شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 18 - آگسٽ - 2019ع

ويوا زپاٽا: هڪ شاهڪار فلم


شام 08 لڳي 44 منٽ -جمعو 05 اپريل 2019  265 
image-1

ويوا زپاٽا نالي سان يونان جي جڳ مشهور هدايتڪار ايليا ڪازان جي هدايتن هيٺ ٺهندڙ آسڪر نامينيٽيڊ فلم آهي، جنهن ۾ مارلن برانڊو ليڊ رول ڪيو آهي ۽ سندس ساٿ نڀايو آهي اينٿوني ڪوئين. ويوا زپاٽا جي ڪهاڻي ميڪسيڪو جي انقلابي هاري اڳواڻ ايميليانو زپاٽا سالازار جي زندگي تان ورتل آهي، فلم کي فڪشن جو روپ ڏيڻ لاءِ ايميليانو زپاٽا سالازار جي ڪردار کي جيئن جو تيئن نه کنيو ويو آهي. هن جي انقلابي زندگي جا وڏا واقعا ته مووي ۾ رکيا ويا آهن، پر ان ۾ ڪهاڻي ۽ فلم کي دلچسپ بڻائڻ لاڪجهه واقعن جو اضافو پڻ ڪيو ويو آهي.

فلم جو پهريون سين ايئن شروع ٿئي ٿو ته ميڪسيڪو جي ڏاکڻي علائقي جي انڊين هارين جو هڪڙو وفد مقامي بدعنوان سرڪاري عملدارن جي ڏاڍاين جي دانهن کڻي وڏي وقت کان اقتدار تي قابض صدر سان ملڻ سندس صدارتي محل اچي ٿو، جنهن وفد ۾ زپاٽا پڻ شامل آهي. هارين جو وفد صدر کي ٻڌائي ٿو ته توهان جا سرڪاري ڪارندا اسان جي زمينن تي قبضا ڪري رهيا آهن، جيڪا صدين کان اسان جي آهي. صدر هنن جي دانهن ايئن ئي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ٿو، جيئن هتي جا پاڻ وارا حڪمران ڪندا آيا آهن. ان دوران صدر ۽ زپاٽا ۾ تلخ جملن جي ڏي وٺ ٿئي ٿي. صدر هن کان نالو پڇي ٿو، زپاٽا پنهنجو نالو ٻڌائي ٿو، جنهن تي صدر پاڻ وٽ موجود وفد واري فهرست ۾ زپاٽا جي نالي جي چوڌاري گول دائرو هڻي ڇڏي ٿو.

فائيل فوٽو

اها ملاقات زپاٽا جي ذهن تي اڻ مٽ نقش چٽي ڇڏي ٿي ۽ هو باغي بڻجي جبلن ڏانهن منهن ڪري ٿو. آئون سوچڻ لڳان ٿو ته جبل هر باغي جا دوست آهن، اهي ان کي پناهه ڏين ٿا، ان کي ڳلي لائين ٿا، ان جو بچاءُ ڪن ٿا ۽ هن کي سمجهائين ٿا ته پنهنجو ڳاٽ اوچو رکجان، ڪنهن آمر، ڪنهن ظالم، ڪنهن ڪرپٽ سرڪاري ڪارندي اڳيان ڪڏهن نه جهڪائجانءِ...پوءِ ڀلي ڪٽجي ڇو نه وڃي. ويوا جو ساٿ ڏي ٿو سندس ڀاءَ يوفيميو (اينٿوني ڪوئين). ۽ پوءِ ٻئي ڀائر گڏجي هارين ۽ ٻين باغين تي ٻڌل گوريلا فوج جوڙين ٿا. زپاٽا ميڪسيڪو جي ڏکڻ ۾ ۽ ٻيو گوريلا اڳواڻ پانچو ويلا اتر ۾ ڪرپٽ ۽ ظالم حڪومت خلاف ويڙهه ڪن ٿا. ان جي نتيجي ۾ ڊگهي عرصي کان اقتدار تي قابض صدر جي حڪمراني جو سج لهي وڃي ٿو ۽ هو ملڪ ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو. حڪومت جون واڳون سڌارڪ اڳواڻ فرانسسڪو ماڊيرو جي حوالي ٿين ٿيون.

اتان فلم هڪڙو نئون رخ اختيار ڪري ٿي. زپاٽا ۽ ان جا ساٿي ايئن سمجهن ٿا ته هاڻي انهن جا مسئلا حل ٿي ويندا ۽ هارين کي سندن زمينون واپس ملنديون.

فائيل فوٽو

صدارتي محل ۾ زپاٽا ۽ نئين صدر جي وچ ۾ ڳالهيون ٿين ٿيون. زپاٽا چئي ٿو ته اڳين حڪومت جا سڀ عوام دشمن فيصلا ختم ڪرڻ جو فرمان جاري ڪري سڀ زمينون هارين کي واپس ڪيون وڃن، پر نئون صدر ان تي ترت راضي نٿو ٿئي ۽ اهو موقف اختيار ٿو ڪري ته ان لاءِ قانونسازي ڪرڻي پوندي. زپاٽا چوي ٿو ته قبضا ته غيرقانوني آهن، انهن کي ختم ڪرڻ لاءِوري ڪهڙا قانون؟ بهرحال صدر ان تي راضي نٿو ٿئي. فلم ۾ صدر کي هڪڙو ڊڄڻو ۽ فوج جي اثر هيٺ هڪڙو ڪمزور حڪمران ڏيکاريو ويو آهي. جيڪو هارين کي سندن زمينون ته واپس نٿو ڪري سگهي، پر زپاٽا کان اهو به مطالبو ٿو ڪري ته هو پنهنجي فوج ختم ڪري ڇڏي ۽ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏي، ڇو ته هاڻي امن جو دور موٽي آيو آهي. ان تي زپاٽا ڪاوڙجي هليو وڃي ٿو.

فلم ۾ اڳتي اهو ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن فوجي جنرل صدر کي پهرين قيد ڪري ٿو ۽ پوءِهڪ سازش ذريعي قتل ڪرائي اقتدار تي مڪمل قبضو ڪري وٺي ٿو. مون کي ايئن لڳو ته اها ڪهاڻي جهڙي ڪر هتي هن ملڪ ۾ ورجائي وئي هجي.

هن فلم ۾ ڪجهه سين ڏسڻ وٽان آهن. هڪ سين ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته فوجي ڪنهن ماڻهو کي قيد ڪريو وٺي وڃي رهيا آهن. سرڪاري ڪارندا گهوڙن تي سوار آهن، قيدي پنڌ آهي، ان جا هٿ پويان ٻڌل آهن ۽ ڳچي ۾ سرڪڻ ڦاهي نموني رسو پيل آهي، جنهن جو هڪڙو سرو هڪڙي سپاهي جي هٿ ۾ آهي. ويوا ۽ ان جا ساٿي هن کي ڇڏائڻ چاهين ٿا. سپاهي گهوڙو ڀڄائين ٿا ته قيدي جي ڳچي ۾ رسو ڦاهي بڻجي وڃي ٿو ۽ هو گهوڙي جي پويان گهلبو وڃي ٿو. زپاٽا تلوار سان رسو وڍي ٿو ۽ قيدي بولاٽيون کائيندو فصلن ۾ ڪري ٿو. زپاٽا جو ڀاءَ ڀڄندڙ سپاهي جي پويان لڳي ٿو، پر هو ڀڄي وڃي ٿو. قيدي بچي نٿو سگهي. ان جو مطلب اهو آهي ته زپاٽا حڪومت کي للڪاريو آهي. پر اتي موجود ٻيا ڳوٺاڻا ڊڄن نٿا، اهي زپاٽا کي آڇ ڪن ٿا ته هو سندن گهرن ۾ پناهه وٺي سگهي ٿو، ڇو ته هن سندن ماڻهو جي لاءِپنهنجي زندگي کي خطري ۾ وڌو آهي.

فلم جو اهو سين به شاندار آهي، جنهن ۾ زپاٽا پنهنجي محبوبه سان ملڻ لاءِ گرجا گهر ۾ وڃي ٿو. هن جي محبوبه پنهنجي ماءَ سان گڏ آيل آهي. زپاٽا جو ڀاءَ زپاٽا جي محبوبه جي ماءَ جي پويان ويهي ان جي وات تي هٿ ڏئي ان کي قابو جهلي ويهي ٿو، ۽ پوءِ زپاٽا ۽ ان جي محبوبه جي وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿين ٿيون. وڌيڪ ڇا ٿو ٿئي، اهو ڪونه ٿو ٻڌايان جو توهان جو مزو خراب ٿي ويندو. ان لاءِتوهان کي فلم ڏسڻي پوندي.

فائيل فوٽو

فلم جي جن ٻن منظرن مون کي سڀني کان وڌيڪ متاثر ڪيو، تن ۾ هڪڙو زپاٽا جي گرفتاري جو آهي. زپاٽا کي به ساڳين ريت ڳچي ۾ رسو وڌو ويو آهي ۽ سپاهين جو هڪڙو ٽولو هن کي وٺي وڃي رهيو آهي. زپاٽا جو ڀاءَ اهو ڏسي پٿر چونڊي انهن کي هڪ ٻئي سان ٽڪرائي ٿو. ان جو آواز ٻين تائين پڄي ٿو ۽ پوءِهٿ آهن، پٿر آهن، انهن جا آواز هڪڙي رڌم، هڪڙي لئي، هڪڙو ترنم پيدا ڪن ٿا. هٿ وڌندا وڃن ٿا، پٿر کڄندا ۽ ٽڪرائيندا رهن ٿا ۽ نياپو هڪڙي ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ، هڪڙي جبل کان ٻئي جبل تائين گهوڙي سوارن جي رفتار کان به تيز پڄي وڃي ٿو. جنهن رستي تان زپاٽا کي قيدي بڻائي آندو پيو وڃي، ان رستي جي ٻنهي پاسن کان ماڻهو گڏ ٿيندا پيا وڃن. پوءِ اهو لمحو به اچي ٿو جو سپاهي محسوس ڪن ٿا ته اهي هاڻي قيدي جي ماڻهن جي گهيري ۾ اچي ويا آهن. اهو منظر انتهائي شاندار نموني فلمايو ويو آهي.

مون کي جنهن ٻئي منظر متاثر ڪيو سو اهو هو جو ڪجهه ماڻهو زپاٽا کي دانهن ڏين ٿا ته تنهنجو ڀاءَ هاڻي اسان جي زمينن تي قبضا ڪري رهيو آهي. فلم ۾ اهو پهريون سين آهي، جتي مارلن برانڊو ۽ اينٿوني ڪوئين هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿين ٿا. ڇا ته ٻنهي جي اداڪاري آهي. ڏسڻ وارو فيصلو نٿو ڪري سگهي ته ٻنهي مان ڪير وڏو اداڪار آهي. ڀلان ڀلي جو ڇيهه ناهي، پر ٻنهي ان مختصر سين ۾ ڀلان ڀلي جو ڇيهه ڪري ڇڏيو آهي.

فلم جو اختتام ڪيئن ٿو ٿئي، اهو نه ٻڌائبو. اسان جو ڪم هو ئي ايترو. اسان جي ڪوشش هئي ته توهان ۾ هي فلم ڏسڻ جو چاهه پيدا ڪجي. اهو ڪم  اسان ڪري ڇڏيو. هاڻي توهان پهرين فرصت ۾ اها مووي هٿ ڪريو. لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن جي هي فلم توهان جو وقت وڃائيندي ڪونه، ان جي پاڻ توهان کي خاطري ڏيون ٿا.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment