شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 25 - مئي - 2019ع

زينب ڀيو ڪيس ۾ ٽن ڄڻن کي ڦاهي ۽ هڪ کي جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي وئي

تازھ ترين

ڪھاڻي جي اُڻت، ڪردارنگاري، بيڪ اسٽوري ۽ فليش بيڪ


شام 04 لڳي 34 منٽ -اربع 01 مئي 2019  104 
image-1

ڪنھن بھ نئين ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار کي ادب ۾ نالو ٺاھڻ لاءِ جن ڪجھ اھم شين جي ضرورت ھوندي آھي انھن مان ھڪ ڪھاڻي جي اُڻت (knitting) آھي، جيڪا ھنر بھ آھي تھ ڏات بھ آھي. ڪھاڻي جي اڻت لاءِ ڪجھ اھم ڳالھيون ھن ريت آھن، ڪھاڻي يا ناول جي اڻت گھڻي ڀاڱي ٽي رخي (ٽرايالاجيڪل فارميٽ) ھوندي آھي.

بيانيو: عام طور ڪا بھ ڪھاڻي فرسٽ پرسن، سيڪنڊ پرسن ۽ ٿرڊ پرسن ۾ بيان ڪري سگھجي ٿي، ڪھاڻي جي اڻت دوران سڀ کان پھرين ڳالھ ليکڪ کي اھا ذھن ۾ رکڻ گھرجي تھ ان جو راوي يا بيان ڪندڙ ڪھڙو يا ڪير ھوندو.

ڪردار جي تشڪيل (Character development): ڪھاڻي يا ناول ۾ ڪردار بھ لڳ ڀڳ ٽن قسمن جا ھوندا آھن:

پروٽوگونسٽ: جنھن کي پاڻ ھيرو يا ھيروئين بھ چوندا آھيون.

اينٽوگونسٽ: ولن، منفي ڪردار.

سپورٽنگ ڪردار: اھڙا ڪردار جيڪي مٿين ٻن ڪردارن سان لاڳاپيل ھوندا آھن. ڪردار جي تشڪيل ڏيڻ مھل اھو ڌيان ۾ رکڻ گھرجي تھ ان ڪردار جو ماضي ڇا رھيو آھي ۽ ان وقت اھو ڪھڙي صورتحال ۾ آھي، اھو واقعن ۽ حالتن جو ڪھڙي نموني اثر قبولي ٿو ۽ انھن تي سندس ردعمل ڪھڙو آھي. اڪثر ڪري نئون ڪھاڻي اڇو ۽ ڪارو ڪردار جوڙيندو آھي. ان مان مراد تھ ليکڪ پروٽوگونسٽ کي صفا عيبن کان پاڪ ڏيکاريندو آھي جڏھن تھ اينٽوگونسٽ صفا وحشي ڏيکاريندو آھي. جڏھن تھ عام طور تي انسان گري شيڊ ۾ ھوندو آھي، جنھن ۾ ڪجھ چڱايون ۽ ڪجھ اُڻايون ھونديون آھن. مون کي ذاتي طور تي گري شيڊ وارا ڪردار لکڻ ۾ مزو ايندو آھي.

ڪردار جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني (Emotions of character): ھڪ سٺو ڪھاڻيڪار سندس ڪردارن جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندو آھي، جنھن ۾ داخلي ۽ خراجي احساس اچي وڃن ٿا، ان ڪردار جي ھلڻ ڦرڻ، کان ويندي سندس ننڍن ننڍن عملن جي عڪاسي ڪندو آھي، ڪردار جو مختلف شين تي ردعمل ظاھر ڪندو آھي. سنڌي جي مشھور ليکڪ محترم عبدالقادر جوڻيجو جي چواڻي تھ ناول زندگي جي دوربين بھ ھوندو آھي تھ خوردبين بھ، معنيٰ ناول ڪردار جي آس پاس ننڍين شين کي وڏو ڪري پيش ڪندو آھي ۽ ڏورھاين شين کي ويجھو ڪري پيش ڪندو آھي. ڪردار ڪنھن خاص واقعي يا حادثي مان اڳيان ڪيئن ٿو وڌي اھو پڻ ڪھاڻي جي اُڻت جو اھم حصو ليکيو ويندو آھي.

منظرنگاري: منظر نگاري ۾ زمان (time) ۽ مڪان(space) تي ڌيان ڏنو ويندو آھي. ڪھڙي وقت تي ڪردار ڪٿي بيٺو آھي ۽ ان جي آس پاس ڪھڙو ماحول آھي، ڇا وھي واپري پيو ان کي ڀرپور نموني سان بيان ڪرڻ بھ ڪھاڻي جي اُڻت جو اھم حصو آھي. ھڪ ئي منظر ۾ ڪردار مختلف سچيوئشن ۾ اچي سگھي ٿو، ان جو بھ خاص خيال رکڻ گھرجي ھر ٻئي سچيوئيشن ۾ ڪردار جي ورتاءُ ۾ بدلاءُ کي بھ ڌيان ۾ رکڻ گھرجي. تسلسل: عام طور تي ڪنھن بھ ڪھاڻي ۾ جھول ان کي چيو ويندو آھي جڏھن پڙھندڙ ھڪ ڳالھ يا واقعي ٻئي ڳالھ يا واقعي جو پاڻ ۾ ڳنڍاپو نھ جوڙي سگھي، جنھن سان سندس تسلسل ٽٽي پئي. ڪھاڻي جي اُڻت ۾ ھڪ واقعي جو ٻي واقعي يا ڳالھ سان ڳنڍاپو ضروري آھي.

ليکڪ کي اھو ھر حال ۾ ڌيان ۾ رکڻ گھرجي تھ ھو ڪا بھ اھڙي ڳالھ يا واقعو پوءَ ڀلي اھو ڪيڏو بھ ڇرڪائيندڙ يا مزيدار ڇو نھ ھجي جيڪڏھن ان جو ڪھاڻي سان واسطو نھ آھي تھ ڪھاڻي ۾ شامل نھ ڪري. ڪھاڻي ۾ ٻيو اھم جھول ڪنھن بھ ڪردار جو اوچتو ظاھر ٿي وري اوچتو ئي ڪھاڻي مان غائيب ٿي وڃڻ ھوندو آھي.

بيڪ اسٽوري: ليکڪ لاءِ اھو سمجھڻ ضروري آھي تھ ھن جا ڪردار ڪھڙي نويت جا آھن، انھن جو تعلق ڪھڙي طبقي ۽ سماج سان آھي، ھڪ سٺي ليکڪ جو ڪردار حال سان گڏ ماضي جو خلاصو بھ ڪندو ايندو آھي. مطلب ھڪ تھ ڪردار موجودھ صورتحال تائين ڪيئن پھتو آھي، سندس ماضي ۾ ڪھڙا واقعا ٿي گذريا آھن ۽ انھن جي آڌار تي ئي ڪردار موجودھ صورتحال ۾ ردعمل ڏيکاريندو، ان کي ڪھاڻي اندر ڪھاڻي يا ڪھاڻي در ڪھاڻي بھ چئبو آھي.

فليش بيڪ: فليش بيڪ اھڙا سين ھوندا آھن جن ماضي ۾ ڪردار جي زندگيءَ ۽ سوچ تي اثر ڇڏيو ھجي، فليش بيڪ کي ماضي ڏانھن واپسي بھ چئي سگھجي ٿو. فليش بيڪ سين لکڻ لاءِ ڪردار کي خوابن (ڊريم سڪوينس) يا سوچ ۾ ٻڏي ويل ڏيکاربو آھي ۽ اتان وري فليش بيڪ سين شروع ٿي ويندو آھي جيڪو سدائين ماضي جي حالتن کي بيان ڪندو.

مثال طور: ”ھو اسٽيڊي ٽيبل تي ڪجھ لکڻ لاءِ ويٺو، جيئن ئي سامھون رکيل ناسي پوش واري ڊائري کنيائين تھ ان مان ھڪ بليڪ اينڊ وائيٽ فوٽو اچي سندس ھنج ۾ ڪريو، ھو فوٽو کڻي ان کي غور سان تڪڻ لڳو، ان بيجان بي رنگ فوٽو کي ڏسي سندس اکين آڏو ھن جي زندگي جا حسين ترين پل اچي ويا، ھو گھري سوچ ۾ گم ٿي ويو، کيس اھا ڪاري رات ياد آئي جڏھن نيلم ھن سان آخري ڀيرو ملڻ آئي ھئي......“ ائين فليش بيڪ شروع ٿيندو ۽ اڳيان ھلندو، جڏھن تھ فليش بيڪ سين ختم ٿيڻ کانپوءِ وري اصل سين کي وائينڊ اپ ڪبو، مثال طور:

”ھو سوچن جي ساگر کان ٻاھر آيو، سندس من اندر جي بيقراري وڌڻ لڳي، ھن ھٿ ۾ جھليل فوٽو واپس ڊائري ۾ رکيو، نيلم جي ياد جي ڄار ۾ ڦاسڻ کانپوءِ ھن جي دل لکڻ لاءِ نھ مڃيو، ھو اداسي جو ھڪ عالم کڻي ڪمري کان ٻاھر ھليو ويو.....“

بيڪ اسٽوري ۽ فليش بيڪ جي اڻت مان ئي ھڪ ليکڪ جي ماھرت جي خبر پوندي آھي، جڏھن تھ ھي ٻئي عنصر پڙھندڙ کي ڪھاڻي سمجھڻ ۾ مدد ڪندا آھن. ڪھاڻي جي اڻت لاءِ ليکڪ کي صبر کان ڪم وٺڻ گھرجي، وري وري مختلف پاسن ۽ زاوين کان سوچي، ھڪ سين ٻھ ٻھ ۽ ٽي ٽي ڀيرا لکي، ھڪ ڀيرو ليکڪ کي ڪھاڻي جي اڻت اچي وئي تھ پوءِ ھو سولائي سان پنھنجي ڪھاڻي ۾ لفظن جو ڄار وڇائي سگھندو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment