شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 18 - آگسٽ - 2019ع

پراڻا ڪتاب ۽ جُلد چاڙهيندڙ غلام حسين


شام 03 لڳي 15 منٽ -خميس 16 مئي 2019  162 
image-1


شهر جو مصروف ترين روڊ سج اُڀرندي ئي گاڏين جي گوڙ ۾ ٻڏي ويندو آهي، انهيءَ روڊ تي رات دير تائين دونهن جي ڪڪرن ڪارڻ واٽهڙن جون اکيون خارش ۾ وٺجي وينديون آهن. رات ٽاڻي آسمان تي ٽمڪندڙ تارا به دونهن ڪارڻ گهٽ نظر ايندا آهن، پر هاڻ شهر ۾ ستارن ئي ڏسي ئي ڪير ٿو، جيڪي ڄڻ ته آسمان جا ٽانڊاڻا آهن. رات جو جڏهن ان روڊ تي اچ وڃ گهٽجي ويندي آهي ۽ ڀرپاسي ماٺ واسو ڪندي آهي ته انهن کُڏين جهڙن دڪانن جا در به بند ٿي ويندا آهن، جتي ڏينهن جو ڪي پوڙها جهور ۽ جوان هٿ ڪتابن جي ڄمار ۾ واڌ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پيا هوندا آهن، جن کي شهر واسي ان اميد تي انهن حوالي ڪري ويندا آهن ته انهن جي هٿن مان نڪري انهن ڪتابن کي نئين حياتي ملي وڃي. اهي هٿ انهن جُلد ٺاهيندڙن آهن، جيڪي ڪئين ڏهاڪن کان حيدرآباد جي سرفراز چاڙهي ۽ ڇوٽڪي گهٽيءَ تي ڪتابن سان وقت گهاري رهيا آهن.

فوٽو: اختر حفيظ

جيڪو رستو سرفراز چاڙهي جي نالي سان مشهور آهي، اهو ئي سرفراز چاڙهي آهي، جنهن کي سنڌ جي ڪلهوڙا حڪمران گهراڻي جي ميان سرفراز ڪلهوڙي جي نالي ڪيو ويو آهي، جنهن کي تخت ان وقت نصيب ٿيو، جڏهن ميان غلام شاهه ڪلهوڙو پرلوڪ پڌاري ويو. پر هو هڪ ڪمزور حاڪم هو. درٻار جي سازشن جي شڪار ڪلهوڙا حاڪمن پنهنجو وقت سازشن جي گهيري ۾ گذاريو. درٻار شاهه کان وڌيڪ شاهه جا وفادرا ته پيدا ڪندا آهن پر غدار به انهن ئي درٻارن ۾ جنم وٺندا آهن. ٽالپرن جي حملي انهن کي اقتدار ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

حيدرآباد شهر جي ڇوٽڪي گهٽي ڪنهن زماني ۾ واڍن سان ڀريل هوندي هئي، جتي ڪاٺ جو فرنيچر ۽ ٻيون شيون ٺاهيون وينديون، رندي جي رڳڙ سان ڪاٺ مان نڪرندڙ ڇوڏا هر هنڌ پکڙيا پيا هوندا هئا ۽ اهي اهڙي ريت پيا هوندا هئا جو گهٽيءَ جو فرش به نظر نه ايندو هو. جنهن جي ڪري ان جو نالو ان زماني ۾ ”ڇوڏڪي گهٽي“ پئجيي ويو پر وقت گذرڻ سان اهو نالو ”ڇوٽڪي گهٽي“ ٿي ويو. پر پوءِ اها گهٽي واڍن کان خالي ٿي وئي. هاڻ ان گهٽي ۾ راندين جي سامان ۽ بجلي جا دڪان آهن ۽ ڪجهه ڪتابن تي جلد چاڙهيندڙ به آهن. پر ڪن جو خيال آهي ته هتي ذات جا ڇُٽا رهندا هئا.

ان وقت حيدرآباد ڪهڙو هو، اهو بس تصور ڪري سگهجي ٿو، پر اڄوڪو حيدرآباد ڪهڙو آهي، ان کي کليل اکين سان ڏسي سگهجي ٿو. جتي ڪجهه ڏڪندڙ هٿ پنهنجو پيٽ پالڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ۾ لڳا پيا آهن.

اڄ اسين جن ڪتابن مان مزو ماڻيندا رهندا آهيون، انهن کي پڙهڻ هڪ عادت ٺاهي چڪا آهيون، انهن ئي ڪتابن صدين جو سفر طئي ڪيو آهي، ڪڏهن ڪتاب لکندڙن کي قيد جون مصيبتون سهڻيون پيو ته ڪڏهن انهن جي ڪتابن کي ضبط ڪري انهن تي ڪيس ٺاهيا ويا. پر ڪتاب جي هاڻوڪي صورت يعني اي بوڪ ۽ ڪاغذ تي ڇپجندڙ ڪتاب ايترا پراڻا نه آهن. شايد ڪتاب لکڻ جو رواج ان وقت پيو، جڏهن انسان وڻن جي پنن، جبلن جي سينن ۽ مٽيءَ جي ٽڪرن تي ڪجهه لکڻ شروع ڪيو هو. ان انسان پنهنجن خيالن کي لفظن جو روپ ڏئي هر لکت واري شڪل ۾ اظهار ڪيو هوندو. انهن جا نشان اسان کي قديم تهذيبن ۾ چٽا نظر اچن ٿا. پر ڪاغذ جي ايجاد کان پوءِ ڪتاب هڪ مستقل شڪل جوڙي ورتي.

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

جيستائين پرنٽنگ پريس ايجاد نه ٿي هئي، ان وقت تائين ڪتاب ڪاتبن حوالي هوندا هئا. هڪ ڪتاب لکڻ ۾ نه فقط سخت محنت گهربل هوندي هئي. بلڪه هڪ ڪتاب کي لکڻ ۾ به گهڻو وقت لڳي ويندو هو، ان ڪري اهي ڪتاب مهانگا به هوندا هئا. جن کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ئي خريد ڪري سگهندا هئا. ڇاڪاڻ ته انهن جو انگ بنهه گهٽ هوندو هو. پر پندرهين صدي ۾ جرمني پاران ايجاد ڪيل پرنٽنگ مشين هڪ انقلاب آڻي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ ڪتابن جي ڇپائي هڪ سولو ڪم ٿي ويو ۽ ڪتاب چڱي خاصي انگ ۾ ڇپجڻ لڳا، جنهن ۾ محنت به گهٽ ٿيندي هئي، جيڪي ڪتاب ڪنهن زماني ۾ مهانگا وڪامندا هئا، ان تي عام ماڻهو جي رسائي ٿي وئي ۽ انهن ڪتابن ڪيترن ئي ماڻهن جي ذهنن کي مٽائي ڇڏيو.

غلام حسين جو ڪٽنب گذريل 25 سالن کان جهريل ڪتابن جي حالت بهتر ڪرڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي. پنهنجي ڀاءَ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ هن اهو دڪان سنڀاليو آهي، جتي هو پنهنجن پوڙهن هٿن سان مزدوري ڪري ڪجهه رپيا ڪمائي وٺندو آهي. آئون جيستائين ساڻس هئس هن جي منهن تي ڪاوڙ جا ڪئين رنگ چڙهندا ۽ لهندا ويا. پنهنجن ڏڪندڙ هٿن سان ان وقت به هو انهن ئي ڪتابن کي ٺاهي رهيو هو، جيڪي کيس شام تائين واپس ڪرڻ هئا. ڪتابن تي جُلد چاڙهڻ لاءِ ڪاغذ، ميدي سان ٺهيل لئي، ڌاڳي ۽ کونئر جو استعمال ڪيو ويندو آهي.

فوٽو: اختر حفيظ

”هاڻ مزو نه رهيو آهي ڪم ۾، هن کان اڳوڻو زمانو ڀلو هو، جيڪڏهن منهنجو ڀاءَ گذاري نه وڃي ها ته آئون هن ڌنڌي ۾ هٿ ئي نه وجهان ها، پر اهو سڀ ڪجهه هن پاپي پيٽ جي ڪارڻ ڪري رهيو آهن.“ هن پيٽ تي هٿ هڻندي چيو. هو ڪم ۾ لڳو رهيو ۽ ڀڻڪندو رهيو. ان وقت سندس سڀ کان وڌيڪ ڪاوڙ حڪومت تي هئي.

غلام حسين جي اکين مان مايوسي هر هر جهاتي پائي رهي هئي. روڊ تي ڊوڙندڙ ٽريفڪ جي گوڙ ۾ به منهنجو سمورو ڌيان هن تي هو.

”هاڻ اهڙو ڇا ٿيو آهي، جو توهان کي هن ڌنڌي ۾ مزو نٿو اچي.“ مون پڇيو

هن پنهنجا هٿ روڪي ڇڏيا ۽ ڪجهه دير لاءِ مون کي تڪڻ لڳو پوءِ چيائين:

 ”بابو اڳ اسان جا قدردان هوندا هئا، ڪتابن کي به ماڻهو اهم سمجهندا هئا. اسان کي پنهنجي ڪم مان واندڪائي نه ملندي هئي، مهانگائي ايتري نه هئي. ان ڪري جيترو به ملندو هو، ان ۾ گذارو ٿي ويندو هو. هاڻ ته ايترا ڪتاب به نٿا اچن ۽ نه ئي ڪمائي ٿي رهي آهي.“

فوٽو: اختر حفيظ

مون کي هن اهي ڪتاب به ڏيکاريا جيڪي هو تيار ڪري چڪو هو. انهن دڪانن ۾ گهڻو ڪري مذهبي ڪتابن تي جُلد چاڙهيا وڃن ٿا. پر ڪنهن زماني ۾ اسڪولن ۾ پڙهندڙ سمورا شاگرد پنهنجا ڪتاب بائينڊ ڪرائيندا هئا ته جيئن اهي وڌيڪ وقت تائين هلي سگهن ۽ پوءِ اهي ڪتاب ڪنهن ضرورتمند شاگرد کي ڏنا ويندا هئا. پر هاڻ اهڙي قسم جون سموريون روايتون ختم ٿي رهيون آهن. اهي جُلد چاڙهيندڙ ڏهاڙي تي ٻه کان چار سئو تائين ڪمائين ٿا. غلام حسين جو چوڻ آهي ته هن آمريڪا ۽ ٻين ملڪن مان آيل ڪتابن تي به جلد چاڙهيا آهن. هن جو مطالبو آهي ته سندن سرڪاري سطح تي مالڪي ڪئي وڃي.

روڊ تي گاڏين جي اچ وڃ جاري هئي، دونهن جا ڪڪر هر ڏينهن جيان هوا ۾ نروار ٿي رهيا هئا ۽ غلام حسين وري به پنهنجي ڪم ۾ لڳو پيو هو. جنهن کي سموري زماني کان شڪايت آهي. مون کيس ڪم ۾ ڏسندي پنهنجو گس ورتو،

هن کي ڏسي مون کي لڳو ته هن جي زندگي هڪ اهڙي ڪتاب جيان آهي، جنهن کي ڪو جُلد چاڙهيندڙ ناهي ملي سگهيو ۽ سندس زندگيءَ جي ڪتاب جو هر پنو وقت گذرڻ سان ڦاٽي رهيو آهي.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment