شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 18 - آگسٽ - 2019ع

نبي سر کان روپالي تائين سفر


شام 06 لڳي 27 منٽ -اربع 22 مئي 2019  157 
image-1

 

آصف جو ننڍپڻ نبي سر ۽ عمرڪوٽ جي انهن ماڻهن، عزيزن قريبن ۽ مٽن مائٽن جي وچ ۾ گذريو آهي، جتي غربت پنهنجي جاءِ تي هئي پر گڏوگڏ عزت ۽ محبتن جا ميلا به هئا. اڄوڪي ”روپالي“ ۾ انهن جي لکڻين ۾ انهي جا بلڪل چٽا عڪس نظر اچن ٿا. امڙ مريم ۽ ماما موسيٰ جي جهولين ۾ ڊاڪٽر شاهد، وحيد، نديم ۽ آصف جهڙا ماڻهو نبي سر جي انهن دڙن ۽ ڪچن رستن تي وڏا ٿيندي گهرن کي لوڙها ڏيڻ ۽ سنڌو درياهه جي درد کي ڇهڻ تائين گهڻو ڪجهه ڏٺو. آصف پاڻي جي ڪهاڻي کي دل سان ڇهيو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي بهتر انسان ٺاهڻ لاءِ ڪراچي لاهور ۽ اسلام آباد تائين وڏا ڪشالا ڪڍيا آهن.

 ٻاروتڻ ۾ ڏڪارن کي اکين سان ڏنو ۽ روح ۾ پسيو آهي جن جو عڪس ٻارڙا سوچين ٿا ۾ بلڪل چٽو آهي. ”ڪاڙرو ڪنڀارڙو مولا ان پاڻ ڏي مولا مينهڙو وسائي“. هتان جي ماڻهن جو ڏڪار وارن ڏينهن جي صدا آهي. ڪارونجهر جي حسناڪين کي قيد ڪرڻ لاءِ آصف ”روپالي“ ڪتاب ۾ گوڙي جي مندر، ڀوڏيسر جي مسجد مال جي چڙن جي آواز، موسيقي جي مقامي محفلن، سياحن جي درد، مڃتائون ڪندڙ اپسرائن جي پيرن ۾ ٿيندڙ ڪتڪولين جو ذڪر به ڪري ٿو ته لوءِ وارن ڏينهن ۾ گرم لڪن ۽ اُستاد يوسف ۽ ان جي درد جي ڀلي نموني عڪاسي ٿو ڪري. گڊ باءِ يونيورسٽي ۾ رڌم جو درد روپالي ڪتاب جي پيج نمبر 75 تي موجود آهي، جنهن ۾ آصف پروفيسر غفور جي حياتي کي ردم جي واتان کلڻي نموني جو رايو آهي. اهڙا پروفيسر اڄ جي سنڌ جي نيائين جي هزارين اُمنگن کي قتل ڪندا ٿا وتن سنڌ جي يورسٽين جي اهڙن ماڻهن کي سنڌي ميڊيا جي ادارن ڀلي نموني وائکو ڪيو آهي ۽ هن ڪراچي جي ڏوهن واري زندگين کي ڪهاڻين سامهوبن آندو آهي. جيڪي هن شهر جي روشينن ۾ لڪيل آهن. آصف جي خيالن جي وسعت ۽ گهرائي سندس روپالي ٻيڙائن کي ماما حڪيم ۽ نانا نظر محمد جي چڪ جي پوز ۾ ڏنو آهي. روپالي سنڌ جو دردن ۽ عاشقن جي ٻيڙائن کي روپالي جي صورت ۾ آندو آهي.

”سوچن جو وجود“ ۾ هڪ ڇوڪريءَ کي بيوقوف جي مهاراڻي ڪري پيش ته ضرور ٿو ڪري پر هن کي سوچن جي آّخري جھيڙي تائين وٺي ٿو وڃي. قبرن بابت پڇي ٿي، رڙيون ڪري چوي ٿي ته مون کي ٻڌو سندس انهي آواز کي دل جي وسعتن ۾ سانڍي مون بابت سوچڻ تي مجبور ڪري کيس سنڌ جي جھرندڙ تاريخ ڏانهن وٺي وڃي پڙهندڙن کي سنڌ جي تاريخ جي فرياد ٻڌائي ٿو، جيڪا هڪ ڪامياب ليکڪ جي نشاني آهي ته اهو اهم مسئلن کي اجاگر ڪري ٿو ۽ ماڻهو کي تاريخ پڙهائي ٿو ۽ هُن کي سهڻي، سئي مارئي محسوس ٿو ڪرائي، جيڪا زماني جي روش مان تنگ ٿي پنهنجا حق غصب ٿيندي ڏسي ڪنهن درگاهه جو رخ ٿي ڪري.

رومانس زندگي جو اهم حصو رهندو آيو آهي. ليکڪ رومانس جي جيڪڏهن پنهنجي قلم جي نوڪ هيٺ نه ٿو آڻي ته ڄڻ لکڻ اجايو آهي، هن لکڻي ۾ ليکڪ پنهنجي بي ترتيب زندگي کي سامهون ٿو آڻي، جيڪا سندس ذهني سُڪون جي عڪاسي ڪري ٿي

دل شڪته انسان ٻاروتڻ ۾ پرائمري ڪلاس ۾ پنهنجي يا پرائي سليٽ تي سج جي تصوير ٺاهي ان کي ٿڪ سان مٽائڻ واري ڳالهه ڪرڻ سان گڏ ان جي برادري کي سامهون آڻي ٿو ۽ گڏوگڏ بستر تي ڪريل وار ۽ ڪن ۾ پاتل واليءَ جي اندازن جي ڪلاسيڪل نموني سان عڪاسي ٿو ڪري.

”صنم“ هن لکڻي ۾ ڏک، اونداهي، خاموشي ۾ پنهنجي وجود کي ڳولهڻ جو ذڪر ڪري ٿو. آصف سياست کي پڙهندو ۽ ان تي ڳالهائيندو رهيو آهي. ملڪ جي سياسي انتشار ۽ قوم جي مستقبل سان گڏ واندن ۽ نڀاڳن پٽن ۽ نياڻين جي وڏي ٿيڻ ۽ سندس لاءِ مناسب رشتن جي ملڻ جيڪو اڄ وڏو مسئلو آهي، ان کي ڇهي ٿو. هڪ پوڙهي سان ڪچهري ۾ ليکڪ انسان جو ڏينهون ڏينهن ڪُن ۾ ڦاسڻ ۽ سنڌي قوم ۾ موجود پوڙهن ذهنن جي عڪاسي ڪري ٿو. حقيقتن جو حامي ٿي لکڻ کان پهرين تجربو ۽ تحقيق ليکڪ کي وڌيڪ سگهارو ڪندي آهي.

سر نيازي جي ڪردار کي احساس محرومي ۾ ڏيکارڻ وري کيس رومانس لفظن سان ائين پيش ڪيو آهي جو مختلف رنگن جون شرٽون پائڻ، ڪچهريون ۽ گهڻو ڪجهه. هي ڪهاڻي سنڌي سماج کي هضم ته ڪونه ٿيندي پر مونا ۽ مرڪ جي ڪردار مائٽن جي لاپرواهي جي ڪري وري به هڪ رجيڪٽيڊ پروفيسر جي زندگي جو شڪار ٿي وڃي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment