شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

دراوڙ ميرڙو آھيان


شام 06 لڳي 03 منٽ -ڇنڇر 25 مئي 2019  293 
image-1

ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن تي لکڻ لاءِ تمھيد جي ضرورت ڪانھ پوندي آھي ۽ اڄ آءُ پنھنجي ڳالھ جي شروعات، بنا تمھيد جي ڪرڻ چاھيان ٿو ۽ منھنجي ڳالھ جو موضوع شعري مجموعو ”دراوڙ ميرڙو آھيان“ آھي. ھن ڪتاب جو شاعر اسان جو دوست عمر تيوڻو آھي. عمر بنيادي طور ھڪ قومي ڪارڪن رھيو آھي ۽ ان جي ڪري سندس شاعريءَ ۾ قوميت جو عنصر نمايان ۽ سگھارو آھي. سندس شاعريءَ جي خوبي اھا آھي تھ اھا عام فھم ۽ سادي آھي.

”دراوڙ ميرڙو آھيان“ پڙھي ڪري اوھان اھا راءِ ڏئي سگھو ٿا تھ عمر جي شاعري نج ڳوٺاڻي زندگيءَ جو ھڪ حسين پورٽيٽ آھي، جنھن تي سارين، ڪڻڪن، گلن، پوپٽن ۽ پکين جا ولر پينٽ ٿيل آھن. مون جڏھن عمر جا نظم پڙھيا تھ ھوبھو ھن جي نظمن ۾ منھنجي محبوب شھر ميھڙ ۽ ان جي ڀرپاسي جي ڳوٺن جي تصوير مون کي نظر آئي. ھڪ حقيقت اھا بھ بيان ڪندو ھلان تھ ھن علائقي جي اڳ ڪڏھن بھ تاريخ لکي نھ وئي آھي ۽ نھ ئي وري ھن علائقي کي اڳ ڪڏھن ان انداز سان بيان ڪيو ويو آھي. جھڙي طرح عمر پنھنجي نظمن ۾ ھن علائقي کي بيان ڪيو آھي. سندس نظم ”ھليو اچ ھيل او سانول، ميھڙ“ ۾ ان جا مثال چٽا آھن.

عمر تيوڻو ڌرتيءَ جو شاعر آھي، سندس شاعري ۾ وطن ول جيئن وريل نظر اچي ٿو. ان کانپوءِ ھن جي شاعري جو سگھارو پاسو جماليات وارو آھي، ھو ھن وقت تائين پاڻ کي ھڪ سگھاري شاعر طور مڃرائي چڪو آھي، ڇو جو ان شاعر کي مڪمل شاعر سمجھو ويندو آھي جنھن کي پنھنجي ڌرتي ۽ آسمان ھجي ۽ عمر وٽ اھي ٻئي شيون پنھنجيون نظر اچن ٿيون.

ويجھي ماضي ۾ جيڪا شاعري سرجي اڳيان آئي آھي خاص ڪري نظم جي صنف ۾ ان ۾ وطن وڏ ڦڙي جيان وسندي نظر اچي ٿو، جيڪا ھن وقت جي ضرورت بھ آھي. نظمن ۾ شھرن کي ڳائڻ امداد حسيني ۽ حسن درس جي شاعري ۾ سھڻو لڳي ٿو، ٻيو روحل ڪالرو ۽ گلزار جي نظمن ۾، ھنن شاعرن جا اڪثر نظم شھرن تي لکيل آھن پر اھي ”شھر آشوب“ نھ آھن. اھي بنھ منفرد انداز سان مختصر ۽ جامع موضوع ۾ وڻندڙ ۽ تاريخ ساز آھن. مثال گلزار جي نظم ”خيرپور ناٿن شاھ“ ۾ جيڪو ھن پنھنجي شھر جو مرثيو ڳايو آھي اھو ھن شھر جي ويجھي ماضيءَ جو المناڪ باب آھي جيڪو غم ۾ ٻڏل ھوندي بھ وڻي ٿو. گلزار جي عام نظمن جي بيھڪ جيان عمر جي نظمن جي بيھڪ بھ نرالي آھي. عمر جو ڪوبھ نظم کڻي پڙھو تھ لڳندو جھڙوڪر اوھان جي اڳيان سنڌ ڌرتيءَ جو مڪمل نقشو رکيل آھي ۽ اوھان کي اروڙ کان ويندي مياڻي ۽ ڪاڇي کان ڪارونجھر تائين ھجڻ جو احساس ڏياري ٿو.

”دراوڙ ميرڙو آھيان“ جي مھاڳ ۾ عمر جي شاعري بابت علي آڪاش جيڪي تعاريفي ڳالھيون لکيون آھن اھي انصاف پسندي تي ٻڌل آھن ۽ سندس راءِ جا ھيٺيان ٽي حصو قبول جوڳا آھن:

ائين لڳي ٿو ھو فطري طور نطم جو شاعر آھي.

ٻين لفظن ۾ عمر تيوڻو پنھنجي وطن جو جديد پٽ ۽ چارڻ آھي، جنھن جي شاعريءَ جو مقصد ئي وطن کي ڳائڻ وڄائڻ آھي.

ھو وسيح تر غريب طبقي جو حمايتي شاعر آھي.

ان کانسواءِ بھ علي آڪاش جا لکيل ٻيا ڪيترائي نقطا ڳڻائي سگھجن ٿا. پر طوالت کان بچندي آءُ عمر جي شاعريءَ ڏانھن اچان ٿو. سندس نظن جا ڪجھ حصا پڙھي ڏسو:

”اسان کي ڪنھن جي تمغي جي،

ضرورت آ نھ، خواھش آ،

اھو اعزاز ڪافي آ،

ٿا سڏجون سنڌ جا وارث

اسان جي سنڌ سان ياري آ،

اسان جي سنڌ صورت آ،

اھا پنھنجي ضرورت آ!“

يا وري:

”ھيءَ ھيڏي ساري خاموشي،

ڇو نانگ ڪکي ويو نعرن کي.“

ان کانپوءِ:

”منھنجي ھڙ ڳري آ توکان

اسان جي جڙ صدين ۾ آھي.“

اھو ئي عمر جي شاعري جو ذائقو آھي، مٿين شعرن ۾ جيڪو مضمون اظھاريل آھي اھو ئي عمر جي شاعريءَ جو سگھارو پاسو آھي، جنھن کي حوالي طور ڄاڻائي سگھجي ٿو. جنھن کي پاڻ مزاحمت چئون ٿا ۽ ھن وقت سنڌ کي مزاحمتي شاعريءَ جي سخت ضرورت آھي ۽ بدقسمتيءَ سان سنڌ اندر ڪابھ عوامي مزاحمت نھ آھي.

ائين بھ نظم ھڪ اھڙي صنف آھي، جنھن ھڪ پوري ڪائنات ھوندي آھي، جنھن ۾ جڳن جي ياريخ سمايل ھوندي آھي ۽ تاريخ جوڙڻ ايتري سولي نھ آھي. پاڻ ھتي نظم جو ذڪر ان ڪري بھ ڪري رھيا آھيون جو ھن ڪتاب جي تخليقڪار جي سڃاڻپ جو صنفي حوالو نظم آھي. ٿلھي ليکي ان راءِ کي رکجي ٿو تھ نظم کي ايترو سولو نھ ورتو وڃي، جيترو پاڻ وٽ ورتو وڃي ٿو. ڳالھئين جي ڳنڊ کولڻ وقت مون کي ھڪ ھيرو ھٿ لڳي ٿو ۽ اھو ھيرو جڏھن مان تريءَ کڻي ڏسان ٿو تھ اھو مون کي مھاراجا ڏاھر جي تاج جو ٿو لڳي ۽ ڏور ڏور تائين انڊلٺي لاٽ اڇلي ٿو ۽ اھو ھيرو اڄ اسان سڀني آڏو ”دراوڙ ميرڙو آھيان جي صورت سامھون آھي، ھن ڪتاب کي جڏھن کولجي ٿو تھ ھڪ اھڙي دنيا ۾ داخل ٿجي ٿو جنھن جھرڪين ۽ ھرڻن جي ٻولي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ۽ جھچ سائو باغ سونھن پسائي ٿو.

  ”دراوڙ ميرڙو آھيان“ ۾ ڪيترا ئي نظم نرالا ۽ حوالي طور رکڻ جھڙا آھن، ڪتاب جو پھريون نظم ”تعارف“ ھڪ مڪمل نظم آھي، جيڪو نھ رڳو ھن شاعر جو پر سنڌ جي ھر ھڪ ماڻھو جو پورو پورو تعارف آھي. ان سلسلي ۾ نظم ”فيض محل“ ۽ ”وڇوڙو“ سميت ٻيا بھ ڪيترائي نظم آھن، جيڪي ڳڻائي سگھجن ٿا. عمر تيوڻو دراوڙ ديس جو اھو چارڻ آھي جنھن وطن جي وڻن، ڳوٺن کي نظمن ۾ ڳايو آھي، ھو اھو چارڻ آھي جنھن جھر جھنگ وڃي آزاديءَ ۽ آسودگيءَ جا ڳيت ڳايا آھن ۽ ھڪ چارڻ جو ڪم بھ تھ اھو ئي ھوندو آھي نھ. ھن اھو ثابت ڪري ڏيکاريو آھي تھ ھڪ شاعر نھ رڳو قلم جو وارث ھوندو آھي پر سندس قلم ڪنھن جوڌي جي تلوار مثل ھوندو آھي، اڄ بھ عمر جي چپن تي اھو ئي چنگ چري رھيو آھي جنھن جي سُر ۾ سر ڏيڻ جي صدا آھي ۽ اھا صدا سنڌ جي سينڌ سوارڻ ۽ سنڌو جي رواني جي راھ ھموار ڪرڻ آھي، اھا راھ، جنھن جو اظھار اياز جاني ھن نموني ڪيو آھي:

”دراوڙ دل جي تنھائي، وصل جو ڪاڄ ماڻيندي،

جڏھن شوراج ماڻيندي!“

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment