شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 18 - جولاءِ - 2019ع

اختر حفيظ جي ڪھاڻي ڪتاب ”ٽيهه منٽ“ جو جائزو


شام 09 لڳي 06 منٽ -اڱارو 23 اپريل 2019  201 
image-1


ڪهاڻي نه به لکجي ته اها به ڪهاڻي آهي. اسان جي ڀرپاسي ساهه کڻندڙ انهن وجودن جي ڪهاڻي جيڪي تڪليفون سهندا آهن، محبتون ڪندا ڏکن مان پار پوندا آهن، شڪستون کائيندا آهن، وري حوصلو ماڻيندا آهن. ڪيترا نه سگهارا لفظ آهن، اختر حفيظ جي مجموعي ٽيهه منٽ جي ڪهاڻي ”ميران جي ڪهاڻي“ جا. موجوده ٽهي جي سنڌي ليکڪن ۾ اختر حفيظ اسان کي ادب جي حوالي سان هڪ متحرڪ ڪردار طور نظر اچي ٿو، ساڻس بحيثيت ليکڪ منهنجي پهرئين شناسائي سندس نزار قاباني جي شاعري جي ترجمي ”جڏهن تون کلين ٿي“ طور ٿي. ان کان پوءِ سندس مختلف وقتن تي ڇپجندڙ ڪهاڻيون توڙي مضمون پڙهندو رهيو آهيان، سندس ليک مونکي هميشه متاثر ڪندا رهيا آهن، پر جيڪا خوبي مونکي وڌيڪ متاثر ڪري ٿي سا آهي سندس ادب خاص طور ڪهاڻي جي حوالي سان سگهاري ۽ بي باڪ راءِ. ڪهاڻي جي فن، فڪر جي حوالي سان هتي هو هڪ ڪليئر ذهن رکي ٿو، اتي ڪهاڻي جي بيان ڪرڻ يا لکڻ جي حوالي سان سندس چٽو موقف سامهون ايندو رهيو آهي. ڪهڙي لکڻي ڪهاڻي آهي ڪهڙي نه، ان حوالي سان هو راءِ ڏيندي ڪيٻائيندو ناهي. ان ڪري سندس خود جون لکيل ڪهاڻيون يقينن پڙهندڙ لاءِ وڏي اهميت اختيار ڪري ٿيون وڃن. ان ڳالهه جو اندازو خود اختر کي به هوندو ته جي هو لکڻين جي حوالي سان ڪنهن کي ڳالهائڻ جو ڪيترو موقعو ڏئي ٿو.

تازو سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”ٽيهه منٽ“ آيو آهي. ڪتاب تي پهرئين نظر وجهندي محسوس ٿئي ٿو ته هي تڪڙ ۾ ڇاپيو ويو آهي، ڇپجڻ کان اڳ پاڻ ڪهاڻيڪار به شايد ان تي نظرثاني ناهي ڪري سگهيو، ڪتاب ۾ ٽوٽل 17 ڪهاڻيون آهن، پر فهرست ۾ 16 ڪهاڻين جا عنوان ڏنل آهن، هڪ ڪهاڻي ”چنڊ لهي ويو“ صفحي نمبر 80 تان ٻي ڪهاڻي سان گڏجي وئي آهي. ڪجهه جاين تي پروف جون به غلطيون آهن جنهن جو ليکڪ توڙي پبلشر کي ڌيان رکڻ گهرجي ها.

اختر جي هن مجموعي ۾ شامل ٿيل ڪهاڻين جو انداز بيان يا جنهن شيءِ کي هو بيان ڪرڻ چاهي ٿو ان جو طريقي ڪار نهايت سادو، ڪنهن به قسم جي نه سمجهه ۾ ايندڙ يا سوچ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندڙ فلسفي کان آزاد آهي. سندس ڪهاڻين کي موضوعاتي حساب سان مختلف حصن ۾ ورهائجي ته سياسي موضوع تي ڪهاڻي ”وريل ان پاليٽڪس“ آهي، جنهن ۾ ڳوٺاڻو ماڻهو ٻين جي ڏٽن ۾ اچي اليڪشني سياست ۾ حصو ته وٺي ٿو، پر پاڻ سياست جي الف ب کان به واقف ناهي. هن ڪهاڻي ۾ ڪجهه طنز به آهي ته سياستدانن جا چمچا ڪيئن ماحول کي سنڀاليندا آهن، پر جڏهن اليڪشن ۾ عوام ان ماڻهو کي رد ڪري ٿي ته هو پاڻ کي ان فقير کان به گهٽ ڀانئين ٿو، جيڪو سندس اڇلايل شيرواني پايو بيٺو هوندو آهي.

ماحولياتي حساب سان ”آڪيسجن“ ۽ ”آبي مارشل لا“ ڪهاڻيون آهن، جنهن ۾ پاڻي جي کوٽ توڙي ماحولياتي گدلاڻ سبب آڪسيجن جي کوٽ کي علامتي انداز ۾بيان ڪيو ويو آهي، ٻنهي ڪهاڻين ۾ اهو ٻڌايل آهي ته اها ماحولياتي تباهي هٿ ٺوڪي آهي، جنهن ۾ ڪي سگهارا ماڻهو اهڙو ماحول پيدا ڪري عوام کي آزار ۾ وجهي پنهنجا فائدا حاصل ڪري رهيا آهن، عام طور تي اسان وٽ هاڻي جيئن ته اظهار جي آزادي آهي ان ڪري علامتي انداز  جي بجاءِ ليکڪ سڌي اظهار ذريعي پنهنجي ڳالهه رکندا آهن.

”سار“ ۽ ”تنها مسافت“ بظاهر اهي ٻه الڳ ڪهاڻين جا عنوان آهي، پر پڙهندي اهو محسوس ٿئي ٿو ته ٿوري فرق سان اها ساڳي ڪهاڻي آهي، جيڪا ليکڪ جي اندر جي احساسن کي ظاهر ڪري ٿي، سيٽ اپ تبديل آهي ٻنهي ڪهاڻين جو پر موضوع ۽ احساس ساڳيا ئي آهن. اهي ڪهاڻيون جيئن ته رومانٽڪ ٽريجڊي آهن، ان ڪري نوجوانن جي لاءِ ڪهاڻين ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي توڙي منظر وڻندڙ ثابت ٿي سگهن ٿا. ”باغ“ ڳوٺاڻي زندگي جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال جي عڪاسي ڪندڙ سڌي سنئين ڪهاڻي آهي، جيڪا پڙهي هر ماڻهو پنهنجي آسپاس ايندڙ تبديلي ڏانهن هڪ نظر ضرور ڏسندو.

”ڪال“ ۽ ”3017“ فيوچرسٽڪ ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ليکڪ موجوده دور جي حالتن کي ڏسي ڪري، انهن جي ايندڙ وقت ۾ پوندڙ ممڪنه اثرن کي ظاهر ڪيو آهي، هڪ ڪهاڻي ۾ مذهبي انتها پسندي جي وڌندڙ لهر جي ذريعي ماڻهن سان ٿيندڙ ڪلور کي ظاهر ڪيو ويو آهي، پر هن ڪهاڻي ۾ مثبت پهلو اهو آهي ته ماڻهو ان ظلم مان بيزار ٿي نيٺ ان جي خلاف اٿي کڙا ٿين ٿا ۽ ان ظلم ڪندڙن مان پنهنجي جان آجي ڪرائي وٺن ٿا.

ٻي ڪهاڻي ۾ لسانيات ۽ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ڳالهه ٿيل آهي. سائنسي نظريي واري ان ڪهاڻي ۾ ليکڪ ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ بچاءَ لاءِ ٽيڪنالاجي بجاءِ ماڻهو (ٻولي ڳالهائيندڙ) جي اهميت بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ۽ چيو آهي ته ٻولي ٽيڪنالاجي نه پر ماڻهو ئي بچائي سگهي ٿو. اها ڪهاڻي پڙهندي مونکي انڊيا ۾ رهندڙ ڪنهن سنڌي جي ڳالهه ذهن ۾ پئي آئي ته انڊيا ۾ سنڌين جي تمام وڏي آبادي آهي، سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو پڻ ڏنل آهي، ان جي باوجود اتان جو نئون نسل سنڌي کان ڪٽجندو پيو وڃي، جنهن تي انڊيا ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو ڳڻتي به ڪن ٿا ۽ کين خدشو آهي ته ايندڙ وقت ۾ شايد ئي ڪو سنڌي پڙهندڙ انڊيا ۾ باقي وڃي بچي. موضوع تمام اهم آهي، پر جيڪو انداز هي ڪهاڻي لکڻ لاءِ چونڊيو ويو آهي، ان ۾ اها ڪشش محسوس نه ٿي جيڪا ٻولي جي حوالي سان حساس ماڻهوءَ جي اندر جي احساسن کي جاڳائي سگهي ۽ هلڪي ڦلڪي انداز ۾ ڪهاڻي پڙهي ماڻهو ختم ڪري ٿو ڇڏي. ساڳي طرح ”ڪوئن جو لشڪر“ به اثرائتي ڪهاڻي نه ٿي لڳي ۽ ”ميران جي ڪهاڻي“ جو موضوع گهڻو ورجايل آهي.

هن ڪتاب جون ڌيان ڇڪائيندڙ يا بهترين ڪهاڻيون آهن، ”ڪچي مسيت“ عام سادي ڳوٺاڻي زندگيءَ تي نئين امپورٽ ڪيل مذهبي سوچ جو اثر ۽ ان جي نتيجي ۾ ايندڙ تباهي جي عڪاسي ڪندڙ هن ڪهاڻيءَ جي ٻولي، ڪردار توڙي منظر نگاري ڪافي جاندار آهي. شروع کان وٺي آخر تائين ڪاميابي سان توڙ پڄائيندي ليکڪ موضوع سان انصاف ڪيو آهي. ”جيون پيڙا“ معاشي بيوسي ۽ مجبورين جو شڪار عورت جي ڪٿا آهي، رشيده هڪ اهڙو ڪردار آهي، جو ان جهڙي بيوسي اسان کي هاڻي عام ملي ٿي، مجبوريءَ ۾ ماڻهوءَ کي پنهنجو جسم ئي سهارو ڏئي ٿو، نه چاهيندي به زندگيءَ جو گاڏوگھلڻ لاءِ جسم (عزت) جو سودو ڪندي زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي ڪٿا، خوبصورت ڪهاڻي. ”گلفروش جو موت“ پڙهي لڳو ته اختر هي ڪهاڻي دل جي احساسن سان لکي آهي. ”گلفروش“ هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن جو مقصد هن بدبودار ٿي ويل سماج کي خوشبو جو احساس ڏيارڻ آهي. جيڪو پنهنجي ڪرت کي روزگار کان وڌ ٻيو به گهڻو ڪجهه سمجهي ٿو، اسان کي رگهو باگڙي جهڙن ڪردارن جي اهميت  جو احساس وقت ۽ حالتون ڏيارينديون رهن ٿيون. ڪتاب جي ٽائٽل ڪهاڻي ”ٽيهه منٽ“ هڪ ٻي رومانٽڪ ٽريجڊي. هڪ ئي ليکڪ جون مختلف موضوعن تي ڪهاڻيون پڙهي، ان جي ڪنهن هڪ موضوع ۾ سگهارو انداز هئڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته آئون چوندس ته اختر جنهن موضوع سان سڀ کان وڌيڪ بهتر ۽ اثرائتي انداز ۾ نڀايو آهي سو آهي ”رومانٽڪ ٽريجڊي“ عمومن اهو موضوع فلمن ۾ وڌيڪ سٺو لڳندو آهي جو ڏسندڙ ڪردارن جي پريزينٽيشن سان ان جي اندر جي حساسيت کي بهتر انداز ۾ محسوس ڪري سگهندو آهي. پر اختر جي هي ڪهاڻي پڙهڻ سان پڻ اها ڪيفيت اندر ۾ لهندي محسوس ٿئي ٿي. جنهن جو ثبوت ڪهاڻي جي پڄاڻي تي پڙهندڙ جي اکين ۾ ايندڙ لڙڪ ٿي سگهن ٿا. ڪهاڻي ۾ ڏنل ننڍڙو نثري نظم:

”آسمان تنهنجي ڀاڪر جيترو وسيع آهي

۽ ستارا چمين جيترا

جيڪي آئون توکي ڏيڻ چاهيان ٿو

ڇا هي چنڊ اهو خط ناهي

جيڪو مون توکي ديوانگي جي حالت ۾ لکيو آهي“

آئون سمجهان ٿو ان نظم وانگر اختر هن موضوع تي ديوانگي جي حالت ۾ ئي لکي ٿو.

اختر حفيظ جون هي ڪهاڻيون ڪجهه ناڪام به آهن ته ڪجهه ڪامياب به، ڪجهه ڪهاڻين کي ڪٿي به نه ڳڻبو ۽ ڪجهه ڪهاڻيون موجوده دور جي بهترين سنڌي ڪهاڻين جي فهرست ۾ ضرور شامل ٿينديون. خاص طور منهنجي راءِ آهي ته جڏهن موجوده دور جي بهترين سنڌي ڪهاڻين جو ذڪر ٿيندو ته هن مضمون جي آخر ۾ ذڪر ڪيل ڪهاڻيون ان ذڪر جو لازمي حصو هونديون. ۽ اختر هن ڪتاب ۾ ڪاميابيءَ سان ”ڪھاڻي ڪيئن لکجي؟“ واري سوال جو جواب ڏنو آهي.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment