کي اهڙين دوائن جيِ گهٽ ۾ گھٽ پهچ آهي. ان سلسلي ۾ تازو، سنڌ ائڊس ڪنٽرول پروگرام رڳو ڪراچيءَ ۾ موجود ايڇ آءِ ويءَ جي 42,000 مريضن لاءِ فنڊن نه هجڻ سبب انهن جي علاج نه ڪري سگهڻ جو مثال ڏنو آهي جيڪو گذريل 20 سالن دوران ايڇ آءِ وي مريضن جو سڀ کان وڏو انگ آهي. ڇاڪاڻ ته ايڇ آءِ وي سان منهن ڏيڻ ڪنهن موتمار وائرس سان منهن ڏيڻ کان گهڻو وڌيڪ آهي جو ان سان گڏ اهڙي فرد کي سماجي ڪلنڪ سان به منهن ڏيڻو پويٿو. تنهنڪري ضروري ٿي پيو آهي ته ميڊيا رستي عام ماڻهن کي هن بيماريءَ کان آگاهه ڪيو وڃي.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment